محمد راشد شر
سينيئر رڪن
دوستو مون اڊاب ۾ اينيميشن ٌٺاهيو آهي جيڪو ويب تي اپلوڊ ڪرڻ سان ويب تي اينيميٽ نٿو ٿئي.

توهان جي سوال جو جواب هِن صفحي تي آهي.دوستو مون اڊاب ۾ اينيميشن ٌٺاهيو آهي جيڪو ويب تي اپلوڊ ڪرڻ سان ويب تي اينيميٽ نٿو ٿئي.
![]()
هي ڏسو توهان جي ٻڌايل طريقي موجب اپلوڊ ڪئي آهي پو به اينيميٽ نه پئي ٿئي
منهنجا ادا توهان تصوير صحيح اپلوڊ ناهي ڪئي.. توهان سنڌسلامت تي سڌوسنئون اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
توهان تصوير http://tinypic.com/index.php تي اپلوڊ ڪريو ۽ پو ان جو لنڪ هِتي پيسٽ ڪريو..![]()
هي ڏسو ڀلا ٽني تان لنڪ کئي آهي
![]()
بلڪل ادا جي آ£ ايف فارميٽ سيو ڪيو آهي ۽ ٽني تي اپلوڊ ڪري پو£ ئي ان جو يو آر ايل ڪاپي ڪري وري هتي انکي پيسٽ ڪيو آهي پو£ به اينيميٽ نه پئي ٿئي.توهان تصوير کي ڪيئن پيا اپلوڊ ڪريو ادا ؟
ڏِسو ، پهرين ٽني پڪ تي اپلوڊ ڪريو پو اُن تصوير جي لنڪ ڪاپي ڪري هِتي پيسٽ ڪريو..
آسان آهي..
۽ ٻي ڳالھ
ڇا توهان تصوير کي جي.آ.ايف فارميٽ ۾ سيو ڪيو آهي ؟؟
اگر نه ته پو ڦوٽوشاپ ۾ ان فارميٽ ۾ محفوظ ڪري پو اها تصوير اپلوڊ ڪريو.
بلڪل ادا جي آ£ ايف فارميٽ سيو ڪيو آهي ۽ ٽني تي اپلوڊ ڪري پو£ ئي ان جو يو آر ايل ڪاپي ڪري وري هتي انکي پيسٽ ڪيو آهي پو£ به اينيميٽ نه پئي ٿئي.
ادا منهنجو به اهيو ئي طريقو آهي ڏسو
- سڀ کان پهرين توهان تصوير کي ٽني پِڪ تي اپلوڊ ڪريو
- پو ٽِني پڪ جي ويبسائٽ تان هي ڪوڊ ڪاپي ڪريو.
- ۽ هاڻي سنڌسلامت جي ايڊيٽر ۾ پيسٽ ڪريو.
![]()
ادا منهنجو به اهيو ئي طريقو آهي ڏسو
![]()
ادا منهنجو به اهيو ئي طريقو آهي ڏسو
![]()
واه ادا واه ڇا ته ڳاله آهي ايترو آسان حل پهرين ڇو نه پيا ٻڌايو آ ته ڇتو ٿي پيو هيس پر نه ڇڏيومانس.
ها ادا هاڻي ته سُر کي سمجهي ويسجيڪڏهن آسان حل ٻڌايان ها ته پنهنجي مزاج متعلق توهان نه ٻڌايو ها.. ههههه(مذاق پيو ڪريان)
ادا اصل ۾ ڳالهه هي آهي ته سنڌسلامت جي ايڊيٽر جي هيٺيان جيڪو تصوير اپلوڊ ڪرڻ جو سڌوسنئون طريقو آهي اُن ۾ صرف هڪ فارميٽ جي سهولت رکيل آهي.. يعني جيڪڏهن توهان GIF کي اپلوڊ ڪندا ته اها Jpeg ۾ پاڻمرادو ڪنورٽ ٿي ويندي. ۽ هتي اپلوڊ ڪيل تصوير جي نشاني هي آهي ته تصوير جي کاٻي پاسي کان هيٺيان سنڌسلامت جو لوگو لڳل هوندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي اينيميٽڊ تصوير اپلوڊ ڪرڻي آهي ته اها ٽِني پِڪ، اميج شيڪ وغيره جهڙين ويبسائٽن تي اپلوڊ ڪري اُن جو ڪوڊ هِتي سنڌسلامت ايڊيٽر ۾ پيسٽ ڪريو. تمام آسان طريقو آهي..![]()
![]()
![]()