20 جون 2015 جو اهو رڪارڊ ٽوڙ گرم ترين ڏينهن جيڪو 1979ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪراچي شهر ۾ آيو ۽ درجه حرارت 45 تائين وڃي پُهتو. پر گهڻن ماڻهن لاءِ حيرت جو سبب اها ڳالهه ٿي پئي ته ان کان وڌيڪ گرمي ته ٻين شهرن ۾ پوي ٿي ۽ هر سال ٿئي ٿي مثال طور سبي، جيڪب آباد ته هر سال 50 ڊگري سينٽي گريڊ کي پُهچن ٿا پر اُتي ته ڪڏهن ايترا ماڻهو مُتاثر ناهن ٿيا بلڪه خود ڪراچي ۾ به جڏهن 1979ع ۾ ساڳي گرمي پد هو ته ان ۾ايترو نُقصان بحرالحال نه ٿيو جيترو هن دفعي ٿيو جو چار ڏينهن ۾ هزار کان مٿي جانيون هليون ويون. اها حيرت ايتري قدر هُئي جو جڏهن ڪراچي وارن پاران سوشل ميڊيا تي 45 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي تي پريشاني جو ذڪر ٿيو ته اُتر سنڌ جي گرم علائقي واسين جا طنزيه ڪمينٽس اچڻ لڳا ته ڪراچي وارا ڏاڍا نازڪ ٿي پيا آهن جو 45 ڊگري تي ئي رڙيون ٿا ڪن نه ته اسان وٽ ته هر سال 50 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. پر جڏهن ڏسندي ڏسندي اهو 45 ڊگري سينٽي گريڊ هڪ ٻئي پُٺيان لاش ڪيرائڻ جو سبب ٿيڻ لڳو،سرد خانن ۾ لاش رکڻ جي گُنجائش نه رهي ۽ قبرن جا ريٽ وڌي ويا ته سڀني سمجهي ورتو ته اهو گرمي پد ڪراچي لاءِ معمولي نه هو.
سڀني ٽي وي چئنلز توڙي اخبارن ۾ خبر هلي ته ڪراچي ۾ آيل گرمي جي لهر ۾ ماڻهو هيٽ اسٽروڪ سبب موت جو شڪار ٿيا. هيٽ اسٽروڪ جنهن کي طبعي طرح هينئن بيان ڪيو ويندو آهي ”جسم جو برداشت کان مٿي گرمي ۾ مسلسل رهڻ ۽ پاڻياٺ جي کوٽ جي ڪري ڪمزوري ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي ۾ غشي طاري ٿيڻ“. پر سوال اهو آهي ته آخر ڪراچي ۾ ئي اهو سڀ ڇو ٿيو؟ سائنسي تفصيل ته گهڻي آهي پر ٿوري ۾ ڳالهه ڪجي ته بي بي سي جي اُها رپورٽ جيڪا ڪافي حد تائين صحيح ٿي لڳي جنهن موسميات کاتي جي ماهرن جي راءِ تي مبني هڪ تفصيل ڏني ته اصل ۾ هن سال گرمي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا پهلو هڪ ئي مهل گڏجي ڪراچيءَ لاءِ بد قسمتي جو سبب بڻجي پيا. عام طور تي ڪراچي ۾ سال ۾ ٻه مهينا سامونڊي هوائون بند ٿينديون آهن، هڪ دفعو سيارو اچڻ وقت ۽ ٻيو گرمي جي مُند شروع ٿيڻ وقت يعني اپريل ۽ سيپٽمبر ۾.اهي ٻئي اهڙا مهينا آهن جن ۾ گرمي پد ايترو گهڻو ناهي هوندو تنهنڪري بچاءُ ٿي ويندو آهي. پر هن دفعي15 جون کان عربي سمنڊ ۾ اوچتو ٺهي پيل هوا جو گهٽ دٻاءُ انتهائي طاقتور هو جنهن معمول جي هوائن کي روڪيو ۽ سمنڊ مان هوا اچڻ بند ٿي وئي. ان سان جيڪا خلا پيدا ٿي انهيءَ ۾ سنڌ جي اُترين علائقن جي گرم هوا اچڻ لڳي جنهن ڪراچي جي نمي سان ڀريل ماحول کي انتهائي گرم ڪري وِڌو.
