• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تازو نظم عشق عقل جو جهيڙو...

عشق عقل جو جهيڙو
________________________

عشق عقل جو جهيڙو آهن سدائين جهڙپون
هو پاڻ ۾ ٺهن ڪين بي بس اسان پيا تڙپون
هڪڙو چئي هلي آ ٻيو دردن سان دوريون ڏي ٿو
ڪهنجي منڃا مان يارو سڪ ۾ پيا ٿا سڙڪون
هڪڙو ڏئي امنگون ٻيو زور سان ٿو روڪي
وچ ۾ وجود منهنجو سڪرات ۾ ٿيون سوچون
حب لاءِ حرکي دلڙي کائي دماغ دڙڪا
ههڙي نه ڪنهن سان ٿيندي لوچن مٿان هي لوچون
محبت سوا حياتي بڇڙو هي بار آهي
هاڻي عقل پري ٿي محبت کي آءُ موکيون
دل جي چوڻ تي هو جو پهتو هو يار جي در
ڪسجي ويو امر ٿي قصا نه هاڻي گهڙ تون

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top