عباس ڪوريجو مينٽل هاسپيٽل جي گرائونڊ فلور جي وارڊ نمبر ٻه جو مين گيٽ کليو، وارڊ انچارج هڪ پوڙهي کي ڪن کان پڪڙيندي بيڊ نمبر ست وٽ آڻي بيهاريو. ”هتي آرام سان ويهي رهه! ٻاهر نڪتين ته ڇتو ڪتو بڇيندو سانءِ!“ پوڙهو خاموش ٿي ويهي رهيو، وارڊ انچارج گجندو مين_گيٽ بند ڪري ٻاهر نڪري ويو. سڀ چريا نئين چري جي آمد تي تاڙيون وڄائي خوشيون ڪرڻ لڳا. ”پڪ زال چريو ڪيو هوندس!“ بيد نمبر ڇهه تي ويٺل رمضان چيو. ”وهي کائي ويو آهي ڪل ٿڙي وئي هوندس!“ بيڊ نمبر چار جي ضَمير چريي چيو. ”ڪچا ٻٽالون کاڌا هوندئين، شڪل مان ئي ڀاڙيو ٿو لڳي!“ بيڊ نمبر اٺ جي چريي چيو. ”اسڪول ۾ جڏو هوندو، ماستر هيڏي موڪليو اٿس!“ بيڊ ٻه جي لعلڻ چيو. ”نه ڙي ڪاڪوس ۾ ترڪي پيو هوندو، مٿي ۾ ڌڪ لڳو هوندس ۽ چريو ٿي پيو هوندو!“ بيڊ نمبر نَوَ جي گلڻ چيو. ”توهان سڀئي پاڳل آهيو،ڌيءُ ڀڄي وئي هوندس! ڳولي ڳولي چريو ٿي پيو هوندو!“ڪرم چريي بيڊ پنجين تان ڳالهايو. پوڙهو روئڻ لڳو، سڀ چريا خاموش ٿي ويا. ”هي ته ڪو” وڏو چريو“ آهي، روئي ٿو!“ بيڊ ڇهه جي رمضان چيو. سڀ چريا پنهنجي بيڊ تان اٿندا، بيڊ نمبر ست وٽ گڏ ٿي ويا. ”اڙي پوڙها روئين ٿو! ماڻهو روئڻ لاءِ چريو ٿورئي ٿيندو آهي! ماڻهو ته کلڻ لاءِ چريو ٿيندو آهي! حرڪتون ڪرڻ لاءِ چريو ٿيندو آهي! اڙي سڀ کلو! بيڊ نمبر چار جي ضمير سڀني کي چيو. ”جيڪو نه کلندو ان جي ڪري...............!!“ بيڊ اٺ جي نواز گار وڌي. مينٽل هاسپيٽل جي گرائونڊ فلور جو وارڊ ٽهڪن سان گونجي اٿيو. سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا. اچانڪ وارڊ جي مين گيٽ کلڻ جو آواز آيو، وارڊ انچارج چهبڪ هٿ ۾ کڻي داخل ٿيو، هڪ ٻن کي وهائي ڪڍيائين. ”حرامي ڦرئو!“ گوڙ نه ڪيو، وڏو ڊاڪٽر آيل آهي..... نه ته پٿر ڪٽرائيندو مانوَ!“ وارڊ انچارج، گيٽ بند ڪري ٻاهر نڪري ويو، سڀ چريا پنهنجي پنهنجي بيڊ تي کرڙيون هڻي کلڻ لڳا. بيڊ نمبر ٻه جو لعلڻ ڪاوڙجي غسل خاني هليو ويو. بيڊ اٺ جو نواز کلندي بيڊ تان ڪري پيو. هيٺ فرش تي کرڙيون هڻڻ لڳو. لعلڻ غسل خاني مان پراڻو ڏندن جو برش کڻي آيو ۽ نڪ تي هڻڻ لڳو. ”اڙي چريا مٿي نه ٿورو هيٺ ڪري هڻ!“ بيڊ نَوَ جي گلڻ چيس. ”چريو هوندو پڻهين! چري هوندي ماڻهين! مان چريو ناهيان! باقي ڪلهه ڏند صاف ڪيا هئم ۽ اڄ نڪ صاف ڪيان ٿو! لعلڻ چيس. اچانڪ يونيورسٽي ٽوئر تي نڪتل وين اسپتال داخل ٿي. شاگرد ۽ شاگردياڻيون وارڊن جي شيخن لڳل درين وٽ کنڊري ويا، وارڊ ٻه جا چريا به درين وٽ پهچي ويا. ”ووادا! وو ڀائو! خدا سنئون مان چريو ناهيان! مونکي زال زوريءَ چريو ڪيو آهي.