امرجليل جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اُٿيس ته مٿو جائيتو نه هو. اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن، بدمعاشن، چورن، ڦورن، قاتلن، ڌاڙيلن، دانشوورن، سڌن سياستدانن ۽ اَڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان الله سائينءِ جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس. جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آحي، تڏهن ان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خيبث پوڙهي ٺوڙي جي تصوير ڏسي رهيو هوس، جنهن اَسي سال جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائبب هئي، ۽ پوڙهي گھوٽ جي تصوير نمايان هئي، جنهن پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار، ۽ ڪياڙيءَ تي ڇڏيل وارن جي جھَتَ ڪنهن ظالم جي دل وانگر خضاب سان ڪاري ڪري ڇڏي هئي. اُن وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو. مون چيني کي چيو: ”يار چينا، سمجھان ٿو، پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن.“ چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهي رهيو هو. پڇيائين: ”در کوليان ڇا؟“ ”هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن.“ چيم، ”در کولي ڇڏ؛ اڄ قرض لاهينداسين، ۽ ڪجھه يارن کي قرضن ۾ مبتلا ڪنداسين.“ چيني چيو: ”ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ فِٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان.“ چينو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. ڏهن سالن جو آهي، بيحد ذهين آهي. ڏک سُک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي. مون کي ملول ٿيڻ نه ڏيندو آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني لاءِ ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو. اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن لاءِ ملامت ۽ موت کان سواءِ ڪجھه نه آهي. ڪجھه عرصي کان چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لڳو آهي. سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر عليءَ جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن. ٻيهر در کڙڪيو. چيني ماڻهوءَ جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو. ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس. ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين: ”ٽينا جو پيءُ هوندو. راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي آيو هوندو.“ ٽينا ۽ ٽينا جو پيءُ اسان جا پاڙيسري آهن. ٽينا هڪ پرائيوٽ فرم ۾ اسٽينوگرافر آهي. وچولي قد بت واري سانوري سلوڻي ڇوڪري آهي، ۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي. سندس پيءُ وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي. پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي جوانيءَ ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو، ۽ تمام تيز بالنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گھر تي پارٽيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽينا جي فرم جا ملازم شامل ٿيندا آهن، ۽ رات جو دير تائين هُل هنگامو ڪندا آهن. صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پيءُ وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي. هُل هنگامي لاءِ معذرت ڪندو آهي، ۽ صبح جو چانهه اسان سان پيئندو آهي. وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي. هو چيني کي مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لاءِ طرحين طرحين جون صلاحون ۽ مشورا ڏيندو آهي. هو چيني کي چوندو آهي: ”ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر، جن کي منهن تي ڪنن بدران سوئر جا وَڄ هجن.“ چيني در کوليو. در ٻاهران وۡڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو. در مان مون کي اڱڻ ۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو. سهڪي رهيو هو. ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان، سومار چانڊئي چيو؛ ”ولوءَ جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي. کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان.“ پڇيومانس؛ ”دورو پيو اٿس ڇا؟“ روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين: ”ها.“ سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي. سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي. ڏينهن جو اسڪول ويندو آهي، ۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اَڌ چريو آهي، يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي. پر، ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي. هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي، ۽ اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمنبر آهي. بس، ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس. سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس، ۽ پوءِ پگھر ۾ شم ٿي ويندو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ هو گھر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ فقط هڪ جملو ورجائي ورجائي وات مان ڪڍندو آهي؛ ”مان سڀ سمجھان ٿو، مان سڀ سمجھان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“ مائٽ مٽ ڏاڍو سمجھائيندا اٿس ته بابلا، سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي؛ ۽ هونءَ به اسان مسڪين جو ڀلا سچ سان ڪهڙو واسطو ــــــــــ ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجھين. پر دوري دوران ولوءَ کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو آهي. هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس، ته مان سڀ سمجھان ٿو، مان سمجھان ٿو؛ مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس. سومار چانڊئي کي ڪجھه سياڻن صلاح ڏني هئي، ته پنهنجي پٽ جو علاج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن جمعي خان کان ڪراءِ ــــــــــ مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ۽ مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي. سومار چانڊئي حامي ڀري هئي. پر پوءِ، جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين: ”ايندڙ هڪ صديءَ ۾ به مان پنهنجي پٽ جو علاج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگھندس.“ ولوءَ ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مون سان ڀائپي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجھي سگھندا آهن، ۽ مان هنن جي ڳالهه سمجھي سگھندو آهيان. منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها، ۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها، ته هو پاڙي جي ڪيترن ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها. تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي ”ادا وڏو“ ڪري سڏيندا آهن. ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي. چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي. کيس جڏهن به دورو پوندو آهي، سندس پيءُ سومار ڊوڙندو ايندو آهي. مان هجان ته مون کي، يا چيني کي پنهنجي گھر وٺي ايندا آهيون. پوءِ، جڏهن سامت ۾ ايندو آهي، تڏهن کيس گھر ڇڏي ايندا آهيون. هيءَ جنهن جمعي جي ڳالهه آهي، تنهن ڏينهن سومار وڌيڪ پريشان نظر آيو. چيائين؛ ”کٽ جي پائي سان مٿو هڻي مٿو ڦاڙي وڌو اٿائين، رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس، پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي.“ ڏنڊن ڏوٽن مشٽنڊن مرن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي، مان سومار چانڊئي سان گڏ سندس گھر ويس. ولو کٽ سا ٻڌو پيو هو. نرڙ مان رت وهي رهيو هوس. رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين؛ ”مان سڀ سمجھان ٿو، مان سڀ سمجھان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“ مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو. مان سندس پاسي کان ويهي رهيس. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين؛ ”ڏسين ٿو نه ادا وڏا. مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون.“ سندس رسيون کوليندي چيم: ”غلط ڪيو اٿائون، منهنجا پٽ، منهنجا ٻڄڙا.“ مون ولوءَ کي رسين کان آزاد ڪيو. هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو: ”مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“ سندس نرڙ تان رت اُگھندي چيم؛ ”ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صلاح ڪنداسين. جيڪڏهن چيني صلاح ڏني، ته پوءِ تو کي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي؛ ۽ پوءِ تو کي سچ ڳالهائڻ کان ڪو به روڪي نه سگھندو.“ ولوءَ کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گھر وٺي آيس. چينو ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه ٿيو هو. ولوءَ جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولوءَ کان پڇيو: ”مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟“ ولوءَ جي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي. مون چيني کي چيو: ”هيءُ اسان جو سنگتي، ولو، چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“ چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. سوچ ۾ گم ٿي ويو. اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام گھڻو ذهين آهي. سنڌوءَ هڪ دفعي چيو هو؛ ”چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي.“ چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو؛ ”مان وتائي فقير جو وارث آهيان.“ سنڌوءَ اُٿي کيس پيار ڪيو هو. پوءِ هوءَ هلي ويئي هئي، تڏهن چيني مون کي چيو هو؛ سنڌو تنهنجي لاءِ ميري هيسڪل آهي. هوءَ تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي، پر خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي به پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگھندي.“ مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگھندو آهي. هو ايندڙ وقت جو امين آهي. هن هڪ دفعو ولوءَ کي چيو هو؛ ”تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾ ــــــــــ ڌرتيءَ جي باري ۾، آسمان جي باري ۾، انسان جي باري ۾، عقيدي جي باري ۾، محبت جي باري ۾، زندگي جي باري ۾، موت جي باري ۾ ـــــــــــ تو ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!“ تڏهن ولو منجھي پيو هو. وائڙو ٿي ويو هو. گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. ڪجھه دير تائين ولوءَ ڏانهن ڏسندو رهيو. ”ڏسينس ڇا ٿو!“ چيم؛ ”ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آه.“ چينو ڳوٿل متي ۽ اَڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو. نڪ بنا ماڻهوءَ جو مجسمو کڻي آيو. نڪ بنا ماڻهو ڏاڍو عجيب پئي لڳو. ”تون، مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگھنداسين. اسان لاءِ سچ جو دؤر گذري ويو.“ چيني مٽيءَ جي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو؛ ”هن ماڻهوءَ جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو، تڏهن هيءُ ماڻهو چونڪ تي بيهي اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگھندو.“ چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس ڏانهن _ڏٺو ــــــــــ پڪ ڪرڻ لاءِ، ته منهنجي منهن تي نڪ آهي، يا نه آهي!