• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوگو ايريا : زيب سنڌي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jGLwLRQr7IQtH.jpg


نو گو ايريا

زيب سنڌي

هو بس ۾ ڪيترن ڪلاڪن جو سفر ڪري شهر ۾ اچي لٿو . پنهنجو سفري بيگ کڻي ، رهائش ۽ روزگار جي تلاش ۾ هڪ طرف وڃڻ لڳو ته سندس رستو روڪيو ويو.
کيس چيو ويو ،”هن علائقي ۾ نه اچ . هتي رستي ويندڙن تي فائرنگ ٿيندي آهي ۽ روزانو لاش ڪِرندا آهن . زندگي پياري اٿئي ته اڳتي هليو وڃ.“
هن پنهنجي جسم ۾ سُيون چڀندي محسوس ڪيون ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ . هتي رستي ويندڙن کان به ڀتو ورتو ويندو آهي. روزگار ته نه ملندئي ، پر جيڪو هَڙَ ۾ اٿئي اهو به هليو ويندئي .“
هن پريشانيءَ مان ٿڌو ساهه کنيو ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ . هتي گينگ وار پئي هلي ، تون به هرو ڀرو وچ ۾ مارجي ويندين!“
هن پنهنجو جسم خوف سبب ٿڌو ٿيندي محسوس ڪيو ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ . هن ايريا مان ٻوري بند لاش ملندا آهن. هتان نه ويندين ته تنهنجو لاش به ڪنهن ٻوريءَ منجهان ئي ملندو!“
هن پنهنجي جسم ۾ خوف جي لهر محسوس ڪئي ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ . هتان تو جهڙن ماڻهن کي اغوا ڪري سندن جسم ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪيا ويندا آهن ۽ کين بدترين تشدد وسيلي ماريو ويندو آهي!“
شديد خوف سبب هن پنهنجي جسم ۾ ڪنبڻي محسوس ڪئي ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،”هن علائقي ۾ نه اچ . هتي اڪثر بم ڌماڪا ٿيندا آهن ۽ معصوم ماڻهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا آهن!“
هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ. هتي ٽارگيٽ ڪلنگ وسيلي ماڻهن کي ماريو ويندو آهي . تون به ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿي ويندين!“
ڊپ منجهان هن جو سڄو جسم پگهرجي ويو ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ. هي بهاري بستي آهي . هتان هڪدم نڪري پري ٿيءُ !“
هن هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ. هي بنگالي بستي آهي . هتي تنهنجي لاءِ ڪابه گنجائش ناهي !“
هن هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ. هي برمي بستي آهي . هتان توکي ڊوڙائي ٻاهر ڪڍيو ويندو !“
هن پنهنجو ساهه مُنجهندي محسوس ڪيو ۽ هو اهو علائقو ڇڏي اڳتي هليو ويو.
اڳيان کيس چيو ويو ،” هن علائقي ۾ نه اچ. هي افغاني بستي آهي . هتي توکي پير به رکڻ نه ڏنو ويندو. تون هتان اڳتي هليو وڃ!“
هو سخت پريشان ٿي ويو. پڇيائين ،”هن شهر ۾ ڪا سنڌي بستي آهي !؟“
کيس چيو ويو ،”سنڌي بستي اڳتي آهي . اڳتي هليو وڃ!“
هو پريشانيءَ منجهان ٿورو اڳتي وڌيو ته هن پاڻ کي شهر کان ئي ٻاهر بيٺل ڏٺو!
سڄو وقت کيس اڳتي ئي اڳتي ڌِڪيو ويو هو ۽ هاڻي هو ڏاڍو ٿڪجي پيو هو. هاڻي ته سج به لهي ويو هو ۽ رات ٿي رهي هئي. هن پنهنجو سفري بيگ رستي جي پاسي تي ڦٽي ڪيو ۽ مٿي تي هٿ رکي بيگ مٿان ويهي رهيو. ڪافي دير تائين هو چپ چاپ ويٺو رهيو. سندس چوڌاري اونداهي ڦهلجي رهي هئي ۽ ڪجهه فاصلي تي موجود شهر روشنين سان جَرڪِي رهيو هو. سخت ڪاوڙ ۽ غم سبب هن پنهنجو سڄو جسم پڄرندي محسوس ڪيو. کيس ائين لڳو ته هن شهر ۾ ڪيترائي نو گو ايرياز ٺاهي ، مون جهڙن ماڻهن لاءِ ته هي سڄو شهر ئي نو گو سِٽي ڪيو ويو آهي !
ڪجهه دير کان پوءِ ڪاوڙ منجهان ڪنڌ مٿي ڪري، شهر جي روشنين طرف ڏسندي سوچيائين، ”هي زمين ته منهنجي آهي ... ۽ ... ۽ شهر به منهنجو ئي آهي ... هن شهر تي پهريون حق به ته منهنجو ئي آهي !“
پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي موجود شهر مان ڌڪجڻ جي احساس سبب سندس سڄي وجود ۾ زهر ڀرجي ويو ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. هن هر صورت حال سان مُنهن ڏيڻ ۽ هر حالت ۾ شهر وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هو شهر ۾ واپس وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو. شهر ڏانهن ويندڙ رستي طرف ڏٺائين ته رستي تي کيس ڪيتريون ئي رڪاوٽون نظر آيون . هو ڪيتري دير تائين رستي تي رکيل رڪاوٽن طرف ڏسندو رهيو ، سوچيندو رهيو .....
۽ پوءِ هو ڊوڙندو ، سمورين رڪاوٽن کي پار ڪندو شهر ۾ داخل ٿي ويو.
 
هو ڪيتري دير تائين رستي تي رکيل رڪاوٽن طرف ڏسندو رهيو ، سوچيندو رهيو .....
۽ پوءِ هو ڊوڙندو ، سمورين رڪاوٽن کي پار ڪندو شهر ۾ داخل ٿي ويو.


بهترين ڪهاڻي .... ۽ هاڻ اسان کي اهي رڪاوٽون هٽائي شهرن ۾ اچڻو آ، اهي شهر جيڪا اسان جا هيا ۽ هاڻ به اسان جا ئي رهندا، بس اچو ته شهرن ڏانهن هلون .... هلو ته شهرن ڏانهن هلون .. اسان سڀ شهرن ڏانهن رخ ڪيون
 
هو ڪيتري دير تائين رستي تي رکيل رڪاوٽن طرف ڏسندو رهيو ، سوچيندو رهيو .....
۽ پوءِ هو ڊوڙندو ، سمورين رڪاوٽن کي پار ڪندو شهر ۾ داخل ٿي ويو.


بهترين ڪهاڻي سائين
بلڪل سائين هاڻ پاڻ کي هر حال ۾ رڪاوٽن کي پار ڪرڻو پوندو ۽ هنن کي وڏي واڪي اهو چوڻو پوندو ته اها اسان جي ڌرتي آهي هن تي پهرين اسان جو حق آهي
 
Back
Top