اوهان جيڪڏهن غور ڪيو هُجي ته جڏهن به گرمي پد جي ڳالهه ٿيندي آهي ته علائقي جي گرمي پد سان گڏ ان جي محسوس ٿيندڙ گرمي پد جو به ذڪر هوندو آهي. اوهان موسم جي ڪنهن به خبر ڏَسيندڙ ويبسائٽ تي وڃو ته هر شهر جي گرمي پد سان گڏ محسوس ٿيندڙ گرمي پد پڻ ڏِنل هوندو جنهن کي ڪڏهن Heat Index يا وري Feels like temperature لکيو ويندو آهي. هڪ ئي مُلڪ يا خطي ۾ ساڳيا گرمي پد مُختلف شهرن ۾ مختلف محسوس ٿيندا آهن. مثال طور ملائيشيا ۾ نمي وڌي وڃڻ جي ڪري 34 ڊگري سينٽي گريڊ به 40 کان مٿي لڳندو آهي پر سعودي عرب جي ڪنهن مرڪزي شهر ۾ 40 ڊگري به اوترو گرم ناهي لڳندو. اهو ئي سبب آهي ته اوهان کي الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملائيشيا ويندڙ ماڻهن کي سر ڍَڪي هلڻ جي احتياط ڪيل هوندي آهي ڇو ته اُتي هيٽ اسٽروڪ ٿيندي دير ناهي ٿيندي. جڏهن ته اُتي سڄو سال گرمي پد وڌ ۾ وڌ 35 کن مس هوندو آهي. توڙي ۾ جو ان ۾ خطِ استوا جي لڪير کي مُلڪ ويجهو هُجڻ ۽ سج سڌو مٿي اچڻ وارو پهلو به آهي پر اصل شيءِ نمي آهي. ڇو ته عام طور تي اسان جو جسم گرمي جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ پگهر جي صورت ۾ گرمائش باهر ڪڍي ٿو پر جڏهن آب هوا ۾ اڳ ۾ ي گهني نمي هُجي ته پگهر نڪرڻ جو عمل سست ٿئي ٿو ۽ اسان کي جسم ۾ گرمي وڌيڪ لڳڻ لڳندي آهي.
گرمي محسوس ٿيڻ وارو فيڪٽر گهڻو ڪري ساحلي شهرن ۾ وڌيڪ هوندو آهي جتي سمنڊ ويجهي هُئڻ ڪري نمي وڌيڪ هوندي آهي ۽ ان نمي ۾ موجود پاڻياٺ گرم ٿيڻ تي گرمي وڌي ويندي آهي. ماڻهوءَ کي جلد ئي آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ لڳندي آهي. رهيل ڪسر وري شهر جي ڳُتيل آبادي پوري ڪندي آهي ڇو ته سمنڊ لڳ شهرن سان وڌندڙ ڪشش ۽ ٻين فائدن جي ڪري آباديءَ جو جيڪو وهڪرو آهي ان سان ڏينهون ڏينهن تعميري ڪم وڌندا ٿا وڃن ۽ آڪسيجن جو وڏي ۾ وڏو ذريعو ”وڻ“ ختم ٿيندا ٿا وڃن.هونئن ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي خوشقسمتي اها آهي ته هتي گرمي جي مند ايندي ئي چوماسي جو هوائون هلڻ شروع ڪنديون آهن تنهنڪري ايتري گهڻي گهُٽ ٻوسٽ ڪانه ٿي ٿئي.