سارَنگَ کَي سارِينِ، ماڙهُو مِرِگَ، مَيهِيُون
آڙيُون اَبَرَ آسِرَي، تاڙا تَنوَارِين
سِپُون جَي سَمُونڊَ جُون، نَئَي سِجُ نِهارِينِ
پَلَرَ پِيارِينِ، ته سَنگَهارَنِ سُکُ ٿِئَي
سُرُ سَارَنگُ
سَارَنگَ = جهڙَ، ڪڪرَ، بادلَ ( مِينهُن)
سارِينِ = ياد ڪن
ماڙهُو = ماڻهو
مِرِگَ = هرڻ
مَيهِيُون = مينهون
آڙيُون = ڍنڍ جا پکي
آبَرَ = ڪڪرَ
تاڙا = مِينهَن وساڙا، ٻاٻيهو ۽ ڪوئل جيڪي مينهن جي مند ۾ لاتيون ڪندا آهن.
تَوارِينِ = مڌر سر سان لاتيون لنوڻ، آلاپ ڪرڻ.
سِپُون = سِپ واحد - سمنڊ جو ڪُميءَ جهڙو جانور
سَمُونڊ = سمنڊ
نَئَي سِجُ = هر روز
پَلَرَ = مِينهَن جو پاڻي
سَنگهارَنِ = مارو ماڻهن، ڀاڳين
بيت جو پس منظر
~ مِينهَن کي نہ رڳو ماڻهو پر هرڻَ ۽ مَينهُون بہ ياد ڪن ٿيون.
~ آڙين کي پڻ مِينهَن جو انتظار آهي، تاڙا بہ لاتيون پيا لَنوَنِ.
~ سمنڊ جون سپون هر روز پيون مَينهَن لاءِ واجهائين.
~ هنن سڀني کي مَينهَن جو پاڻي پيار تہ ماروئڙن لاءِ آسودگي ٿئي.
سمجهاڻي
ٿر جِي صحرا، ڪاڇي، ڪچي، ڪوهستان ۽ ڊيلٽائي علائقن ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون آهن. ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. ماڻهن لاءِ پاڻي، اَنُ، ڀاڄيون ۽ مال لاءِ گاھ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. سو نہ رڳو ماڻهو پر جهنگ جا شينهن، چيتا، هرڻ ۽ ٻيا جانور بہ مَينهَن جَي انتظار ۾ آهن.
آڙيون ۽ ٻيا سڀ ڍنڍ جا پکي اوسيئڙي ۾ آهن. هوڏانهن تاڙا بہ پنهنجي مڌر آلاپن ذريعي مِينهَن لاءِ پیا لاتيون لَنوَنِ. سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سِپُون پڻ برسات جَي پاڻيءَ لاءِ پيون سِڪَنِ.
او مولا پاڪ ! مِينهُن وساءِ تہ هي سڀ ماڻهو، جانور ۽ پکي پنهنجي اُڃَ اُجهائين ۽ خوشحاليون، آسودگيون وري موٽي ملن.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____