واهُندا وِڄُون ٿِيُون، کِڙِيُون ڏَنهَن کَنڀاتَ
ڪُنڍِيُون ڪاهَي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ
سَنگَهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ
جُهڙُ ڦُڙُ ڏَيئي جَهاٽَ، پُسائِيندَو پَٽِيُون
سُرُ سارَنگُ
واهُندَا = اولهه جون هوائون
وِڄُون = کنوڻيون
کِڙِيُون = ظاهر ٿيون، ٽڙيون، تجلا ۽ چمڪاٽ ڪيائون
ڏَنهَن = ڏانهن
کَنڀاتَ = شهر جو نالو - هندستان جي شهر گجرات جي اولهه ۾ اڳوڻي بندر جو نالو، کنڀات کي کماچ بہ چئبو آهي.
ڪُنڍِيُون = سڱن وريل مينهون، ڪنڍيدار مينهون
گَسِ = واٽ، پيچرو، دڳ
سَنگَهارَنِ = مارو ماڻهن، ڀاڳين، مالوندن
اُساٽَ = اڃ، پياس، تاسَ
جَهاٽَ = جهٽ پٽ، جلدي جهٽڪو ڏيئي، کن پل ۾
پَٽِيُون = ميدان، پٽ، پڌر
بيت جو پس منظر
~ اولهه پاسي ڏانهن تيز هوائون پيون لڳن ۽ کنڀات شهر تي پڻ کنوڻين جا چمڪاٽ آهن.
~ مارو مَينهُنِ ۽ وَڇُنِ کي گهران ڪڍي ميدانن ڏانهن ڪاهيو پيا وڃن.
~ وسڪارن مارو ماڻهن جي اڃ لاٿي آهي ۽ سکيا ستاباٿيا آهن.
~ هي تيز وسڪارو جلد ئي پٽن ۽ ميدانن کي سيراب ڪري ڇڏيندو.
سمجهاڻي
اڪثر ڪري اتر کان ايندڙ تيز هوائن لڳڻ ڪري آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن ۽ وسڪارا ٿيندا آهن. جڏهن تہ چوماسي جا مينهن وري چئني پاسن ڏانهن هوائن لڳڻ ڪري وسندا آهن.
پر اڄ اولهه پاسي کان آيل تيز طوفان ۽ هوائون پيون لڳن. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي.کنوڻين جا تجلا ۽ چمڪاٽ کنڀات شهر تائين ڦهلجي ويا آهن. هنن زوردار وسڪارن اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي. مارو خوشيءَ مان جهومندا ۽ ڳائيندا پنهنجي مال کي چراگاهن ڏانهن ڪاهيو پيا وڃن.
اڄ سُڪِي ٺوٺ ٿيل ڌرتيءَ سان گڏ ماروئڙن ۽ سندن مالَ جي اڃ لٿي آهي. خوشحاليون، سرهايون ۽ آسودگيون وري موٽي آيون آهن.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____