• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دلين جي درميان اڄ زنگ ڏسان پيو

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
عجب زمانا تنهنجا رنگ ڏسان پيو
دلين جي درميان اڄ زنگ ڏسان پيو
غيرن سان شڪايت ڪرڻ آهي اجايو
پنهنجن جا لڳل يارو ڏنگ ڏسان پيو
نه خلوص رهيو آهي ڪنهن ڀاڪر ۾
مطلب جا رڳو اهي ونگَ ڏسان پيو
خدا خير ڪري ڏکيو آ زمانو بخاري
رت جي رشتن ۾ به جنگ ڏسان پيو
 
Back
Top