پُورَبَ مارِياسِ، ڪِهِ دَر ڏِيان دانهَڙي؟ مَتيُون ڏِيندَي لَوڪَ کَي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ جَنِين نه جَيهِياسِ، مان لَنءُ لَڳو تَنِ سِين سُرُ پُورَبُ ڪِهِ = ڪنهن مَتيُون = صلاحون، خبرون (مت جي ٻي معنا هوشياري، عقل، هوش پڻ آهي) لَوڪَ = عوام جَيهِياسِ = جهڙي، ان جهڙي مان = مونکي لَنءُ = عشق، نينهن، محبت سِين = سان بيت جو پس منظر ~ پورب پاسي ويل جوڳين جِي سِڪَ مارَي وڌو آهي، سندن دانهن ڪنهن کي ڏيان؟ ~ ٻين کي صلاحون ڏيندَي، مان پاڻ ئي هوش وڃائي ويٺو آهيان. ~ جنهن جهڙو ٿي ئي نٿو سگهان، تن سان محبت ٿي وئي آهي. سمجهاڻي هن بيت ۾ ڀٽائيءَ انهن سامين، سنياسين، ڪاپڙين ۽ جوڳين سان گڏ گهاريل ساروڻيون ساري ساڻن عشق ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي. جن سان دل، منَ ۽ روح سندا رشتا هوندا آهن، سي جڏهن بنا موڪلاڻي هليا ويندا آهن تہ دل اداس ٿي پوندي آهي، روح رهڙجي پوندو آهي. اکڙين جي پنبڻين منجهان موتين مالهائون برسات جيان بنا ساھيءَ وسنديون ئي رهنديون آهن. حضرت عشق جنهن جو مهمان ٿيندو آهي، تنهن جو سک، سڪون ۽ آرام کسي وٺندو آهي. موٽ ۾ انتظار، اوسيئڙا، اوجاڳا، عذاب ۽ اذيتون ڏيندو آهي. ٻين کي صلاحون ڏيڻ وارا پاڻ ٻين کان صلاحون وٺندا آهن. ڇو تہ عشق ماڻهونءَ جا هوش حواس ختم ڪري ڇڏيندو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____