(مختصر ترين ڪهاڻي) احسان دانش باز دنيا جو چڪر لڳائي پنهنجي تيز ۽ تکين نظرن سان سڀ ڪجهه ڏسي ٿڪجي واپس انهيءَ بلند پهاڙي چوٽيءَ تي آيو جتي سندس ٻچا هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هڪ ڪمزور ٻچي ڪنڌ لوڏيندي کانئس پڇيو: ”بابا تو پنهنجي تيز نظرن سان هن دنيا ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ باز چيو: ”مونکي خواهش هئي ته بلندين تان هن سڄي جهان کي پنهنجي تيز نگاهن سان چڱي طرح ڏسان، منهنجي اها خواهش ته پوري ٿي آهي پر مون هن دنيا کي ڏسي خوشيءَ بدران ڏک پرايو آهي.“ ٻئي ٻچي جيڪو ڪجهه چُست هيو کانئس فورن پڇيو: ”بابا سو وري ڪيئن؟“ باز جهيڻي آواز ۾ چيو ”منهنجا ٻچا هيءَ دنيا پري کان جيتري خوبصورت نظر اچي ٿي قريب کان غور سان ڏسندؤ ته اوتري ئي بدصورت آهي.“ سڀ کان ننڍڙي ٻچي آکيري جي ڪکن مان منڍي ڪڍي چيو ” ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. “ باز پنهنجون تيز نگاهون اولهه طرف اُڇليون جتي سج ڌرتيء کان روشني کسي پهاڙن جي گود ۾ سمهي رهيو هو. ”منهنجا ٻچا مان ان آس ۾ ويو هوس ته هن دنيا جو حسن ۽ رنگيني پنهنجي اکين ۾ اوتي پنهنجي نور کي وڌائيندس، پر هن دنيا جي سڀ کان اُتم مخلوق کي جڏهن هڪ ٻئي جون سِسِيون لاهيندي، هڪ ٻئي مٿان بم وسائيندي ۽ خون جا درياءَ وهائيندي ڏٺم ته لڙڪ لڙي پيم ۽ پنهنجي اکين جي روشني جهڪي محسوس ڪيم، ۽ سوچيم ”هيء ته وحشي جانورن جي جاءِ آهي، هتي انسان ڪيئن ٿا رهن؟!“ باز هڪ نظر پنهنجي سڀني ٻچن تي وجهندي چيو ” منهنجا ٻچڙئو! توهان خوش نصيب آهيو جو ڌرتيءَ کان دور آهيو. توهان ڀاڳوند آهيو جو توهانکي اوچائين تي ئي شڪار ملي ٿو وڃي. ڪڏهن هن ڌرتيءَ جي ويجهو به نه وڃجو، ڇو ته اها ڌرتي دوزخ جو ٻرندڙ گولو آهي، جتي قدم قدم تي موت آجيان ٿو ڪري!!“