ايس ايم صارم
سينيئر رڪن
Dubsmash 2کان خبردار!!!!!
فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي تازو ئي پنهنجي ڌاڪو ڄمائيندڙ تفريحي سيلفي ويڊيوز جوڙيندڙ ائنڊرائينڊ اپليڪيشن ڊب سميش جيڪا گوگل جي پلي اسٽور تان لکين ڀيرا ڊائونلوڊ ٿي انسٽال ٿي چڪي آهي. تنهنجي جي باري ۾ ڄاتل سڃاتل اينٽي وائرس اَواسٽ چتاءُ ڏنو آهي، ته مذڪورهDubsmash ائنڊرائيڊ ايپ جو ٻيو ورشن سمجھيو ويندڙ ڊب سميش 2 حقيقت ۾ هڪ وائرس جوڙيندڙ ايپ آهي جيڪا جڏهن انسٽال ڪجي ٿي ته ڊب سميش2 جو ڪو به نالو نشان باقي نه ٿو رهي ان جي برعڪس سيٽنگس آءِ ايس “Settings IS” نالي هڪ ٻي ايپ انسٽال ٿي آءِ ڪون جوڙيٿي جيڪو پڻ ڪجھ سيڪنڊن کان پوءِ غائب ٿيو وڃي.
هن ايپ جو مقصد بيڪ گرائونڊ ۾ اڻ وڻندڙ/ غيراخلاقي ويب سائيٽون هلائڻ ۽ انهن ۾ موجود اشتهارن تي ازخود ڪلڪس سان پيسو ڪمائڻ آهي.
اواسٽ موجب هيءَ ايپ ڳجھي نموني هڪ شيڊيول جوڙي ٿي جنهن سان هر سٺ سيڪنڊن کان پوءِ بيڪ گرائونڊ ۾ مختلف اڻ وڻندڙ/ غيراخلاقي ويب سائيٽون کوليندي رهي ٿي ۽ منجھن موجود اشتهارن تي آٽوڪلڪس سان پيسا ڪمائڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن وائرس شده ايپ جو ٻيو ڪم يوٽيوب ايپ جي اندر ڪو به ويڊيو لانچ ڪري ڇڏڻ آهي.
خبردار رهو ۽ پنهنجن دوستن کي پڻ ڊب سميش2 کان خبردار ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان انسٽال ڪري چڪا آهيو ته Settings app کولي Apps کي چونڊيو ۽ Settings IS کي ڊائونلوڊڊ لسٽ ۾ ڳولي Uninstall ڪيو.