سيد ماڪن شاهه رضوي لاڙ پڇاڙ جي شهر جهُڏو سان تعلق رکي ٿو. سندس علم ادب سان شروع کان چاهه آهي ۽ ريڊيو ڪمپيئرنگ ۾ ڪمال آواز جي جادوگري سان سڄي سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا پرستار رکي ٿو. لکڻ جو به بهترين ڏانؤ اٿس ۽ لفظن جو انتخاب انتهائي بهتري. تازو ڪاوش ۾ ماڪن شاهه رضوي پاران سنڌ جي ڍڳي گاڏي بابت هڪ تفصيلي آرٽيڪل ڇپيو جيڪو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو. سومر 22 جون 2015ع هن جِند جهڙي سنڌ جا اُهي ڏينهن به سارَ جي تار تي لُڏن ٿا، جن ڏينهن جي باکَ ڦُٽي ويل، ڳچ پنڌ پريان ڪچي رستي تان ويندڙ ڍڳي گاڏيءَ جي ٺڙ ٺڙ سان گڏ، جوٽيل ڍڳن جي ڳِچين ٻڌل چنگن جو آواز، ماڪَ ڀِنل موتئي جي سُرهاڻ جيئن ستن ننڊن مان به سُجاڳ ڪري ڇڏيندو هو ۽ پريان وري ڪا ڪوئل ڪُوڪ ڪري. ، ساجهر صُبح جو سَنهيو ڏيڻ سان گڏ وِڇوڙن جي وَر چَڙهيل دِلين کي رهڙي ويندي هُئي. اڃا ڪا بِنهه پراڻي ڳالهه ته ڪانهي، رُڳو ويهه پنجويهه ورهيه ئي گُذريا هُوندا، جن ۾ گهڻي تيزي سان مشينن زندگيءَ جي هر شُعبي تي قبضو ڪيو آهي. تن ڏينهن ۾ ٽريڪٽر به آيو هو ته صرف وڏن زميندارن وٽ. نه ٽرالي عام هُئي نه ٿريشر يا مني ٽرڪ شهزور، مزدا ۽ سوزوڪي پڪ اپ جي گهڻائي هُئي. تڏهن اهي ڀَٽارا ڍَڳا ۽ ڍڳي گاڏيون ئي پوکي راهي توڙي بار برادري جي ڪم لاءِ ڪتب ايندڙ هئا. موهن جي دڙي مان مليل رانديڪي ڍڳي گاڏيءَ جو شروع ٿيل هزارن سالن جو سفر کُٽو ته اڃان به ناهي. اها دَراوڙن جي جوڙيل ڍَڳي گاڏي اڄ به ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڪچي رستي تي ڍَڳن ۾ جوٽيل هلندي رهي ٿي. پر اهو به ڪَڙو سچ آهي ته مشيني ماحول سنڌ جي ان ڍڳي گاڏيءَ کي بنهه محدود ڪري ڇڏيو آهي. چيٽ ڪَتيءَ جي فصلن جون جنسون جن ۾ چيٽ ۾ ڪڻڪ يا تُوريون ۽ ڪَتيءَ ۾ ڪپهه (ڦٽيون)، مِرچ، ڳُڙ، توڙي ساريون کرن کان شهر جي بازار تائين اڃا ڍڳي گاڏي پهچهائيندي رهي آهي. گهوڙي تي موڙ ٻڌي ويٺل گهوٽ سان گڏ هلندڙ ڄاڃين کي به اها ڍڳي گاڏي کڻي ڪنواريتن تائين پُهچائيندي رهي. اهو به ضرور آهي ته اُتر سنڌ جي ڍڳي گاڏي ۽ لاڙَ توڙي وچولي جي ڍڳي گاڏيءَ جي گهاڙيٽي ۾ فرق آهي ته پنجاب واري پاسي هلندڙ گاڏي هڪڙي ڍڳي يا سانَ پاڏي سان به ڇِڪي ويندي آهي پر جنهن ڍڳي گاڏيءَ جي سُونهن سَٽاءَ جي مشهوري مُلڪان مُلڪ آهي. اها لاڙ پٽ جي ڍڳي گاڏي آهي. ٻٻر، ٻير يا ٽالهيءَ جي وَڻَ جي ڪاٺيءَ مان بنهه سُهڻي ۽ مضبوط ڍڳي گاڏي ٺهندي رهي آهي. ضلعي ميرپورخاص جي شهر جهُڏي گدام جي ٺهيل گاڏي سڄي سنڌ ۾ مشهور، مضبوط ۽ وڻندڙ مڃي ويئي، جيڪا ٿهيم، شيدي ۽ پراڻا سيٽلر پنجابي واڍا ٺاهيندا هُئا. مضبوط تختن سان پهرين ته ڍڳي گاڏيءَ جو تر جوڙبو هو، جنهن کي ٺانٺو چئبو ۽ ان ٺانٺي جي ٻنهي پاسن کان ديوارن جيئن جوڙيل مضبوط تختن کي چئبو هو بانڪ، جنهن جو جمع هُوندو بانڪوٽ. انهن بانڪن کي کٽ جي اِيسَ جهڙيون پَٽيون لڳائي مٿن گُلَ ٻُوٽا به ٺاهبا هئا ته چمڪندڙ لوهي ڪوڪا به هڻبا، پوءِ ڊِگهي مضبوط چِيريل ۽ تريل ڪاٺيءَ تي ان ٺانٺي کي بيهاربو هو، جيڪا اڳيان ڊِگهي هُوندي هئي. ان کي چئبو هو پول، ڪي وري اُود به سڏين. ان پول جي منهن ۾ هڪ ڪاٺي گاڏيءَ جي قد جيتري فِٽ ٿيندي هُئي، جنهن کي چئبو هو اونٽڙو، جيڪو گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏيئي سِڌو بِيهاريندو آهي. اونٽڙو نه هوندو ته گاڏي ڄڻ مُنهن ڀر ڪِري پئي هُوندي. وري لوهه جو هڪ ٿُلهو ڏنڊو ماپ ڪري هڪ ٻي ڪاٺي سان جَڙي ڍڳي گاڏيءَ جي ٺانٺي هيٺيان لڳائبو هو، جنهن جا ٻنهي پاسي ڇيڙا هڪ جيترا ٻاهر نڪتل هُوندا هئا. ان لوهي ڏَنڊي کي سڏبو هو دُري، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان ڦِيٿا لڳندا هُئا، جن ڦِيٿن کي چئبو هو چاڪ ۽ چاڪ به ٺهندو ڪاٺ مان، جيئن سائيڪل جو ڦِيٿو تارن سان ٺهيل هُوندو آهي. ائين ڍڳي گاڏيءَ جي چاڪ ۾ جيڪي ڪاٺَ جون مضبوط ڌِڪيون لڳل هُونديون آهن، تن کي چئبو هو ”ارو“، جن جي جمع ٿيندي ”ارا“ ڦِيٿي يا چاڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ان مٿان لوهه جو پَٽو چاڙهبو آهي. دُري ۾ چاڪ لڳائڻ کانپوءِ انهن کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ لاءِ چُنهبدار لوهه جا ٽڪرا دُري جي سوراخن مان مٽائي ڇڏبا آهن، تن کي چئبو آهي چاٻي...ٺانٺي جي اڳيان گاڏي هلائڻ واري لاءِ جيڪو خوبصورت تختو لڳايو ويندو آهي. ان کي چئبو آهي ٿارو ۽ اُنهيءَ ٿاري اڳيان هڪ ٿُلهي ڪاٺَ جي تختي لڳائي ويندي آهي، جنهن ۾ ٻه سوراخ هُوندا آهن. گهڻي سامان يا بُهه ۽ پرار کڻڻ وقت ان ۾ ٻه ڪاٺَ جا خاصا ٿُلها ڏَنڊا وِجهبا آهن، جن کي اَڏا ۽ سوراخن واري تختيءَ کي ”اڏا مڪڙي“ چئبو آهي. پول جي اڳين پاسي آخري دنگ تي ”اونٽڙي“ جي مٿان ”پانجاري“ ٻَڌبي آهي. ڍڳي گاڏيءَ جي پانجاري هَرَ جي پانجاري کان ان ڪري مختلف آهي، جو هَرَ جي پانجاري ۾ هيٺان مٿان ٻه ڪاٺيون هُونديون آهن پر ڍڳي گاڏيءَ جي پانجاري صرف مٿين هڪ ڪاٺيءَ تي ٻڌل هُوندي آهي، جنهن تي چِٽسالي به ٿيل هُوندي آهي ته