زندگي،آزادي ۽ محبت جو پرچارڪ، عبدالواحد آريسر. ادل سولونگي سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان،اديب، دانشور عبدالواحد آريسر 11 آڪٽوبر1949ع تي ڳوٺ انڙ آباد لڳ ”هاسي سر“ ريلوي اسٽيشن تعلقي امرڪوٽ ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو جادو آريسر هو جيڪو هارپو ڪندو هو. عبدالواحد آريسر امرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي ۾ پرائمري پنج درجا سنڌي ۾ پڙهيا. ان بعد مختلف مدرسن جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگوري تعلقي ڊگهڙي واري جو مدرسو هو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رهيو آهي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968 ۾ مولوي عربي جو امتحان پاس ڪيو، آريسر صاحب کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙهڻ دوران “ربيع الاول جا چار چنڊ ” عنوان سان پهريون مضمون لکيائين، جيڪو هفتيوار همدرد ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماهوار بادل حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو هن مخدوم غلام حيدر صديقي طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد “تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو هو. آريسر صاحب ادبي، مذهبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا عبدالڪلام آزاد، سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني کان متاثر هئو. سندس پهريون ڪتاب مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل “جواهر آزاد” 1970ع اردو ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماهوار پيغام رسالو جاري ڪيائين،جڏهن ته هن دوران حنفيه مسجد ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رهيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون تي سرڪار سندس گرفتاري جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر صاحب مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ حيدر منزل تي سائين جي ايم سيد طرفان قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر بڻيو، 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙ جڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو، 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمين رهيو. 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي وقت 25 اپريل کان پوءِ نئين سر جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع ۾ هڪ سال تائين آرگنائيزر ۽ 2 سال چيئرمين رهيو. 3 مئي 2015 لاڏاڻي تائين جيئي سنڌ قومي محاذ جو باني چيئرمين رهيو، سنڌ ۾ سائين جي سيد جي نظريي ۽ فڪر جي ڦهلاءَ ۾ سندس تقرير ۽ تحرير جو اهم ڪردار رهيو، سنڌ جي سياست ۾ خاص ڪري قومي تحريڪ اندر چاچو حفيظ قريشي ۽ عبدالواحد آريسر صاحب تمام وڏا مقرر مڃيا ويندا رهيا آهن. آريسر صاحب سائين جي ايم سيد جي فڪري وارثي ڪندي سندس نظريي جي پرچار ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا. عبدالواحد آريسر قومي سياست ڪندي سنڌ جي آزادي لاءِ ويڙهاند ۾ رياستي جبر جو گهڻو شڪار رهيو.هو پهريون ڀيرو11 اپريل 1976ع ۾ جيل ويو جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو. سائين عبدالواحد آريسر ٻيو ڀيرو آگسٽ 1979ع ۾ جيل ويو، 3 جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو، ٽيون ڀيرو آڪٽوبر 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون ڀيرو 11 آگسٽ 1999ع ۾ هڪ هفتي لاءِ گرفتار ٿيو. سرڪار طرفان سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي بندش وڌي وئي، سائين عبدالواحد آريسر قومي جدوجهد دوران سڄي سنڌ جي واهڻن وستين جا دورا ڪري فڪر جي ايم سيد جي عملي تشريح ڪئي، سائين عبدالواحد آريسر مخدوم بلاول ۽ دولهه درياهه خان جي حب الوطني ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪري جدوجهد کان متاثرٿي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ فڪري ۽ عملي ويڙهاند ڪندي وقت جي هر آمر سان مهاڏو اٽڪايو. ويا اڏامي ڪک پڙ تان پانهڻ نه چري. شاهه سائين جي انهن سٽن کي امرتا بخشيندڙ هي هاسي سوڍي جو ڳوٺائي سنڌ ڌرتيءَ جي ننگ ۽ ناموس لاءِ پنهنجي سموري سگهه سان سنڌ جي آزادي لاءِ ميدان عمل ۾ رهيو.سائين آريسر صاحب سان ڪير ڪيترا به اختلاف رکي اهو سندس جمهوري حق هوندو، پر آريسر صاحب جي سنڌ جي قومي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ ثابت قدمي ۽ سندس سنڌ سان عشق بابت سموريون ڌريون متفق ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سائين عبدالواحد آريسر صاحب جنهن ڪتاب “زندگي آزادي ۽ محبت” ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هڪ سوال ته توهان جو سيد ۽ سنڌ سان رشتو ڪهڙو رهيو؟