سارَنگَ سائِي سِٽَ، جَهِڙي لَالِي لَاکَ جِي
اِيَ سَي اُٻُنِ اَنگِيَا، جِنءَ سَي چُنِيءَ چِٽَ
بَرَسِيو پاسَي ڀِٽَ، ڀَرڙيَائين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جا
سُرُ سارَنگُ
سارَنگَ = جُهڙَنِ، ڪڪرن، بادلن
سِٽَ = سٽاءُ، سينگار
لَالِي = لالاڻ، ڳاڙهاڻ
لَاکَ = نرم ڳاڙهو ريشم، لاک جو ڳاڙهو رنگ جنهن سان چُنيءَ تي چِٽَ ٺاهبا آهن.
اِيَ = هي، هيءَ
اُٻُنِ = ٻاڦن ( بادلن )
اَنگِيا = چِٽَ ڪڍيا، رنگ ڪڍيا
جِنءَ = جيئن
چُنِيءَ = مٿي جي رنگدار چِٽَنِ واري پوتِي
چِٽَ = ڇُرَ، نقش، گلڪاريون
بَرَسِيو = مِينهُن وسيو
ڀِٽَ = ڀٽ شاھ جي نگري
ڀَرِڙيائِين = ڀريائين
ڪُنَ = هيٺاهيون، کڏون کوٻا
ڪِراڙَ = ڪِراڙَ ڍنڍَ
بيت جو پس منظر
~ ڪڪرن کي اڄ اهڙا سينگار آهن، جهڙو لاک جو ريٽو رنگ ٿيندو آهي.
~ ٻاڦ مان جڙيل ڪڪر ايئين پيا لڳن، جيئن ڪنهن پوتيءَ تي چِٽَ ڪڍيا آهن.
~ ڀٽ جي پاسي وسڪاري وسي هيٺاهيون ڀري ڇڏيون آهن.
سمجهاڻي
سارنگ اڄ اهڙا سينگار ڪيا آهن جهڙي لاک جي لالاڻ هوندي آهي، جنهن سان پوتين تي چِٽَ، گُلَ ۽ گلڪاريون ڪيون وينديون آهن. زمين کان آسمان تائين جيڪا ٻاڦ موجود آهي. ان مان ٺهيل هي رنگ برنگي وِڄون، کنوڻيون، انهن جا چمڪاٽ ۽ تجلا ايئين پيا لڳن ڄڻ آسمان لاک سان رڱيل پوتي پاتي آهي. آسمان تي هي مختلف رنگ ۽ روشنيون چِٽَنِ واري چُنيءَ جيان پيون لڳن.
اڄ فطرت ۽ قدرت مهربان ٿي آهي جو پَلُرَ جي پالُوٽ سان ڀٽ ڌڻيءَ جَي نگريءَ ۾ جيڪا ڪِرَاڙَ ڍنڍ آهي. ان جون هيٺاهيون، کڏون کوٻا پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي ويا آهن.
مددي ڪتاب : شاهه جا مختلف رسالا ۽ ڪتاب “ڀٽائي“ ليکڪ محترم انور پيرزادو صاحب.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____