• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جوت جلندي رهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو

غزل

جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نعرا هڻندا هلو، تات پلندي رهي.


ڌرتي جي غدارن تي، لعنت وسندي رهي،
پليت سارن سان، جنگ هلندي رهي.


سدا سنڌؤ جو ڳاٽ هر دم اونچو رهي،
پريت پنهوارن سان، سدا وڌندي رهي.


عشق جو سلسلو هي جاري رهي،
روح منجهه باک اها ڦٽندي رهي.


”نرمل“ قرض جيجل جو سر ڏئي لاهبو،
کوهارا آڳ من اندر اها تپندي رهي.
 
جواب: جوت جلندي رهي

سنڌ سان محبت جو جذبو توهان جي لفظن مان خوب جهلڪي ٿو ۔۔۔۔ هوئن ته مان ڪو شاعر نه آهيان پر منهنجي ذاتي خيال موجب شاعري جذباتي نه هجي جذبات اڀاريندي هجي ته بهتر رهندو وڌيڪ سائين نثار جي جواب جو انتظار رهندو۔۔۔
 
جواب: جوت جلندي رهي

سچ ٿو چوين ادا رشيد سمون صاحب اسان ڇا ڄاڻو شاعري جي وزن بحر مان باقي وڌيڪ شاعري جي باري ۾ سائين ناز صاحب ئي ٻڌائيندا۔۔۔۔۔۔

ادا نرمل اوهان جي شاعري تمام پياري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جوت جلندي رهي

سهڻا ساٿيو، شاعري نالو ئي آهي اهڙن جذبن جو جيڪي بي ساخته اڀري لفظن جي صورت اختيار ڪن۔ انڪري انساني جذبا ئي شاعري جو ٻج هوندا آهن، جذبن کان خالي لفظن جي شاعري، شاعري نه پر ڪاريگري ٿي سگهي ٿي ۔۔۔

ادي نرمل انتهائي سهڻا، قومي جذبا بيان ڪيا آهن، جيڪي قومي ڪارڪن جي اندر ۾ پاڻمرادو اڀرندا آهن ۔۔۔ ڇا ته سهڻو پيغام آهي

سدا سنڌؤ جو ڳاٽ هر دم اونچو رهي،
پريت پنهوارن سان، سدا وڌندي رهي.

عشق جو سلسلو هي جاري رهي،
روح منجهه باک اها ڦٽندي رهي.
 
Back
Top