• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ”سنڌيءَ کان انگريزي جي ميڊيڪل ڊڪشنري “ جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
j0zWUDOXknKyZ.jpg

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران حاضر آهي ڊاڪٽر عاشق حسين بدويءَ جي ترتيب ڏنل ”سنڌي کان انگريزي“ جي ميڊيڪل ڊڪشنري، اينڊرائيڊ اپليڪيشن ۾. گوگل پلي اسٽور جي هن لنڪ تي رکي وئي آهي، جيڪا اوهان پنهنجي اينڊرائيڊ فونن ۾ انسٽال ڪري سگھو ٿا.
هن ڊڪشنريءَ جي بي انتها ڀلي ڳاله اها آهي ته هن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا تُز لفظ، اصطلاح ۽ عام طور تي اچار ۾ ايندڙ لفظن کي سامهون ڪيو ويو آهي، ته جيئن هن ڊڪشنريءَ ۾ نه صرف ڊاڪٽر، علم طب جا شاگرد، نرسون يا هن شعبي سان لاڳاپيل ئي فائدو وٺي سگھن پر هر ماڻهو به سمجھي سگھي ته هن ڪيفيت يا لفظ کي انگريزيءَ ۾ ڇا چئبو آهي... تمام جلد هن ئي سلسلي جي انگريزيءَ کان سنڌيءَ جي ڊڪشنري به رکي ويندي. اپليڪيشن ۾ سنڌي فانٽ اڳ ۾ ئي لڳل آهن جن جي ڪري اوهان بهتر نموني سان سنڌي پڙهي سگھو ٿا.
دوستن کي گذارش آهي ته هن اپليڪيشن کي وڌ ۾ وڌ دوستن تائين پهچايو، پنهنجي پروفائيل تي شيئر ڪريو ته جيئن سڀ سنڌي دوست هن اپليڪيشن مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.
سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ٽيم جيڪا امر فياض جي رهنمائي ۾ ڪافي سرگرم آهي، ان سموري سٿ کي جس هجي ۽ اسان کين بهترين ڪم تي واڌايون پيش ڪيون ٿا.
 
Back
Top