منور سراج هن شهر ۾ هو بلڪل اجنبي هئو. هو هڪ تمام شام وسندي برسات ۾ آيو هئو. برسات موٽي وئي هئي پر هو اتي رهي پيو هئو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هو ڪير هو ۽ ڪٿان آيو هو. هو ماڻهن جي دنيا کان الڳ ٿلڳ هڪ اڪيلو چپ چاپ ۽ مڪمل اداس شخص هئو. سندس لهجي ۾ اهڙي اداسي هئي جيڪا خودڪشي جي خيال تي سنجيدگيءَ سان سوچيندڙ شخص جي لهجي ۾ هوندي آهي. سندس آواز ڪنهن ويران مقبري مان گونجندڙ گھنڊ جھڙو پراسرار هئو. ماڻهن جو خيال هئو ته هو دوستيءَ جي سرحد مان جلاوطن ٿيل هڪ ڏکارو شخص آهي پر ماڻهن جو اهو خيال غلط هو، ها، هو دوستي جي ڌاڳي کان ڇرڪيل ضرور هئو جو ڪجھه دوستن مٿس بنا ڪنهن سبب جي پنهنجي گھرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. پر هو دوستي جي سرحد مان جلاوطن قطعي به نه هئو. دوستي ۾ سندس ايمان ايترو ئي پڪو جيترو ڪنهن عابد جو ايمان خدا ۾ پختو هوندو آهي. دراصل ڇا هئو ته هن کي دوستن سان محبت ٿي ويندي هئي. (محبت هميشه ڏک ڏيندي آهي) هن وٽ دوستي لاءِ ڪو به ٻيو يا ٽيون رستو نه هئو، تنهن ڪري هو ان معاملي ۾ محتاط ضرور هئو. دراصل جڏهن کان سندس هڪ محبوب دوست هڪ گلن پٽڻ واري لاهياريءَ جي محبت ۾ مبتلا ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، تڏهن کان هن نوان دوست ٺاهڻ ڇڏي ڏنا هئا. هن جي باري ۾ ماڻهن جو اهو به خيال هئو ته هن شهر ۾ سڀني کان ڪنگلو ۽ قلاش ماڻهو هيءٌ شخص آهي. جنهن وٽ پائڻ لاءِ هڪ ڪوٽ، ٻن پينٽين ۽ رهڻ لاءِ هڪ بي رنگ ڪمري کان سواءِ ڪجھه به نه آهي. ماڻهن جو اهو خيال به غلط هئو. هن وٽ پائڻ لاءِ برابر ٻن پينٽين، هڪ ڪوٽ ۽ رهڻ لاءِ هڪ ڪمري کان سواءِ ڪجھه به نه هئو پر بهرحال هو قلاش نه هو. هن وٽ رهڻ لاءِ برابر هڪ پراڻو ۽ بي رنگ ڪمرو هئو پر ماڻهن کي اها خبر ئي هئي ته ان ڪمري ۾ ڪيتري سرهاڻ ڦهليل هئي. ڪمري جي هڪ بوڪ شيلف ۾ رکيل ڊائرين ۾ سندس ڪيتريون يادگيريون رهيل هيون. ماڻهن کي اها خبر به بلڪل نه هئي ته ڪتابن جي شيلف ۾ رکيل شيشي جي برني ۾ هن پوپٽن جا پر سانڍي رکيا هئا، هو اڪثر سردين جي سرمائي شامن ۾ شهر جي رستن تي گھمندي ڪنهن تيز رفتار ڪار جي ونڊ اسڪرين سان ٽڪرائجي پٽ تي ڪريل پوپٽ کي کڻي ڦوڪون ڏئي گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو گھر ڏانهن موٽندو هئو. پر جڏهن پوپٽ سندس هٿن ۾ پنهنجا رنگ ڇڏي مري ويندو هئو ته هو روئڻهارڪو ٿي ويندو هئو ”پوپٽ پرن کان سواءِ زنده رهي نه سگھندا آهن . . . . بس پوپٽ يا ته اڏامندا رهندا آهن يا مري ويندا آهن.