ســـنڌي ماڻهن جـــــو مـــوقـــف؟ ... مختيار عباسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2015۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ســـنڌي ماڻهن جـــــو مـــوقـــف؟
    مختيار عباسي
    فيس بوڪ، تاريخ 18 جون 2015

    ڪجھ ٽائيم ڪڍي هن مضمون کي پڙهندا ۽ پوء پنهنجي راء ڏيندا.

    رئيس آصف علي زرداري صاحب جي ڪيل تقرير ۾ فوج کي ڏنل ڌمڪين تي منهنجو پنهنجو ذاتي موقف هي آهي ته رئيس جي ڪيل تقرير ۾ سنڌ جي ڪا به ايجنڊا ناهي ۽ نه وري کيس کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪو فڪر آهي جو هاڻي هو فوج جي خلاف ڳالهائي ٿو هن کي اصل ۾ فڪر پنهنجي ڪيل ستن سالن جي ڪرتوتن جو آهي جنهن ۾ هن اربين کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي، خاص ڪري هن صاحب سنڌ جي وسيلن جي جيڪا ڀينگ ڪئي آهي اها تاريخ ۾ هڪ ڪاري باب جي حيثيت رکي ٿي. هن صاحب سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي ان کي ڦريو ۽ لٽيو، پنهنجن ماڻهن جي هٿان هن سنڌ جي سمورن عوامي ادارن جي تباهي ڪئي، خاص ڪري، تعليم کاتو، صحت، ايريگيشين ۽ لوڪل گورنمينٽ جهڙن ادارن کي عوام جي لاء عذاب بنائي ڇڏيو.
    پنهنجا کاٽائو وزير ۽ ادارن ۾ آفيسر رکرائي عوام جي پيسن تي هن ماڊل ڇوڪرين سان عياشيون ڪري جنهن جو مثال ايان علي آهي جهڙا کوڙ واقعا آهن ڪراچيء مان لانچون ڀرجي پيسن جون دبئي وينديون رهيون، جيڪا شگر مل ڏٺائين ان جي مالڪ تي زور ڀري ان جي شگر مل خريد ڪيائين. پيسن ميڙڻ جي هن کي بيماري لڳي ويئي هن جي اندر ۾ اچي خيال ويٺو ته مون کي دنيا جو اميرترين ماڻهو بڻجڻو آهي، پيسن ميڙڻ لاء هن سڀ ڪجھ اهو ڪيو جيڪو ڌاڙيل جڏهن ڌاڙو هڻندو آهي ته ٻنهي هٿن سان ڀاڳئي جو مال لٽيندو آهي هن صاحب به ان ڌاڙيلن کان وسان نه گھٽايو. اڄ جڏهن هن صاحب جي هنيل ڌاڙي جا راز ظاهر پيا ٿين اڄ جڏهن سندس کاٽائو پٽ پڪڙجن پيا، اڄ جڏهن سندس عياش لاء ماڊل ايان علي گرفتار پئي ٿي ۽ ان کان پنج لک ڊالر هٿ پيا اچن، اڄ جڏهن سندس ڪمائو پٽ شرجيل ميمڻ تي ڇاپو لڳي ٿو ان جي دوست وٽان 2 ارب روپيه پيا نڪرن، تڏهن هن کي اچي ڦڦڙي لڳي آهي ته ڪٿي اهو سڄو معاملو منهنجي ڳچيء ۾ نه پوي؟ ڪٿي هو رئيس آصف علي زرداري جڏهن ڀڳڙن مٺ تي سنڌ جي زمينن جو سودو پيو ٿئي بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽيء جي نالي ۾ فوج ۽ سندن ايجنٽن کي مفت ۽ تحفي ۾ زمينون ڏنيون پئي ويون، ڪٿي هو رئيس جڏهن سنڌ جي تيل ۽ گيس تي پاڻ وڃي وفاق سان سنڌ جو سودو ڪري هڪ سئو ستر ارب روپيه وفاق کي ڏئي آيو ان وقت کيس سنڌ ياد نه پئي آئي ۽ هاڻي جڏهن پنهنجي ڳچيء تي لت آئي اٿس ته فوج کي اکيون ڏيکاري پاڻ کي بچائڻ ٿو گھري.
    اسان سنڌين لاء جيتري فوج نقصان ڪار اوتري هي مافيا به اسان جي لاء نقصان ڪار آهي، فوج ته ظاهر دشمن آهي پر هي ته پنهنجن جي روپ ۾ سنڌ کي کائي رهيو آهي. سنڌي ماڻهن کي سمجهڻ گھرجي ته پي پي پي هاڻي نه ڪي ڪا پارٽي رهي آهي ۽ ان وري ان کي ڪو جمهوريت ۽ سنڌي ماڻهن جو لاچار آهي، پي پي هاڻي هڪ پيسن ميڙڻ جي مافيا بڻجي ويئي آهي. پي پي هاڻي جڏهن اخلاق جا سڀ قدر وڃائي چڪي آهي ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ سان ظاهري ڀڀڪين واري ٻولي ڳالهائي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جڳه پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. مان سنڌي ماڻهن کي اڳواٽ خبردار ٿو ڪيان ته هن 3 پتائي پارٽيء جي ورن، وڪڙن، چالاڪين ۽ حرفتن کي چڱي طرح سمجهن، پاڻ منجهان ڪا نئين قيادت ٺاهين، سڄي سنڌ سٺن ماڻهن سان ڀري پئي آهي انهن کي اڳتي آڻين هي وقت آهي ته سنڌي ماڻهو پاڻ کي تبديل ڪري هنن ظالمن مان جان ڇڏائين.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هُجڻ ته اهو گهُرجي ته سڀ مُتحد ٿي هڪ پئمانو ٺاهن ۽ پڙهيل لکيل نوجوان ۽ ڀروسي قابل قيادت کي اڳتي آڻين پر اسان کي اجتماعي مفادن کان انفرادي مفادن تي ترجيح ايئن ئي آهي جيئن اهڙن رئيسن کي آهي سو مؤقف ڪو به نه هوندو. اها ڳالهه به ايئن وسري ويندي جيئن اڳي اهڙيون ڪيئي ڳالهيون ٿيون ۽ وسري ويون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو