اسلام عليڪم دوستو جيڪڏهن توهان وٽ نيٽ موجود آهي ڀلي وائيفائي يا ڊي ايس ايل ان کي پنهنجي ڪمپيوٽر مان موبائل ڊوائيس تي هلائڻ چاهيو ٿا ته هي ننڍڙي ٽرڪ کي آزمايو توهان کي ڪنهن به سافٽ انشال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. نوٽ پيڊ کوليو ۽ هي ٽائپ ڪريو. netsh wlan set hostednetwork mode=allow ssid=MYWIFI key=12345678 netsh wlan start hostednetworkهن کي ڪوبه نالو ڏيئي bat. آخر ۾ لڳائي محفوظ ڪريو مثال wifinet.bat ياد رکو سيو ڪرڻ کان اڳ سيو ٽائپ مان آل فائل سليڪٽ ڪجو . هاڻ محفوظ ٿيل فائل تي ڊبل ڪري يئس ڪريو . توهان جو پنهنجو وائفائي نيٽ ورڪ ٺهي ويو. ssid توهانجي وائفائي نيٽ ورڪ جو نالو ظاهر ڪندو ان تي ڪو به پنهنجو نالو ڏيوس جڏهن ته key ۾ توهان 8 اکر يا لفظن تي مشتم پاسورڊ ڏيئ هلايوس.