سنڌ صوبي ۾ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي ان وقت قهر ۽ قيامت بڻجي ڪڙڪي آهي جڏهن واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي روايتي هوٺ ڏيکاري بجلي بند ڪري ڇڏي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي اڻلڀ آهي. هي قيامت خيز گرمي ڪيئي انساني جانيون ڳڙڪائي چُڪي آهي، اسپتالن ۾ مرده خانا ڪونهن، ايڌي جو سرد خانو لاشن سان ڀرجي ويو آهي، ڪراچي ۾ قبرستانن قبرون ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ماڻهو پنهنجي پيارن جي لاشن کي ڪاڏي ڪن ؟؟ !!!!! سچ پڇو ته اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي .... سوشل ميڊيا کان مختلف آهي اتان جي حالت.
ڪو ٻڌڻ وارو ناهي .... انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن جو جهان آهي، جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي. جنهن وٽ پئسا آهن اهوئي جيئي ٿو جهان ۾، بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ برما وارن لاء روئيندڙ الائي ڇو هتي خاموش آهن ۽ افطارين ۽ سحرين جا مزا پيا ماڻين. خاموش ته مان به آهيان .... خاموش تماشائي بڻجي ويو آهيان.