• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي IDM مان مڪمل نجات، IDM جي بدران هي سوفٽ ويئر استعمال ڪيو.

ميمڻ فياض سنڌي

سينيئر رڪن
انٽرنيٽ ڊائون لوڊ مينيجر جي بار بار رجسٽريشن واري ميسيجن کان تنگ ناظرين جي لاءِ خوشخبري، آئي ڊي ايم جي متبادل سوفٽ ويئر انٽرنيٽ تي اچي ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ايگل گيٽ. سوفٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
 
دوست فياض ميمڻ جن کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار... سندن پهرين تحرير ۽ جاندار لڳي..
جيڪڏهن ايگل گيٽ جي خوبين جي ڳالهه ڪجي ته .. ان جو مفت ۾ هجڻ هن جي سڀ کان وڏي خوبي آهي... :) ان کان علاوه هن جي مرڪزي صفحي تي موجود هنن 4 خوبين متاثر ڪيو.. :)


19032095721_3014e39156_o.jpg
 
آئون منهنجا دوست ڪافي ڏينهن کان انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيندا اچون، آئي.ڊي.ايم جو ڪِريڪ ورجن انسٽال ڪيوسين ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪروم اپڊيٽ ٿي ويو ۽ آئي.ڊي.ايم جو ڪروم ايڪسٽينشن ڊليٽ پيو ڪري ڇڏي، وري جڏهن گوگلنگ ڪئيسين ته ان جا جڳاڙي ايڪسٽينشن به مليا جيڪي انسٽال ڪياسين پر اهي به جڏهن زينميٽ هلي ته ڪم ئي نه پيا ڪَن ۽ اڪثر اُهي به ڊليٽ ٿي پيا وڃن.. نيٺ تنگ ٿي ان کي ان_انسٽال ڪيوسين ۽ هاڻ وڊيوز کي http://www.savefrom.net تان ڊائونلوڊ پيا ڪريون...
توهان جو ڏنل سافٽويئر اڄ انسٽال ٿو ڪري ڏِسان اگر ڪم جو آهي ته پو سڀني دوستن کي صلاح ڏيندس ته IDM کي ڇڏيو اِهو انسٽال ڪريو.. :) :)
* ۽ جيڪڏهن اهو سافٽويئر سٺو لڳو ته توهان کي انعام طور 100 پاوليون به ڏنيون وينديون. :)
 
Back
Top