ليپٽاپ ۾ ڊيٽا ٽرانسفر نه پيو ٿئي.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


19384997536_0be5f73be4_o.jpg

هڪ ڇوڪري ڪاوڙ ۾ ڪمپيوٽر جي دُڪان تي وئي ۽ پنهنجو نئون ليپٽاپ ڪائونٽر تي رکي دُڪاندار کي چوڻ لڳي : توهان مونسان ٺڳي ڪئي آهي! هِن ۾ ته پُراڻي ليپٽاپ مان ڊيٽا ٽرانسفر ئي نٿو ٿئي..!

دُڪاندار معصوميت مان جواب ڏنو ته :ميڊم توهان ڪيئن پيون ڊيٽا ٽرانسفر ڪريو؟

اهو ٻُڌي، ڇوڪري پنهنجي ٿيلهي مان پُراڻو ليپٽاپ ڪڍيو، ان کي اسٽارٽ ڪري مائوس جي تار لڳائي ۽ ڪجهه فائلز کي سليڪٽ ڪري انهن کي ڪاپي ڪيو، ان کان پو احتياط سان مائوس جي تار ڪَڍِي نئين ليپٽاپ ۾ لڳائي ۽ ڊيسڪٽاپ تي رائٽ ڪلڪ ڪيائين ته اُتي پيسٽ جو آپشن نه هو ، ڇوڪري ڪاوڙ ۾ رڙ ڪري چوڻ لڳي : ڏِسو! ڪونه ٿيو نه ٽرانسفر ؟
 
Back
Top