پر هن دفعي جڏهن گرمي پد وڌيو ته هوائون اڳي ئي بند هُيون جنهن سان ڪراچي ۾ گرمي پد 45 تي وڃيپهتو ته Heat Index 50 ۽ ان کان به مٿي هئي جڏهن ته هڪ صحتمند ماڻهو جي برداشت وڌ ۾ وڌ 50 آهي جنهن کان پوءِ هو ڏينهن لڳڻHeat Stroke جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي جنهن ۾ کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي ٿيڻ لڳندي آهي. جيترو وڌيڪ ڪمزور اوترو وڌيڪ خطرو، اهو ئي سبب آهي ته تازو آيل گرمي جي لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ وڏي عُمر جا ماڻهو مُتاثر ٿيا آهن. سُڌريل مُلڪن ۾ ته اهڙين آفتن جي اڳواٽ به معلومات ۽ احتياطي تدبيرون ٻُڌايو وينديون آهن پر هتي هر مسئلي جيان هن آفت جي به ٿي گُذرڻ کان پوءِ وس وارن اک پٽي. پر هڪ تجربو ٿيو ته ساحلي پتي تي آباد هن ڳُتيل شهر ۾ آباد ڪراچي واسين ۾ هاڻي اهو گرمي پد سهڻ جي سگهه ناهي تنهنڪري جڏهن به اهڙي صورتِحال ٿئي ته اڳواٽ احتياط ڪجي. هيٽ اسٽروڪ جو علاج ڪا وڏي سائنس ڪانهي بس مريض کي تازي هوا ۽ پاڻياٺ جو بندوبست ڪري ڏيڻو آهي جيڪو پنهنجي مدد پاڻ به ڪري گهجي ٿو.
اهو ته هو اتفاقي سبب پر هونئن به جيڪو عالمي گرمي پد وڌي پيو ان ۾ به سڀ کان پهرين ۽ وڌيڪ ساحلي شهر مُتاثر ٿيندا ٿا ڏسجن. ان بابت به اسان کي اڳواٽ فڪرمند ٿيڻو پوندو.عالمي گرمي پد وڌڻ جا به ڪافي سبب آهن پر سڀ کان وڏو مسئلو آهي ”گرين هائوس گئسز“ جو وڌڻ. اهو نالو هاڻي ايترو عام ٿي چُڪو آهي جو ڪنهن لاءِ به نئون ڪونهي. پر هتي انهيءَ جي سؤلي سنڌي ۾ وضاحت ڪجي ته بهتر رهندو. گرين هائوس گئسز جو نالو گرين هائوسز مان ئي کنيو ويو آهي جيڪي ٻوٽن جي نشونما لاءِ لانڍي نما شيشي يا پلاسٽڪ جا گهر ٺاهيا وڃن ٿا. جنهن ۾ ڪنٽرولڊ گرمي پد تي ٻوٽا (خاص ڪري ڀاڄيون) پوکيا وڃن ٿا. انهن ۾ سڄو ڏينهن سج جي جيڪا روشني اندر اچي ٻوٽن تي پئي ٿي اها ٻاهر نه ٿي وڃي سگهي تنهن ڪري اهي رات جو به گرم رهن ٿا. پر انهن جي گرم ٿيڻ ۽ گرين هائوس گئسز جي ڪري ڌرتي جي گرم ٿيڻ جو عمل بلڪل مُختلف آهي. گرين هائوس گئسز اصل ۾ مختلف گئسز جو مجموعو آهن جنهن ۾ پاڻي جا بُخار، ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ، ميٿين (ٻارڻ واري گئس)، نائٽرس آڪسائڊ ۽ اوزون شامل آهن. سج کان ايندڙ گرم شُعاع اڌ ته ڌرتي پاڻ جذب ڪري ٿي باقي اڌ واپس موٽائي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن مٿي وڃبو آهي ته گرمي گهٽ ٿئي ٿي ڇو ته شُعاع جذب ٿي واپس موٽڻ کان پوءِ هنن گئسز جي ڪري ئي گرمي جو سبب ٿين ٿا ۽ مٿي اهي گئسز گهٽ آهن. انهي جو مُشاهدو جهاز ۾ ٿئي ٿو جڏهن جهاز جيترو مٿي وڃي