ٻارن ۾ ڊپريشن جا سبب

'صحت سرير جي' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2015۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    ڊپريشن سببان ٻارن ۽ نوجوانن ۾ خودڪشيءَ جي واقعن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ٻارن کي ڊپريشن کان بچائڻ لاءِ اوهان جو اهو معلوم ڪرڻ لازم آهي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي ٻارن ۾ ڊپريشن جو ڪارڻ بڻجن ٿا.

    ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ لاءِ دٻاءُ
    [​IMG]
    زندگيءَ جي موجوده طور طريقن اسڪولن، راند جي ميدانن ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ٻارن مٿان مسلسل دٻاءُ هوندو آهي ته هو بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين. گھر واپس اچي پڻ کين ججھو هوم ورڪ ڪرڻو هوندو آهي. اهي سڀ شيون بارن تي ذهني ۽ جسماني دٻاءُ جو اهم ڪارڻ آهن.

    گھريلو جھيڙا ۽ فساد
    [​IMG]
    ڪنهن به خاندان ۾لاڳيتو گھريلو جھڳڙن يا طلاق جو ٻارن تي ڪاپاري اثر پوندو آهي.” جرنل آف ميرج ائنڊ فيملي“ ۾ شائع ٿيل هڪ رپورٽ مطابق ٽٽل ڪٽنبن جي ٻارن کي ڊپريشن جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي.

    اڻپوري راند روند
    [​IMG]
    ٻارن جي جسماني واڌ ويجھ ۾ راند روند جو جو ڪردان نهايت اهم هوندو آهي. راند روند ۽ جسماني چرپر سان دماغ مستعد به رهندو آهي ۽ ان جي افزائش پڻ ٿيندي آهي. ان سان ٻارن کي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۽ صلاحيت وڌائڻ جو موقعو ملندو آهي. ٻارن ۾ ذهني بيمارين جي ماهرن جو چوڻ آهي، ته گھٽ راند روند جي ڪري ٻارن ۾ مسئلن جو حل ڪرڻ جي صلاحيت ۾ گھٽتائي ايندي آهي.

    انٽرنيٽ ۽ ويڊيو گيمون
    [​IMG]
    امريڪي رسالي ”اميريڪن جرنل آف انڊسٽريل ميڊيسن“ جو چوڻ آهي ته اهي ٻار جيڪي روزانو ڪميپوٽر اسڪرين جي سامهون پنجن ڪلاڪن تائين ويهندا آهن يا ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون استعمال ڪندا آهن تن جي ڊپريشن ۾ پوڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي.

    مٺاڻ جو گھڻو استعمال
    [​IMG]
    ٻار بازار ۾ ملندڙ مٺين شين جا عاشق هوندا آهن مثلا کٽمٺڙا، ڪيڪ، مٺايون، ڪوڪ ۽ پيپسي وغيره جهڙا ڪاربونيٽڊ ڊرنڪس وغيره.
    انهن مٺاين جي ڪري منجھن مٺاڻ جو استعمال وڌي ويندو آهي. رسرچرس مطابق مٺاڻ جو گھڻو استعمال ٻارن ۾ ڊپريشن جو سبب بڻجي ٿو ۽ هي دماغ جي واڌ ويجھسان متعلق هارمونز کي پڻ متاثر ڪري سگھي ٿو.

    اينٽي بايوٽڪس جو استعمال
    [​IMG]
    ڪئنيڊا جي ميڪ ماسٽر يوني ورسٽيءَ جي محققين ڪوئن کي اينٽي بايوٽڪس ڏيئي مٿن تجربا ڪيا. سندن تحقيق مطابق ان سان ڪوئا بيچيني جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ دماغ جو اهو حصو متاثر ٿيندو آهي جيڪو جذبات کي ضابطي ۾ رکندو آهي.

    ٽاڪسن يا نباتاتي زهر کان بچو
    [​IMG]
    اسان جو ماحول تمام گدلو ٿي چڪو آهي. مثلاً فصلن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي دوائون، صفائيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ مواد کاڌي پيتي جي شين ۾ملاوٽ ۽ گاڏين کان خارج ٿيندڙ دوهون ۽ گدلاڻ اسان جي جسم کي متاثر ڪري رهي آهي. مذڪوره زهريلا جزا ٻارن ۾ پڻ ڊپريشن ۽ بيچيني پيدا ڪري رهيا آهن.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    سائنسي معلومات ڏيڻ لاءِ مهرباني سائين. اوهان جي اهڙين ونڊن جو انتظار رهندو
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺي معلومات ... لک قرب
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو مضمون لک قرب ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو