
يوٽيوب وانگر وي ايل سي پليئر پليئر به دراصل هڪ تعليمي پروجيڪٽ هو.. جيڪو ڪجهه شاگردن ملي ڪري بڻايو هو.. پر اڄ اهو پروگرام وڏي ۾ وڏو اوپن سورس ميڊيا پليئر آهي... هي هاڻي نه رڳو ڪامياب ميڊيا پليئر آهي پر هن جي بهترين فيچرس ذريعي ميڊيا فائيلز کي مختلف فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن وڊيو جي هلندي اسڪرين شاٽ وٺي سگهجي ٿي، ڪنهن به وڊيو ته واٽر مارڪنگ ڪري سگهجي ٿي ۽ وڊيو جي سڪرين ريڪارڊنگ ڪري سگهجي ٿي.. ته پوءِ اچو ته هن موضوع ذريعي وي ايل سي ميڊيا پروگرام جون ڪجهه دلچسپ ۽ بهترين شيون سمجهون...
***********************
وڊيو کي هڪ فارميٽ مان ٻئي فارميٽ ۾ تبديل ڪريو...Media > Convert / Save تي اچو.. (اهو ڪم توهان Ctrl+R پريس ڪندي به ڪري سگهو ٿا) .. هاڻي کلندڙ ونڊوز منجهان Add بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. ۽ پنهنجي مطلوبا وڊيو کڻو... ان کان پوءِ Convert/Save بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..

جنهن کان پوءِ ڊراپ ڊائون مينو منجهان پنهنجو گهربل ڪوڊيڪ چونڊيو .... فائيل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر جي لوڪيشن ڏيو ۽ آخر ۾ Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي تبديلي جو عمل شروع ڪريو...

