نماز جي جماعت شروع ٿيڻ واري هئي ته ڪنهن همراھ کان ٽٽ ڇڏائي ويو. مولوي صاحب چيو جيڪو به هجي وڃي وضو ڪري اچي نماز ڪون ٿيندس. ڪير به نه نڪتو. مولوي وري چيو، تڏنهن به ڪير نه نڪتو. مولوي صاحب ٽيو دفو ڪاوڙ ۾ چيو ”ابا وضو ڪري اچ نماز ڪون ٿيندي.“ تيڏي مهل پوئي صف مان هڪ همراھ نڪتو. مولوي صاحب رڙ ڪئي ”اڙي آواز ته اڳي صف مان آيو هو.“ تنهن تي همراھ چيو ”مون اهڙيون چٽيون، الاهي ڪيتريون ڀريون آهن“