“ جنهن مهل هو مئل پوپٽ کي برنيءَ ۾ وجھي ڍڪ ڏيندو هئو ته ائين اٻاڻڪو ٿي ويندو هئو ڄڻ ننڍڙي ٻار کي قبر ۾ دفن ڪري رهيو هجي . . . . ! هو شهر ۾ دڪاندارن کان خريداري ڪرڻ کان ڏاڍو ڊڄندو هئو! کيس دڪاندارن جون اکيون انهن مکين جھڙيون لڳنديون هيون جيڪي هر گھڙي گند ڳولينديون رهنديون آهن. هو دڪاندارن جي ڪوڙن قسمن ۽ مصنوعي مرڪن ۾ زخمي ٿي پوندو هئو. هو ڊاڪٽرن کان ان ڪري علاج ڪرائڻ کان لهرائيندو هئو جو کيس ڊاڪٽرن جي اکين ۾ پئسن جي ميراڻ ڏسڻ ۾ ايندي هئي، کيس ڊاڪٽرن جون اکيون بئنڪن ۾ رکيل لوهي لاڪرن جئان بي رونق ڀاسنديون هيون! هن جو خيال هو ته ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن ان ڪري انهن جي سنگت صليب سان هئڻ گھرجي . . . ! هن کي انهن مائرن تي ڏاڍو پيار ايندو هو جيڪي رات جو ٻارن کي لولي ڏئي ننڊ ڪرائينديون آهن. ٻارن جي ڳچيءَ ۾ ڪارا ڌاڳا پڙهائي وجھنديون آهن. کين تعويذ پارائينديون آهن. هن جو چوڻ هو ته ٻارن جي ڳچيءَ ۾ پاتل ڪارا ڌاڳا ۽ چاندي جا تعويذ دراصل مائرن جا نيڻ هوندا آهن. نيڻ جيڪي ٻارن کي بد نظرن کان بچائيندا آهن. چون ٿا هو هوائن، بارشن ۽ وڻن جي محبت ۾ مبتلا هڪڙو جنوني شخص هو، هن جي دعوى هئي ته ٻارن، پوپٽن، وڻن ۽ پرين جي آکاڻين کانسواءِ هي دنيا بلڪل فضول ۽ بي رنگ هجي ها. ٻارن جي اغوا ڪاري جي بي مهر موسم جڏهن مائرن جا نيڻ الڪن جا آکيرا ٿي ويندا هئا ته هو پنهنجون ننڊون وساري رات واري چوڪيدار جي اکين ۾ ٽڪي پوندو هو. هن جو چوڻ هو ته ڪنهن ٻار جي اغوا ٿيڻ سان ان جي ماءُ جا ست جنم اغوا ٿي ويندا آهن . . . .! هو چوندو هئو ته صبح جو ننڊ مان اٿارڻ مهل ٻارن کي اسڪول وڃڻ لاءِ دڙڪا نه ڏيڻ گھرجن ڇو ته ننڊ ۾ ٻار پوپٽ بڻجي ويندا آهن ۽ پوپٽن کي اسڪول جي ڳڻتي نه هوندي آهي. کيس انهن جهازن تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي جيڪي شهر جي ڀرسان هوائي اڏي تان اڏامندي لهندي رات مهل زوزاٽ ڪندا گھرن جي مٿان گذرندا هئا. جنهن تي ٻار ڇرڪ ڀري جاڳي پوندا هئا. هن جو خيال هو ته جيڪي ٻار جھازن جي ڀرڙاٽن تي ڪمهلو ڇرڪ پائي جاڳي پوندا آهن اُهي سدائين ڇرڪ ۾ ورتل هوندا آهن . . . ! رات جي بيگاه وقت جھازن جي اڏامن تي پابندي وجھڻ لاءِ هن انتظاميه وٽ شڪايت به درج ڪرائي هئي پر هنن سندس درخواست کي پاڳل شخص جو وهم نامون سمجھي ڦاڙي ڇڏيو هو . . . . اهڙي شڪايت ته هن بلديا وارن وٽ به درج ڪرائي هئي. جنهن ۾ هن وڻن، ٻوٽن ۽ پارڪن کي پاڻي نه ڏيارڻ تي دانهيو هو. سندس خيال هو ته وڻن ۽ ٻوٽن جي سڙڻ سان ٻار پارڪن ۾ رانديون کيڏڻ وساري وڏن وانگر سنجيده رهڻ لڳندا آهن . . . . ۽ ٻارن جي اکين ۾ لٿل سنجيدگي سٺو سئوڻ ناهي! بلديا وارن سندس شڪايت جو ڪوئي نوٽس نه ورتو . . . .! هو انتظاميه لاءِ پاڳل ۽ شهر جي ماڻهن لاءِ ته جنوني شخص هئو پر ناسي اکين واري ڇوڪري لاءِ هو پاڳل هو نه ڪو اوپرو. ان شام بارش ۾ شهر جا رستا پرديس پرڻجي ويندڙ ڇوڪرين جي اکين جيئان آلا ٿي ويا هئا. ان مهل ناسي اکين واري ڇوڪري آلين آڱرين سان فون جو ڊائل گھمايو. هو پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ وٽ بيٺو مينهن جي ڪڻ ڪڻ ڏسي رهيو هو. ”هيلو“ . . . . .”جي هيلو“ ڏسو . . . . . معاف ڪجو . . . . . مون اوهان کي ڊسٽرب ڪيو . . . . دراصل . . . . . مان اوهان سان پنهنجي اداسي شئر ڪرڻ ٿي چاهيان . . . . . مان ڏاڍي اڪيلي آهيان. پليز . . . . فون بند نه ڪجو . . . . . رسيور مان اڀرندڙ آواز سمنڊ جي لهرن جھڙو ٿڌو ۽ مترنم هو . . . . . . ها . . . . . ڳالهايو . . . . . مان فون بند نه ٿو ڪيان . . . . . مان اوهان جون ڳالهيون ٻڌڻ ٿو چاهيان . . . . . اداس ماڻهو ته منهنجا آئيڊيل هوندا آهن . . . . اوهين ڳالهايو . . . . مان ٻڌان پيو . . . . . مون کي شامون اڪثر اداس ڪري ڇڏينديون آهن . . . . . تمام گھڻو اداس ۽ وياڪل ائين ڇو آهي . . . . . مون سان ائين ڇو ٿو ٿئي. هڪ گھڙيءَ لاءِ صديءَ جيڏي سانت ڇائنجي وئي ۽ پوءِ برف جئان جھٽ ۾ وگھري وئي. ڇو جو تون پنهنجي پهرئين جنم ۾ هڪ خوبصورت پري هئينءَ . . . . ڇا مطلب اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو . . . . مان ڪو نه سمجھي سگھيس . . . . . تون پنهنجي گذريل جنم ۾ هڪ سهڻي پري هئينءَ . . . . . ۽ هڪ ديو وٽ قيد هئينءَ . . . . تون هن جنم ۾ اڳئين جنم جو ڏک ورثي ۾ کڻي آئي آهين . . . . . هو آهستي آهستي ڳالهائي رهيو هو. ڌيان ۾ ويٺل ڪنهن گيانيءَ جيان. ڇا ڏک به ورثي ۾ ملندا آهن . . . . . ؟ هڪ ڏکارو آواز اڀريو. کوهه ۾ ڪريل پٿر جي پڙاڏي جئان. ها رڳو ڏک ئي نه انتظار به نسل در نسل منتقل ٿيندا آهن . . . . . هڪڙين اکين مان ٻين اکين ۾ . . . . تڏهن ئي ته ڪجھه اکين جو انتظار ڪڏهن به تمام نه ٿيندو آهي . . . . . هو سدائين ڪنهن اڻ ڄاتي شيءِ جي انتظار ۾ رهنديون آهن . . . . . مون تنهنجون اکيون ته نه ڏٺيون آهن پر پڪ اٿم ته انهن ۾ به ڪڏهن به نه وسامندڙ انتظار جا ڏيئا ٻري رهيا هوندا . . . . فون تي هڪڙو سڏڪي جو پڙاڏو گونجيو . . . . . جنهن جو آواز ٻار کيماءُ جي ڏنل چميءِ جھڙو مقدس ۽ مٺو هو . . . . ۽ پوءِ اچانڪ لائن ڪٽجي وئي . . . . . . ناسي اکين واري ڇوڪريءَ جا لفظ اڌ ۾ رهجي ويا؛ ڪجھه وقت کان پوءِ شهر جي هڪ گھر مان هڪ تابوت نڪتو . . . . ڪانڌي تابوت کي تڪڙو تڪڙو قبرستان ڏانهن کنيو پئي ويا . . . . اوندهه ٿي وئي هئي . . . . مٿان ڪڻ ڪڻ پئي وسي. ڪانڌين کي مينهن ۾ قبر پسڻ جي ايتري ڳڻتي نه هئي جيتري کين سامهون منهن ۾ پوندڙ ماڻهن جي پريشاني هئي . . . . وٽن هڪ لالٽين کانسواءِ روشنيءَ جو ٻيو انتظام نه هو . . . . هوا جي جھوٽن تي لالٽين جي روشني ڪنهن مهل گھٽجي ٿي وئي ته ڪنهن مهل وڌي ٿي وئي. اونداهيءَ ۾ دفن ٿيندڙ ڇوڪري هڪ اجنبي مرد سان فون تي ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪئي وئي هئي! هُو به اُن شام ئي گم ٿي ويو . . . . وسندي بارش ۾ . . . . هو ان شهر ۾ آيو به وسندي بارش ۾ هو . . . . وڃڻ مهل سندس ڪوٽ جي ڪالر ۾ مانجھاندڙيءَ جو ڦڪو گل لڳل هو ۽ سندس هلڻيءَ ۾ ڦاسيءَ جي ڦندي ڏانهن ويندڙ باغيءَ وارو شان هو. هن جي گمشدگيءَ تي ڪنهن به توجھه نه ڏني. شهر جي ڪنهن به ماڻهو رستي هلندي هن بابت سوچيو به ته فقط اهو ته هو جتان آيو هو اوڏانهن هليو ويو هوندو . . . . سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ڌنڌي ۾ مگن هئا . . . . ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه هجي . . . . هڪڙو ننڍڙو ٻار جيڪو سڄي شهر ۾ اجنبي شخص جو اڪيلو دوست هئو . . . . ماڻهن کي ٻڌائيندو پئي وتيو هن جي گمشدگيءَ بابت . . . . . پر ان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو . . . . سندس ڳالهه ۾ ڪنهن کي به دلچسپي ڪو نه هئي . . . . . پر ٻئي ڏينهن ننڍڙي ڇوڪري جيڪو انڪشاف ڪيو ان ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ضرور ڇڪايو . . . . . پر اها ڳالهه ٻُڌي ماڻهو وات تي هٿ رکي کلڻ ۾ ٻڏي ٿي ويا . . . . . ۽ وڌيڪ ڪجھه پُڇڻ بنان پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن وڌي ويا . . . . پر ڇوڪرو ڏاڍو مطمئن هو . . . . . هو ماڻهن کي ٻڌائي رهيو هو ته مون ان هُن شخص کي پنهنجي اکين سان قبرستان ۾ سڄر ٺهيل هڪ بنا قطبي واري قبر جي سامهون . . . . بڙ جي جھوني وڻ ۾ . . . . ويٺل اجنبي پکيءَ جي اکين ۾ ڏٺو آهي . . . . . پر سندس ڳالهه تي ڪنهن کي اعتبار نه آيو.