• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جذبن جي ورسي

محمد راشد شر

سينيئر رڪن
”جذبن جي ورسي“

شفق جو وقت هيو، ٻه ٽي دوست ڪچهري ڪري رهيا هئا سين، هڪڙي دوست چيو يار سڀاڻي منهنجي سالگره آهي، توهان سڀ اچجو گڏجي ملهائينداسين. ڪجھ دوستن چيو ها ضرور اچبو.
مان خاموش هيس! خاموش ڏسي پڇيائين، يار تون نه ايندين ڇا؟؟
مون ڪوبه جواب نه ڏنو!
وري ٻانهن کي ڌوڻيندي چيائين!
يار تون نه ايندين ڇا؟؟
جواب ڏيندي چيم...!!
آءُ سالگره نه پر ورسي ملهائيندو آهيان!!!
هُن چيو ورسي ڇو، آهين ته جيئرو....؟
بس مان جواب ۾ ايترو ئي چئي سگهيس...!!!
ها انهن جذبن جي ورسي، جن جو بي حسي سان قتل ٿيو، پر رت نه وهيو...!!
انهن جذبن جي ورسي، جن کي پل پل زخم رسيا پر نظر نه آيا...!!
انهن جذبن جي ورسي جن جي ٽٽڻ سان پل پل بي ساخته درد اڀريو، پر نشان نه مليو.......!!!
سڀ خاموش ٿي ويا، ۽ هڪ هڪ ٿي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويا. بس اڪيلو ئي رهجي ويس.
 
Back
Top