دنيا ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي آهي، پر اڪثر دوستن کي مان ڏٺو آهي ته اهي ڪمپيوٽر ۾ يا ته آفيس 2003 يا 2007 استعمال ڪندا آهن، هاڻي ته مائڪرسوفٽ ڪمپنيءَ وارن آفيس 2013 جو ورزن ڪڍيو آهي، جڏهن انهن کان سوال ڪندو آهيان ته هڪ ئي جواب ملندو آهي ته آفيس جو نئون ورزن هلائڻ ۾ دشواريون اچن ٿيون، انهن دوستن لاءِ هي ڪتان مائڪرو سوفٽ آفيس 2013 جو، جن کي آفيس 2013 هلائڻ دشواريون پيش اچي رهيون آهن ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.
ادا اصل ۾ آفيس 2007 جا هيراڪ 2013 ۾ هٿ نٿا وجهن ، اهو ان ڪري ته ان ۾ ڪتابن جي ڊزائيننگ ڪرڻ کان پو ڪافي ايرر اچن ٿا.. آئون به ٻه سال اڳ 2003 استعمال ڪندو هئس، ۽ هاڻ 2007 استعمال ڪندو آهيان.
ادا ڪتابن جي ڊزائن لاءِ مائڪروسوفٽ پبلشر استعمال ڪبو آهي، مائڪروسوفٽ ورڊ ۾ ته صرف ۽ صرف آفيس جي ڪمن لاءِ استعمال ڪبو آهي.