چنڊ تون چئجان پرينءَ کي ايترو، مدتن کان من اندر ماتام آ. ڪيئن پرچايون ڀلا هن پياس کي، هن ملڪ جو هر ميڪدو ويران آ. چئو طرف آهن چتائن جا اُلا، هي سنڌ آ، يا دوستو شمشان آ. ڇا جانور کان ايترا ماڻهو مئا؟ جيڏو ڪٺو انسان کي انسان آ.
سڀ کان پهريان توهان جي هن شاعري جي صنف اوهان واضح نه ڪئي. پر فارميٽ مان غزل پيو لڳي. غزل جو ٿل اوهان ناهي رکو. اهو به رکي وٺو. پهرئين بند ۾ ماتام قافيو نه پيو ٺهڪي ڪو موزون قافيو رکو جيئن گهمسان، فاران، حيوان، فقدان وغيره. باقي وزن بحر تي في الحال ڪونه ٿا ڳالهايون