“ بيڊ نمبر ڇهه جو رمضان دريءَ وٽ بيٺل ڇوڪرن کي چوڻ لڳو. ”او ادي ڳاڙهن ڪپڙن واري! مونکي وٺي هل، منهنجي چار هزار فيس ڀر ته توسان گڏجي هلندس........ قسم سان مان گولڊليف جي پاڪيٽ ۾ ڪي_ٽوسگريٽ وجهي پيئندو آهيان!“ بيڊ اٺين جي نواز چريي ايلاز ڪيس. ”نه نه هي حرامي ڪوڙ ٿو هڻي، مان پن جي ٻيڙي به نه ڇڪيندو آهيان، مان رڳو ڪيلا کائيندو آهيان، ڪم به گهڻو ڪندو آهيان.“ لعلڻ نواز جي بغل مان منهن ڪڍندي چيو. ”او ڀائو ٽوپي وارا! هي ٻئي هيروئني اٿئي! مان خانداني ماڻهو آهيان، منهنجو ڀاءُ وڏيرو آهي. وڏو اوطاقي آهي، پري پري کان مهمان ايندا اٿس، اهي چرس به کڻي ايندا آهن ۽ منهنجو ڀاءُ انهن کان وٺي ڳوٺ ۾ کپائيندو آهي، مونکي وٺي هل هڪ ئي مهيني ۾ پنج هزار ڪمائي ڏيندو سانءِ!“ بيڊ چار جي ضمير ٻنهي چرين کي ڌڪا ڏيندي چيو. يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٽهڪندي ٻين وارڊن ڏانهن وڌي ويا. وارڊ انچارج اندر داخل ٿيو، سڀ چريا پنهنجي پنهنجي بيڊ تي ويهي رهيا. ”ڳالهه ٻڌو! وڏو ڊاڪٽر وارڊن جي دوري تي اچي رهيو آهي، ڪنهن به اگر شڪايت ڪئي ته اُڦٽ مري ويندو“. وارڊ انچارج داٻو ڏيندي چئين. ”ٻئي شڪايت نه آهي پر مان ڪُڪڙ جا آنا نه کائيندس، ٻهراڙيءَ جون ڪڪڙيون ڇيڳريون ميرا آنا لاهن ٿيون ۽ شهر جي ڪڪڙين جي آنن مان فيئرن لولي ڪريم جي ڌپ اچي ٿي، تنهڪري مان هاڻي آنا نه کائيندس.“ لعلڻ وراڊ انچاج کي چيو. ”چڱو چڱو، توکي ٻيهر ٻليءَ جا آنا کارائبا !“ وارڊ انچارج ورنايس. ”نه بابا! ٻليءَ جا آنا حرام آهن! مان نه کائيندس!“ لعلڻ توبهه ڪرڻ لڳو. تون به ته حرام آهين! حرام کاڌئي ته ڇا ٿي پيو!“ وارڊ انچارج چيس. ”او صاحب مان به شڪايت نه ڪندس، مونکي رڳو ڄام شوري جي چرس جوهڪڙو وزن آڻي ڏيو!“ نواز چريي وارڊ انچارج کي هٿ ٻڌندي چيو. ”اڙي ڄام شوري جو چرس ڇو؟ ڪوئيٽا جو ڇونه !؟؟“ وارڊ انچارج چيس ”ڄام شوري جو چرس ڀلو آ ابا!“ نواز ڪُڇيو. ”ڇو ڄامشوري جو چرس ڀلا سنڌ يونيورسٽي جا پروفيسر ٺاهيندا آهن ڇا!؟“ وارڊ انچارج کلندي چيس. سڀ چريا خاموش ٿي ويا، فقط ”وڏو چريو“ کنگهي رهيو هو، ڇو جو وارڊ انچارج جو چرچو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو. ”............... ۽ ها ٻڌو! اگر ڪنهن شڪايت ڪئي ته سمجهي اڦٽ مري ويو!“ وراڊ انچارج ٻاهر نڪري چوڻ لڳن. ”اڙي کلو..........! جيڪو نه کلندو ان جي ڪري...........!!