محمد ابراهيم نظاماڻي
سينيئر رڪن
مرحوم محمد فقير مسخرو (دادو) هر سال قلندر جي ثقافتي ميلي جي محفل ۾ مشڪري ڪرڻ ايندو هيو. مشڪري ڪندي ڪڏهن به ڪو خيال نه ڪندو هئو ته سامهون ڪيڏا وڏا ماڻهو آهن. اهي ماڻهو به اعلي ظرف هوندا هئا، جو موٽ ۾ کيس انعام و اڪرام سان نوازيندا هئا...
رئيس غلام مصطفي جتوئي وزير اعلا سنڌ پنڊال ۾ موجود هجي ته محمد فقير ڊائريڪٽ ٻه چرچا رئيس تي هنيا، پر مجال جو رئيس برو محسوس ڪيو هجي کلي کلي کيرو ٿي پيو.
(1) خواب ۾ ٿو ڏسان ته مري ويو آهيان ملائڪن الله سائين جي درٻار ۾ پيش ڪيو مولا مهر ڪري جنت اماڻيو .... وڃي ڦاٿس رڳو ملا ڏاڙهين وارا، تهجھد نمازون ذڪر اذڪار.. چانهن نه ملي، سگريٽ ٻيڙي نه ملي... رب کي عرض ڪيم مولا مزو نه آهي دوزخ جو به ديدار ڪراء ... الله جي حڪم تي ملائڪن وڃي دوزخ ۾ سٽيو .... سبحان الله ڇا ڏسان رئيس غلام مصطفي جتوئي ڪابينه سميت، سائين گل محمد شاه، سائين حاجن شاه ، سائين ڪوڙل شاه پنهنجن پيالي ڀاين سميت اتي موجود آهن. ڀنگ جو ڪونڊو آهي سامهون نورجھان ويٺي مجرو ڪري.....
هوڪار مچي ويا حال ۾ ....
(2) رئيسن ورتي جيپ ڊرائيور کي پگھار نه ڏنائون سو نوڪري ڇڏي ويو ...ننڍي رئيس چيو ته جيپ هلاوڻ مشڪل ڪم نهين ... رڳو اوين ايون ڪرڻا اي... رئيس نوڪرن چاڪرن سميت جيپ تي ويٺو .. جيپ ڪنٽرول مان نڪري وڃي وڻ سان لڳي .... هڙ رئيس ڪاوڙجي پيا ... چيون ”جيپ ڇتي ٿي اي ..جيپ ڇتي ٿي اي“
هڻي ڪهاڙين بندوقن سان جيپ جو بڙدانو ڪڍي ڇڏيائون .....
غلا۾ مصطفي جتوئي ڏاڍو کليو ۽ چيائينس ته فقير اسان سان به ڪونه مڙئين.