وات ۾ سبلنگل سيولري گلينڊ(زبان هيٺان لب خارج ڪندڙ غدود) ۾ مون کي گذريل ٻن مهينن دوران جلدي جلدي انفيڪشن ٿي رهيوآهي.ڊسٽونيا جي علاج ڪارڻ آغا خان جي هڪ ڊاڪٽر دوا ڪيماڊرن ڏني آهي،ڇا هي ان جو سائيدافيڪٽ ته ناهي.ڇا ڪاڻ ته هن جو هڪ سائيڊافيڪٽ وات خشڪ ڪرڻ آهي.سو مهرباني ڪري ڊاڪٽر صاحبان مشورو ڏيندا.متعلقه ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جو مشورو نه ڏيندا نه ته نيٺ او ڏانهن هون ئي وڃڻو پوندو.ڪراچي کان ٽنڊوسومرو ڪافي پري آهي.
ادا جميل احمد .. ڪا صلاح ڏيڻ کان اڳ هيٺين تفصيل ٻڌائيندا. انفيڪشن سان گڏ توهان کي بخار يا سُور وغيره ته نه آهي..؟ زبان جي هيٺيئن حصي ۾ ڪا سوڄ نما پاڻي جي ٿيلهي ته ڀريل نظر نه پئي اچي..؟ انفيڪشن واري جا تي اڇا يا ڳاڙها نشان ته نه آهن..؟ ممڪن هجي ته ڪنهن جي مدد سان زبان جي هيٺيان انفيڪشن واري جا جون تصويرون ڪڍي موڪليو ۽ جيڪڏهن ڪي رپورٽون وغيره ڪرايون هجن ته انهن جون تصويرون به ۽ گڏوگڏ اڄڪلهه جيڪا ٽريٽمنٽ هلي رهي آهي ان پرسڪرپشن واري پرچي جي به تصوير موڪليندا ته مشورو ڏيڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿي ويندي.
ڊاڪٽر صاحب توهان جي مهرباني. بخار ته ناهي باقي مرچن ۽ سخت کاڌي سان سور ٿئي ٿو.ڪابه سوڄ نما ٿيلهي نظر نه پئي اچي.اڇا يا ڳاڙها نشان به نظر نه پيا اچن.باقي ڳاڙهاڻ نظر اچي پئي. نيورالاجسٽ طرفان ڏنل هڪ ڪيماڊرن ۽ هڪ زيگيپ 100 ايم جي رات جو کائي رهيو آهيان.ٽيسٽون وغيره نه ڪرايون اٿم.ڳوٺ جي ڊاڪٽر طرفان وات سور کان ميٽروزين 200 ايم جي ڏينهن ۾ ٽي دفعا ۽ لنڪوسن 500 ايم جي 2 دفعا کائي رهيو آهيان جنهن مان سٺو فائدو پيو اٿم.هيٺين چپ تي ڳاڙهان به هئي .جيڪا گهٽ جي پئي.بس ڪيماڊرن جي تسلي ڏيو ته ان جو اهو ته ڪو سائيڊ افيڪٽ نه آهي.ڊرا مائوٿ هن جو سائيڊ افيڪٽ آهي.ان جو ضرور اثر پوندو هوندو گلينڊس جي سيڪريشن تي.ٻيو ته خشڪ وات ۾ پيسٽ ڪهڙي استعمال ڪريان ڪولگيٽ مزو نه پئي ڪري.
ادا جميل..منهنجي خيال موجب توهان کي وات (oral Cavity) جو سمپل انفيڪشن (Mucosal infection) آهي. ساليوري گلينڊز جو انفيڪشن نه پيو لڳي. ڪيماڊرن يا فليجل ٽائپ گوريون (ميٽروزين وغيره سان وات جو ٽيسٽ خراب ٿي ويندو آهي ۽ جسم جي ڪيترن ئي گلينڊز مان رطوبتن جو نڪرڻ به گهٽ ٿي ويندو آهي. توهان Pyoden Gargels سان صبح شام وات جي صفائي ڪريو ۽ Cac1000 جون گوريون هڪ گلاس پاڻي ۾ مڪس ڪري صبح شام پيڻ شروع ڪريو انشاالله افاقو ٿي ويندو.