“ وارڊ انچارج جي نڪرندي ئي نواز چري گار وڌي. ”اڙي هن مواليءَ جي چوڻ تي نه کلجو، ڪلهه به بيڊ ست جو خدو به آئوٽ ٿي ويو هو هاڻي زنجيرن ۾ ٻڌو پيو آهي، توهان به ٿورو خيال ڪريو. اسپتال جو ٺيڪو ته توهان کي ڪونه مليو آهي........ هاڻي جلدي جلدي سياڻا ٿيو ۽ اسپتال خالي ڪري گهر وڃي وسايو.، ”اڄڪلهه سڀ چريا ٿيندا ٿا وڃن!“ بيڊ پنج جي ڪرم سڀني کي چيو. ڪجهه چريا کلي رهيا هئا،ڪجھه مشڪي رهيا هيا ۽ ڪجهه پنهنجي منهن ويٺي سوچي رهيا هئا، پوڙهو کنگهندي کنگهندي روئي پيو. ”اڙي لعلڻ! پوڙهو روئي ٿو! هن کي کل نٿي اچي! هي ڪيئن کلندو هن جي ته ڏندن مان به ڳوڙها ٿا ڳڙن؟“ نواز پنهنجي بيڊ تان ئي پوڙهي چري کي ڏسندي بيڊ نمبر ٻه جي لعلڻ کي چيو. ڏسندي ئي سڄي وارڊ جا چريا بيڊ نمبر ست تي جمع ٿي ويا، پوڙهو کنگهه ۾ ٻڏل هو، تارا ڳاڙها هئس شايد ڪنهن مار ڏني هئس. ”ڏس پوڙها! چريا رڳو روئندا ناهن، کلندا به آهن.“ بيڊ ڇهه جي رمضان چيس.” هاڻي تون به کل ۽ وڏا ٽهڪ ڏي!“ ”مان به چريو ٿورئي آهيان، سياڻو آهيان، مان رڳو ڪيلا گهڻا کائيندو آهيان، هڪ ڏينهن گهر ۾ چلهه جي ڀرسان ڪيلا کائي رهيو هئس ته مونکي زال چيو ته تون چريو آهين، ڪيلن جون کلون به کائي ٿو وڃين!“ بيڊ نمبر ٻه جي لالڻ پوڙهي کي چيو. ”مان به رڳو ڄامشوري جو چرس پيئندو هوس، ٿورڙو موالڙي هوس، زوريءَ مائٽ هتي ڇڏي ويا!“ بيڊ اٺين جي نواز چيس. ”منهنجو ڀاءُ وڏيرو آهي، وڏو اوطاقي آهي، پري پري کان مهمان ايندا اٿس، اهي چرس به کڻي ايندا آهن، ۽ منهنجو ڀاءٌ انهن کان وٺي، ڳوٺ ۾ کپائيندو آهي ته جوءِ ۾ به ،غريبن ۽ يتيمن کي چرس جو موالي ڪري ڇڏيو اٿئين! مان هڪڙي ڏينهن چيو مانس ته ”ائين نه ڪر، ڏمر پوندئي!“ ته اُن رات جو هڪ ”ڊاڪٽر“ آيو ۽ مونکي چوڻ لڳو، ”تون بيمار آهين مان توکي سُئي هڻندس!“ پوءِ هن مونکي هڪ سُئي هڻي ڪڍي، ٻه ٽي ڏينهن غش هئس، اٿيس ته سڀ ”چريو چريو“ چئي رهيا هئا.“ بيڊ چار جي ضمير، پوڙهي کي ٻڌايو. ”چاچا ڪراڙا! مائٽن منهجي شادي جنهن ڇوڪريءَ سان ڪرائي، اها عمر ۾ مونکان ننڍي هئي، پر منهنجو نالو ۽ هن جي پئُ جو نالو به رمضان هو، هوءَ مونکي هٿ لاهڻ به نه ڏيندي هئي، چوندي هئي ته، ”تون منهنجي پيءُ وانگر آهين“ مان ڀي چريو ناهيان! مونکي زال زوريءَ چريو ڪيو آهي“. بيڊ ڇهه جي رمضان ٻڌايو. ”هي هي........... هي! اڙي سڀ کلو! جيڪو نه کلندو، ان جي ڪري............!!“ بيڊ اٺين جي نواز گار وِڌي. سڀ چريا کليا پر پوڙهو خاموش ويٺو ڳاڙهن تارن سان سڀني کي ڏسي رهيو هو. ”توکي به زال چريو ڪيو آهي نه؟!