جواب ۾ لکيو ته مون سنڌ کي سيد ذريعي سڃاتو آهي، مون کي تڏهن ون يونٽ جي به خبر نه هئي، سيد ذريعي مان ان سان متعارف ٿيس پوءِ سيد سان اهڙو ناتو جڙيو جو ڪروڙين ۽ اربين روپين جون آڇون ٿيون پر مون سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي کي اهم ميراث سمجهي اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون.اياز جي هنن سٽن جيان ته؛ ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾ ٻوڙي جي کائين پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين ته تنهنجي او سائين ڏات ڏهوڻي ٿي پوي. آريسر صاحب جي زندگي تي سائين جي ايم سيد، مهاتما گانڌي،جواهرلال نهرو، شيخ مجيب الرحمان، مولانا عبدالڪلام آزاد، انڌرا گانڌي،ڊاڪٽر نجيب الله، مها قوي شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي، حيدر بخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽ شمشير الحيدري جهڙن عظيم انسانن جو تمام گهڻو سياسي، فڪر، علمي ۽ ادبي اثر رهيو.هن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ انهن عظيم شخصيتن جا ڪيترائي حوالا ڏنا آهن. هڪ ڀيري سکر بار کي خطاب ڪندي عبدالواحد آريسر چيو هو ته؛ ممڪمن آهي ته اسان جي سياسي فيصلن ۾ غلطي ٿي هجي عملي طرح ڪٿي اسان دوکو کاڌو هجي پر اي اياز جي لازوال شاعري،اي معصوم شاه جا منارا، اي کرڙي جي شهيدن جا مقدس رت، اي هيمون ڪالاڻي جا ڦاسي جا ڦندا، اوهين سڀ شاهد رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ ڪنواريءَ جي ٿڻن جو تقدس هميشه قائم رهيو آهي. عبدالواحد آريسرصاحب جڏهن يوسف شاهين جي اخبار برسات ۾ ڪالمسٽ جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪئي هئي تڏهن سنڌي ٻولي جو وڏو شاعر شيخ اياز اخبار جو ايڊيٽر هو.تڏهن اياز آريسر صاحب کي چيو هو ته آريسر تنهنجي قلم ۾ بي پناهه طاقت آهي تون مون کي وقت ڏئي سگهين ته اسان گڏجي سائين جي ايم سيد جي ڪٿا لکون جيڪا اڃا لکي نه وئي آهي تو جيڪو سائين تي ڪتاب لکيو آهي ان ۾ لفظن جو سيلاب سائين جي ايم سيد جي فڪر کي لوڙهي ويو آهي، سائين جي ايم سيد جي فڪر کي نروار ڪرڻ لاءِ نئين طريقي سان لکڻ جي ضرورت آهي، تون سائين جو اصحابي آهين ۽ آءُ سائين جو روحاني پٽ آهيان. سائين عبدالواحد آريسر اهنسا جو پرچارڪ ۽ قومي تحريڪ جو سرواڻ جنهن فڪر جي ايم سيد ۽ پنهنجي ڏاهپ وسيلي قومي جدوجهد ۾ سدائين جوش سان گڏ هوش پيدا ڪيو، سائين عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ هلندڙ قومي تحريڪ ۽ تنظيم ۾ نهايت ڏاها، عالم، اديب، دانشور، مخلص قومي ڪارڪن موجود آهن جن لاءِ سائين جي ايم سيد چوندو هو ته سنڌ جي آزادي صالح ماڻهو ئي حاصل ڪري سگهندا. هو چاهي ها ته اڄ ڊفينس ۾ سندس بنگلا، دبئي ۾ ڪاروبار، آمريڪا يا لنڊن ۾ رهائش، لينڊ ڪروز ۽ پيجرو جي لوڌ ۽ باڊي گارڊن جون قطارون لڳل هجن ها، پر عبدالواحد آريسر روپلي ڪولهي،هاسي سوڍي ۽ ماروي جي روايتن جو امين هيو، جنهن مسڪين جهان خان کوسي جيان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي آزادي لاءِ سمورين آڇن لالچن ۽ خوف کي ٿڏي ڇڏيو۽ وقت جي آمرن سان اکين ۾ اکيون وجهي کين للڪاريو.هڪ ڀيري ڪجهه فوجي آفيسر سندس ڳوٺ پهچي کيس چوڻ لڳا ته جنرل پرويز مشرف اوهان سان ملڻ ٿو چاهي، آريسر صاحب کين چيو ته جيڪڏهن دعوت ڏيڻ آيا آهيو ته منهنجو هلڻ ۽ ساڻس ملڻ کان صاف انڪار آهي، جيڪڏهن پرويز مشرف مون سان ملڻ ٿو چاهي ته پوءِ اوهان مون کي گرفتار ڪري پوٰءِ وٺي هلي سگهو ٿا.باقي آءُ ڪنهن آمر سان ڪنهن به صورت ۾ نه ملندس. آريسر صاحب هزارين جلسن، ڌرڻن، ريلين، احتجاجن، بک هڙتالن، ڪانفرنسن، سيمينارن، ورڪشاپن، ليڪچررن، تعلقي، ضلعي ۽ قومي ڪانگريسن ۾ شرڪت ڪندي نيشنل ازم ، سيڪيولر ازم، سوشل ازم، ڊيموڪريسي، ۽ ارٿ فريڊم لاءِ شاندار تقريرون ڪيون ۽ ڀرپور پيپر پڙهيا، غور ويچار ڪيو، صلاحون ڏنيون ۽ رٿا بنديون ڪيون، جنهن جي پسمنظر ۾ اڄ قومي تحريڪ سگهاري نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿي.جنهن جي ذريعي ”خودمختيار سنڌ“ جي قيام ڏانهن تڪڙيون وکون کڄنديون رهن ٿيون.توڻي جو اڄ اسان سان گڏ سائين جي ايم سيد،شهيد سنڌو ديش بشير خان قريشي ۽ سائين عبدالواحد آريسر ڪو نه آهن پر انهن جو فڪر انهن جي جدوجهد، انهن جو مقصد، انهن جا آدرش، انهن جي ڪميٽمينٽ اڄ به اسان لاءِ اتساهه ۽ ويساهه سان ڀرپور هڪ مشعل راهه آهي، اسان کي سائين جي ايم سيد جي فڪري ڇانو ۾ شهيد سنڌو ديش بشير خان قريشي ۽ سائين عبدالواحد آريسر جي سنڌ جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد کي سونهون بڻائي منظم نموني سان اڳتي وڌڻو آهي. روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 13 جون 2015ع، 25 شعبان 1436 هه