• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪهڙِ پاسي دل کي لڳايون....

ڪهڙي پاسي دل کي لڳايون
__________________________

ڪافي

عالم سارو ٿيو بڇڙايون ڪهڙي پاسي دل کي لڳايون
ڪوڙ ڪپت جو سارو جهان ٿيو چاهت ۾ پو ڪنهن کي چاهيون
دوکو دنيا درد ڀريل آ مصنوعي هت بره بڻيل آ
ٺاه ٺڳي سان هرڪو جڙيل آ او ڪين رهيون هت يارن ياريون
جيت لئه هرڪو جوکا ڏي پيو عشق اڻايون دوکا ڏي پيو
محب نه هاڻي موقعا ڏي پيو حال هي دل جو ڪنهن کي سڻايون
محب مٺي لئه تڙپي دلڙي سڪ سڄڻ جي محبت مٺڙي
ڪين منجي ڪو نياپو خط ڙي سرتيون جنهن کي سڪ ۾ سنڀاريون
دل ته چري ٿي چهڪ وجهي من آءُ پيارل تون به گهڙي کن
دل تان دردن جي ڪا لهي ڌن عشق کي اهڙو آءُ اٿايون

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top