عمران بن حطان تابعي کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن مان حضرت ابوذر غفاري رضه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته کيس مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪاري چادر ۾ ويڙهيل بلڪل اڪيلو ويٺل ڏٺو. مان سندس ويجهو وڃي عرض ڪيو ته اي ابوذر رضه هڪ اڪيلائي ڪيئن آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون ته مان رسول صه کان ٻڌو هيو ته بري ساٿين کان اڪيلائي ۾ رهڻ بهتر آهي. سٺي ساٿي سان ويهڻ اڪيلائي کان بهتر آهي، ڪنهن کي سٺيون ڳالهيون ٻڌائڻ خاموشي کان بهتر آهي ۽ خراب ۽ بريون ڳالهيون ڪرڻ کان خاموش رهڻ بهتر آهي.