نه سَي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سَي ڪَاتارِيُون پَسِئو بازَارِيُون، هِيَڙو مُون لُوڻُ ٿِيَي سُرُ ڪَاپَائِتِي ڪَاتَارِيُون = ڪَتِڻَ واريون پَسِئو = ڏِسيَو هِيَڙو = هنئڙو, دل, مَنُ لُوڻُ ٿِيَي = ڳريو وڃي، جهوريءَ ۾ جهڄي بيت جو پس منظر ~ نہ وڻن ۾ اُهي وؤڻ آهن ۽ نہ وري اُهي ڪَتِڻَ واريون موجود آهن. ~ سڃيون ۽ سکڻيون بازاريون ڏِسِي منهنجو هنيانءُ ڳريو ٿو وڃي. سمجهاڻي ٽي سؤ سال اڳ سنڌ جي معاشي ۽ اقتصادي بدحالي ڏسي ڀٽائيءَ جي اکين رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن. ڀٽائي جڏهن پورهيتن جا خشڪ چپ، سُڪلَ مُنهَن، اُگهاڙا پير، بت تي ليڙون لڙڪيل، بک ۾ پاھ ٿيندي ڏسي ٿو، بازارون ويران ٿيندي ڏسي ٿو تہ سندس اندر ۾ وَڍَ ۽ هنيانءَ ۾ مُٺ پئجي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ ٿر کان سواءِ اڄوڪي سنڌ ۾ ڏڪار واريون حالتون ناهن، پر پوءِ بہ اڳي جَي ڀيٽ ۾ ڪا تبديلي ۽ ڦيرو ناهي آيو. بک، بي روزگاري، اڻ هوند ۽ مهانگائيءَ ماڻهن جو ساھ ڪڍي ڇڏيو آهي. گذر جي وسيلن، سمنڊ، واپار، تيل، گيس ۽ ڪوئلي تي سنڌي ماڻهن جَي اختيار نہ هجڻ ڪري، ماڻهون پنهنجا ٻار پيا وڪڻن ۽ خودڪشيون پيا ڪن. سو اچو تہ غور ڪيون سنڌ آسودِي هوندي بہ آخر اسان ايڏا ننڌڻڪا، لاوارث ۽ يتيم ڇو ۽ ڪهڙي سبب جي ڪري آهيون...!!؟ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____