• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يا ڪلڪ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ. فراهمي شروع ڪري ڇڏي

ايس ايم صارم

سينيئر رڪن
اسلام آباد …..دبئي جي ڪمپني يا ڪلڪ پاڪستان ۾ جديد ترين ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ سيٽلائيٽ سروسز جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.
اڄڪلهه به پاڪستان جا ڪيترائي شهر ۽ ڏورانهان علائقا انٽرنيٽ جي سهولت کا وانجهيل آهن. اهڙي طرح هاڻي تبديلي پري ناهي. ۔ دبئي جي ڪمپني (YahClick)
پاڪستان ۾ پنهنجي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ منعقد ٿيل افتتاحي تقريب ۾ ڪمپني جي چيف ڪمرشل آفيسر ڊيوڊ مرفي چيو ته هر پاڪستاني انٽرنيٽ جي جديد ۽ تيز ترين سهولت حاصل ڪندو. يا ڪلڪ پاڪستان ۾ براڊ بينڊ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروسز شروع ڪري رهي آهي. اسان جي ڪمپني هڪ ننڍي ڊش ۽ موڊيم ڏيندي ۽ صارف کي ترت ئي بنا رخني جي تيز رفتار انٽرنيٽ جي سهولت حاصل ٿي ويندي. هي انٽرنيٽ خدمت هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ عام ماڻهوءَ جي پهچ ۾ هوندي. يا ڪلڪ ڪمپني وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا. جي 28ملڪن ۾ سروس ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ لاڳت ۽ وڏو انفراسٽرڪچر لڳائڻ کانسواءِ بارڊر ٽه بارڊر سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروس پهچائي ويندي. يا ڪلڪ انٽرنيٽ سروس سيٽلائيٽ سان ڳنڍيل هوندي جيڪا روايتي طريقن ۽ ٽيڪنالاجي کان مختلف آهي. ڏورانهن علائقن ۾ تيز رفتار سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي فراهمي سان. معاشرتي، معاشي، واپاري ۽ تعليمي شعبن ۾ انقلابي تبديلي ايندي ۽ اطلاعات جي ترسيل آسان ٿيندي. افتتاحي تقريب ۾ ڪمپني جي سربراه مسعود شريف محمود جو چوڻ هو ته پي ٽي اي سندن درخواست تي انٽرنيٽ سروس جي فراهمي جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
 
Back
Top