ٻنهي ڍڳن جي حوالي سان ٺاهيل ٻه اڌ گول جهڙا نشان به هُوندا آهن، جنهن کي ”ڪُلها“ چوندا آهن. پانجاري جي ٻنهي ڇيڙن تي سوراخ هُوندا آهن، جڏهن گاڏي جوٽبي آهي ته اها پانجاري ٻنهي ڍڳن جي ڪلهن تي رکي انهن کي چمڙي جي پٽن سان ڪنڌ هيٺان وَرَ ڏيئي ٻنهي پانجاري جي ڇيڙن تي ٺهيل سوراخن ۾ ٻه ڪاٺَ جا ڪِلا وجهي انهن سان ٻڌي ڇڏبو آهي. چمڙي جي انهن پٽن کي ”جوٽا“ ۽ ڪاٺ جي ڪلن کي ”ڏورڻا“ چئبو آهي. بيل گاڏيءَ جي بانڪ سان هڪ ننڍڙو لوهي دَٻو به ٻَڌل هوندو آهي. جنهن ۾ سرنهن جو يا سڙيل ڪارو تيل ڀريل هُوندو آهي، جنهن ۾ پراڻين ڪپڙي جي اڳڙين جون لِيڙون ۽ هڪ سنهي لوهي سِيخَ پيل هُوندي آهي. ڍڳي گاڏي هلائيندڙ هاري ان لوهي سِيخَ سان انهن اڳڙين کي چاڪ جي سوراخن ۾ وجهندو آهي، جنهن ڪري لوهي دُري ۽ چاڪ جو سوراخ هميشه سڻڀو رهندو آهي ۽ چاڪ آسانيءَ سان ڦِرندو آهي. جڏهن ته هاري ٿاري تي ويهي انهيءَ رَسي کي جهلي گاڏي هلائيندو آهي، جنهن کي راسون چئبو آهي. راسن جا ٻيا ٻئي ڇيڙا ڍڳن جي نڪ مان لنگهايل اُن سنهي ڏور سان ٻڌل هُوندا آهن جنهن کي نَٿَ چئبو آهي. سنڌ جي انهن مضبوط ڍڳن سدائين انهيءَ ثقافتي ورثي ڍڳي گاڏي کي ڇِڪيو آهي. صَدين ۽ جڳن کان اهو پنڌ جاري آهي. هاڻي هر پاسي چنگچيون، ڊاٽسنون، ننڍيون وڏيون ٽَرڪون، ٽريڪٽر ٽراليون آهن، جن جي انجڻين جا آوازَ فِضا ۾ هر طرف پکڙجن ضرور ٿا پر انهن وحشتناڪ آوازن جي وِچَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اُن ڍڳي گاڏيءَ جي ٺَڙ ٺڙ ۽ ڍڳن جي وڄندڙ چنگن جي اڻ لکي پُڪارَ پِرهه ويلَ جي پکين جِيئن موهن جي دَڙي جي ان دَراوڙ جي رُوح جي پُڪارَ بڻجي اهڙو سَنهيو ٿي ڏي ته، او سنڌ واسيو....! پنهنجي ثقافتي ورثن جي سارَ لهو، اُنهن جي سنڀارَ ڪريو. نه ته وقت جي گهاڻي ۾ پِيڙجي اوهانجو نسل لاوارث بڻجي پنهنجي ڌرتيءَ تي به ميلي ۾ وڃايل ٻارَ جيئان وائڙو ٿي ويندو ۽ چُپ چاپ ڌرتي به اوهانجي پيرن هيٺان کِسڪي پئي. ان پراڻي چوڻي جي پارت اٿئو ته، ”ڍَڳي جي سِڱَ تي ڌرتيءَ جو گولو بيٺل آهي.“ جيڪڏهن ان چوڻيءَ کي ائين چيو ويو ته، ”نه هاڻي موٽر جي اسٽيئرنگ تي ڌرتيءَ جو وِجود بيٺل آهي.“ ته ڌرتي ماءُ جو سُنهن، ته ڀِينگَ ٿي ويندي! ويون پٻ پئي، کيرون کاهوڙين جون آئون تن ڏوٿين جو، پُڇان پير پهي رُڃن رات رهي، ڏُونگر جَنين ڏوريا (شاهه) makanshahrizvi@hotmail.com
ها اهي به ڪي ڏينهن هيا ... جڏهن ڳوٺن ۾ موٽرون ُعيره ڪونه هيون ... تڏهن ڏاند گاڏين ۾ چڙهياسين. ماڪن شاهه رضوي جي سهڻي لکڻي