“ رمضان پوڙهي کي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو. پوڙهي ڪرب مان ڪنڌ ڌوڻي نهڪار ڪئي. ”هاڻي ڳالهاءِ به”وڏا چريا“ ته توکي ڪنهن چريو ڪيو آهي!؟“ لالڻ پڇيس. ”ها مان ڄاڻي بچاڻي ”وڏو چريو!“ آهيان مون چريي جو پٽ وڏو آفيسر آهي، وڏو سرڪاري بنگلو اٿس، آفيسر جي ڌيءُ زال اٿس، چار چار نوڪر اٿس، هي وڏو چريو به ساڻس گڏ رهندو هو، جنهن محنت مزدوري ڪري پئي زندگي گذاري، پٽ کي آفيسري ملي ته وٺي وڃي سرڪاري گهر ۾ ترسايائين. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجو آفيسر پٽ ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪا شهري ڇوڪري پرڻجي اچي گهر پهتو، مونکي ان لائق به نه سمجهائين جو ساڻس گڏ هجان ها ۽ خوشئَ ۾ شريڪ ٿيان ها، اندر جون مڪون اندر ۾، ٻڙڪ نه ڪا ٻولي هئم. ڪلهه رات ورانڊي جي ڪنڊ ۾ پيل کٽ تي ستو پيو هئس ته ڪمري مان آواز آيو: ”جمي! مونکي خبر هجي ها ته تون ڪنهن ڳوار جو پٽ آهين ته توسان هرگز شادي نه ڪريان ها؟“ ڪنوار جو آواز آيو. ”ڏس مهڪ! هو منهنجو پيءُ آهي، آءٌ سندس اولاد آهيان، هن جي خدمت ڪرڻ منهنجو فرض آهي، هن جا به ڪي حق آهن مونتي.“ ”جمي! مونکان هاڻي برداشت نه ٿو ٿئي، پوڙهو اڌ رات جو کنگهي کنگهي منهنجي ننڊ به ڦٽائي ٿو ڇڏي، پوڙهي جو ڪو بلو ڪر يا ته مان هي گهر ڇڏي هلي ويندي سانءِ!“ ”پليز مهڪ! مان پنهنجي پيءُ کي پوڙهائپ ۾ ڪا ٿي روليان!؟“ ”سرونٽ ڪئاٽر ۾ رهائينس يا مينٽل هاسپيٽل ۾، پر مونکان پري هجي“ ڪنوار ڪاوڙ ۾ چيو هئس. صبح جو هو مون وٽ آيو هو، ڪنڌ جهڪيل هوس منهنجي نرڙ تي هٿ رکي ڏٺائين. ”بابا توهان جي طبيعت اڄ ڪلهه ٺيڪ نه ٿي رهي، کنگهه به وڌي وئي اٿوَ، هلو ته توهان کي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وٺي هلان.“ پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندي چيو هئائين. مون انڪار نه ڪيو هو، هو پنهنجي سرڪاري گاڏي تي کڻي مونکي هن اسپتال ۾ وٺي ويو. مونکي ويهاري ڪجهه لمحن لاءِ اسپتال جي ڊاڪٽرن سان مليو ۽ پوءِ مان سندس سرڪاري گاڏي جي ڦيٿن جا زوزاٽ ٻُڌا، جيڪي اسپتال جي مين گيٽ کان ٻاهر پئي ويا ۽ پوءِ ڪجهه لمحن ۾ اهو وارڊ انچارج آيو، ٻه چار چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ پوءِ ڪن کان پڪڙِي هن وارڊ ڏانهن گهلي وٺي آيو. پوڙهي جي ڳاڙهين سجيل اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. وارڊ جا سڀ چريا وڏي ڊاڪٽر جي اچڻ کان اڳ اُٿندا پنهنجي پنهنجي بيڊ تي وڃي ڪريا ۽ بيڊ نمبر ست تي وڏو چريو اڪيلو روئندو رهجي ويو.