افسانو_ سسئي جا سور

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ ڄام احمد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2015۔

  1. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    سائين جي ايم سيد جي ورسي تي لکيل افسانو... جيڪو اڄوڪي تاريخ تي هفتيوار اخبار سنڌ ڌرتي ۾ ڇپيو........

    افسانو
    سسئي جا سور
    از؛ ڄام احمد آزاد سمون

    سسئي سان ڀلا رڳو سور ڇو؟ ڇو جو ته سسئي منهنجي ڄائي هئي اهي سور ڏک درد ان کي ورثي ۾ مليل هئا، سسئي سان وقت جي بي رحم ڏيرن ڪئي ان کان پنهون کسي ٻنهي کي الڳ ڪري ڇڏيو سسئي کي ته پنهون مليو هوندو لامڪان ۾...
    منهنجا سور ته سسئي کان به ٻيڻا آهن ۽ وقت گذرڻ ساڻ ته وڌندا پيا وڃن. منهنجو پنهون جيڪو اڄوڪي تاريخ تي مون کان جدا ٿي ويو. جڏهين اڄوڪي تاريخ ايندي آهي ته دل ۾ بي چيني مايوسي ۽ منهنجي دل سڪڙجي ويندي آهي .
    منهنجي پنهون ته مون سان واعدو به ڪيو هو موٽي اچڻ جو چوندو هو ته ..

    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.

    آئون اڄ به جي زندهه آهيان ته انهي آسري ته منهنجو پنهون ضرور ورندو منهنجو پنهون مونسان ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي سگهي ڪوڙو واعدو نه ٿه ڪري سگهي واعدو نه ٿو ٽوڙي سگهي.
    منهنجو پنهون جيڪو منهنجو سچو عاشق ۽ محبوب هو مونسان بيحد محبت ڪندو هو هر وقت منهنجي لاءِ سوچيندو لوچيندو رهندو هو. هن پنهنجي پوري زندگي منهنجي اهڙي خدمت ڪئي جو ڪو اولاد پنهنجي والدين جي به نه ڪري .
    منهنجا پنهون تون شايد مونکي ان ڪري ڇڏي وئين جو تو سمجهيو پي ته تنهنجا ساٿاري همعصر تو کان پوءِ منهنجو خيال رکندا پر پنهون تون انهن کي ته سڃاڻي نه سگهين..... پر
    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي وانگيڙن جي واڙي ۾.
    منهنجا پنهون تنهنجا ساٿاري جيڪي تنهنجي ساڄي ٻانهن سڏبا هئا جيڪي تنهنجي سامهون وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ وڏا وچن ڪندا هئا، انهن مان ته گهڻا تنهنجي نظريي تان هٽي ڪري مفادن جون ماڙيون اڏڻ ۾ مصروف آهن ۽ ڪي وري ته توکان پوءِ مايوس ٿي اهڙي ننڊ سمهي رهيا آهن جو اٿڻ جو ته نالو ئي نه ٿا وٺن باقي هڪ اڌ جيڪي تنهنجي نظريي تي اڃا به قائم آهن ۽ جدوجهد ڪري رهيا آهن انهن کي ته دنيا چريو چوي ٿي انهن جو ته ڪير به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پنهون تو ته پنهنجي زندگي منهنجي لاءِ ۽ ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي پر پنهون توکان پوءِ ماڻهن جي ته ذهنيت ئي تبديل ٿي ويئي آهي ماڻهو مفاد پرست ٿي پيا آهن.
    ڪالهه جيڪي توسان گڏ تنهنجي تحريڪ ۾ پيرين اگهاڙي بيٺا هئا جنهن ڏي تو وٽ اچڻ لاءِ گاڏي جو ڀاڙو به پورو سورو هوندو هو. انهن ته هاڻ الاهي ڪهڙو بزنس شروع ڪيو آهي ۽ الاهي ته ڪهڙو ذهن استعمال ڪيو آهي جيڪو تو وٽ به نه هو. انهن ڏي اڄ ڏهاڪو کن گاڏيون ۽ الاهي ڪيترا بنگلا آهن.
    اهي ته تنهنجو ۽ منهنجو نالو وٺي ماڻهن کي بليڪ ميل ۽ بيوقوف بنائين ٿا ۽ پنهون مونکي وڌيڪ ڏک تڏهين ٿيندو آهي جڏهين اهي شخص سال ۾ ٻه ڀيرا گلن جي چادرن جي روپ ۾ تنهنجي مقدس قبر مٿان ڪنڊا ۽ پٿر اڇلي ويندا آهن ۽ توکي ۽ مونکي وڌيڪ تڪليف رسائيندا آهن.
    اهي بس چادرون چاڙهڻ تائين محدود آهن تنهنجي نظريي سوچ تي ته عمل ڪير به نه ٿو ڪري.
    پر پنهون توتي جو يقين آهي..... جيڪو به ٻار ڄمندو آهي ته ان ۾ توکي ڏسندي آهيان ۽ الله کان دعا گهرندي آهي شل انهن هزارن لکن مان ڪو هڪڙو تو جهڙو ٿي پوي.

    ڄام احمد آزاد سمون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو