محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اڄ ڪجهه دوستن جا فيس بوڪ تي مسيج پڙهي اچرج ٿيو ته ٻين دوستن شب برات جي موقعي تي معافين وارا ايس ايم ايس ڇو موڪليا آهن؟
منهنجي خيال ۾ معافين وارا ايس ايم ايس انڪساري، نهٺائي ۽ ٻين جي دل نه ڏکوئڻ وارن جذبن جي نمائندگي ڪن ٿا جن تي دوستن کي هروڀرو مڇرجڻ نه گھرجي ها ـ اهي سڀ ڳالهيون سنڌي ثقافت جو حصو آهن ـ انڪساريءَ سبب ماڻهن ۾ تڪبر ۽ وڏائي ڪونه ٿي اچي ۽ اهڙي ريت ٻين انسانن کي به پاڻ جهڙو يا پاڻ کان بهتر سمجھيو وڃي ٿو، جيڪا چڱي ڳالهه آهي ـ
پر جيئن ته ڪي دوست ڏينهن رات مذهب کي نشان بڻائڻ چاهين ٿا سو اهڙي نفرت ۾ سنڌي ثقافت ۽ چڱين ڳالهين کي به وساري ويهن ٿاـ
اسان ڏٺو هوندو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن دوست جي دعوت ۾ ويندا آهيون ۽ ان دعوت ۾ عاليشان انتظام ڪيل هوندا آهن پر موڪلاڻيءَ وقت اهو دوست اوهان کي ضرور چوندو ته جيڪڏهن ڪا به ڪوتاهي هجي ته معاف ڪجو ۽ بار بار اهڙيون معافيون وٺندو ـ اهڙيون ڳالهيون نيڪ نيتيءَ ڏانهن اشارو ڪنديون آهن ـ ساڳي ڳالهه به اهڙن مسيجن ذريعي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ دوستن کي انهن جي پويان لڪل نيڪ نيتيءَ کي سمجھڻ گھرجي ها ـ