ٿو ته ٻاهر جو گرمي پد ڪِرندو رهي ٿو. ڌرتي پاران واپس اُڇليل اهي شُعاع گرين هائوس گئس جذب ڪن ٿيون ۽ انهن کي وڌيڪ گرمائش ۾ تبديل ڪري ڦهلائن ٿيون. جن سان ڌرتي جي گرمي پَد ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ جو اضافو ٿئي ٿو. مطلب ته اهي گئسز نه هُجن ها ته ڌرتيءَ جو گرمي پد گهڻو تڻو ڄمڻ پَد تي ئي رهي ها. پر جيستائين اهي گئسز گهُربل مقدار ۾ هُيون ته توازن هو. پر انهي توازن ئي انسان جي هن ڌرتي تي رهڻ ممڪن بڻايو آهي. جيئن انسان لاءِ شُگر ضروري آهي پر هڪ حد تائين جنهن کان گهٽ يا وڌيڪ ٿيڻ ماڻهوءَ کي مريض بڻايو ڇڏي. ايئن ئي هنن گئسز جو هُجڻ به ضروري آهي پر هڪ حد کان وڌڻ به خطرناڪ آهي. پر جيئن وقت گُذريو ۽ ترقي ٿي ته انسان آسانيءَ لاءِ وقت کي مات ڏيندڙ شين جي ايجاد ڪئي ۽ مختلف شيون اهڙيون استعمال ۾ آنديون يا ٺاهي وِڌيون جيڪي انهن گئسز جي واڌاري جو سبب بڻجي پيون. جنهن جو وڏو مثال آهي گئس جو استعمال ۽ پئٽرول تي گاڏيون هلائڻ. جيئن جيئن انهن گئسز جو اضافو ٿيو ته گرمي پَد وڌڻ لڳو ڇو ته گئسز جي وڌڻ سان انهن ضرورت کان وڌيڪ شُعاع جذب ڪري انهن کي گرمائش ۾ ٿي بدلايو. اهو ئي سبب آهي جو ماحولياتي تبديلي ۽ موسمن ۾ غير يقيني تبديلي هاڻي سان ئي ڏِسڻ ۾ اچي ٿي.
هن وقت جڏهن ماحولياتي سائنسدان اهو پيا چون ته اسان کي ٽارگيٽ طئي ڪرڻا پوندا. فل حال رُڳو خطري جي گهنٽي وڄي آهي ۽ ڳالهه هٿن مان ناهي وئي. جيڪڏهن اسان عالمي طور تي ڪوشش وٺون ۽ گرين هائوس گئسز جي تڪڙي واڌاري کي روڪيون ته شايد 2050ع تائين جي پيشن گوئي ٿيل خطري کي منهن ڏيئي سگهون ٿا. پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته 2050ع تائين صورتِحال ڳنڀير ٿي ويندي. ۽ انهيءَ جو خطرناڪ پهلو اهو هوندو ته ڏکڻ وارا علائقا (خاص طور تي سامونڊي پٽيون) سخت گرم ٿينديون. نه رُڳو انهيءَ جي ويجهي رهندڙن جو پر سامونڊي جيوت جو به جيئڻ ڏکيو ٿيندو ۽ وڏي شرح سان موت جو انگ وڌندو. ان لاءِ اسان انفرادي طور پهريون ڪم وڻ لڳائڻ ڪري سگهون ٿا جيڪو ڪم فوري شروع ڪرڻ گهُرجي. ڇو ته دُنيا ۾ رهڻ لاءِ پهرين شيءِ آڪسيجن آهي جيڪا اسان کي سواءِ وڻن جي ٻيو ڪٿان به نه ٿي ملي ۽ وڻ هوندا ته اهي ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ جذب ڪري گرين هائوسز جو اثر متوازن ڪندا ۽ آڪسيجن فراهم ڪري اسان جي جيئڻ جو سامان مُهيا ڪندا.