پُورَبَ پُورَبَ تَبِ ڪَرُون، جَبِ هِنئَڙَي آوَنِ پُورَ سِڪَندَي کَي سَڄَڻَين، نِڪُون لَايُون نُورَ مَارِيَسِ تَنهِين سُورَ، جِئَن سَاڄَنُ سُڄَي نه مِلَي سُرُ پُورَبُ پُورَبَ = اوڀر، شاھ جي رسالي جو هڪ سُرُ - هندستان جي اتر پرديش ۾ ڪانپور کان بهار تائين واري علائقي کي پورب چوندا آهن. جت هندن جا تيرٿ يعني پوتر آستان آهن. تَبِ = تڏهن ڪَرُون = ڪيان، چوان، پڪاريان جَبِ = جڏهن هِنئَڙَي = دل ۾، مَنَ ۾، ساھ ۾ آوَنِ = اچن پُورَ = خيالَ نِڪُون = نهرون، ڪَسيُون، لڙڪن لارون، زاروقطار روئڻ لَايُون = وهايون نُورَ = اکين سَاڄَنُ = ساجن، سڄڻ، پرين، محبوب سُڄَي = ٻُجَهي، ٻڌڻ ۾ اچي بيت جو پس منظر ~ پورب پورب تڏهن ٿو ڪيان جڏهن، دل ۾ جوڳين جا خيال ٿا اچن. ~ پرين لاءِ سڪندي لڙڪن لارون بس ئي نٿيون ڪن. ~ مون کي اهو درد ٿو ماري، جو ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ هو ڪڏهن موٽي نہ ملندا. سمجهاڻي هي بيت انهن جوڳين ۽ سنياسين جي ساروڻين، سِڪَ ۽ اُڪير جي عڪاسي ٿو ڪري، جن سان ڀٽائيءَ ٽي سال گڏ گذاريا هئا. حيدرآباد جي گنجي ٽڪر واري آستان کان ٿيندي لاهوت، هنگلاج ۽ رڻ ڪڇ ۾ ڪن ڦاڙ ڪاپڙين سان گڏ، سندن مڙهين ۽ مندرن جَي سَنَتَن کان سندن ويساهن ۽ پوڄا بابت ڀٽائيءَ ڄاڻ ورتي. توحيد ۽ تصوف جي روشنيءَ ۾ ساڻن وِرُونھَ ڪئي. پورب اصل ۾ جوڳين جي آخري منزل يعني دارالبقا آهي، جنهن ۾ هو ابدي زندگي ماڻڻ لاءِ هن جهان ۾ ڪشالا ڪن ٿا.ڀٽائيءَ جو پارکو، اديب، دانشور، تاريخدان ۽ محقق سائين انور پيرزادو صاحب پنهنجي ڪتاب “ڀٽائي“ ۾ لکي ٿو تہ تحقيقات ٿيڻ گهرجي تہ ڀٽائي جڏهن 28 سالن جي ڦوھ جوانيءَ ۾ هو، تہ 1717ع ۾ شاھ عنايت شهيد جي هارين واري تحريڪ کي ڪچليو ويو هو. ڪيترائي صوفي روپوش ٿي ويا هئا ۽ باقي سڀني کي شهيد ڪيو ويو هو. لاهوت جي پاسي ۾ جيئن ڪو انڊر گرائونڊ ٽريننگ سينٽر هجي، جتي هي جوڳي دائرن ۾ دونهيون دکائي اونها پَھَ پيا پچائين ۽ پوءِ مختلف پاسن ڏانهن ورهائجي ٿا وڃن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____