ڊا ڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي سوانح حيات

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Badar طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2015۔

  1. Badar

    Badar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڊا ڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي سوانح حيات
    1 خانداني پسِ منظر
    ² ولادت
    3 تعليم
    4 ملازمت ۽ مشغوليون
    5 اولاد
    6 حج
    7 وفات

    خانداني پسِ منظر
    سنڌ جي سرزمين جو چپو چپو ڪنهن نه ڪنهن نسبت، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان جدا جدا اهميت رکي ٿو. ماڙي شهر به سنڌ جي اهڙن ئي شهرن مان هڪ آهي. هن شهرجي هڪ نرالي اهميت ۽ حيثيت آهي. هن شهر کي اوائلي دور ۾ تمام گهڻي اهميت رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هي شهر ڪنهن زماني ۾ انڊسٽريل شهر هو. هتي ڪپڙي ٺاهڻ جا تمام گهڻا ڪارخانا هئا. هتان جو ٺهيل ڪپڙو ماڳين مشهور هو. انهيءَ کان سواءِ هن شهر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ ڏاهي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جنم ورتو.

    ماڙي شهر، شڪارپور شهر کان چئن ميلن جي مفاصلي تي، سنڌ واهه جي ڪناري سان قائم آهي. ورهاڱي کان اڳ هي شهر نهايت پُرڪشش هو، چؤطرف باغ ۽ وڻراهه هئي. منجهس ڪپڙي اُڻڻ جا ڪيترائي ڪارخانا هئا. هتي سُٽُ به ڪَتيو ويندو هو ته، ڪورڪو ڪپڙو به تيار ڪيو ويندو هو. ڪپڙي سازي ۾ هي شهر سنڌ جو مرڪز هو. ايئن کڻي چئجي ته، هي شهر انڊسٽريل شهر هو، هتي شاهوڪار ۽ گبر ماڻهو رهندا هئا. خود ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو والد صاحب، حاجي غلام حسين ۽ سندس ڏاڏو واحد بخش شاهوڪار هئا. کين ڪپڙي تيار ڪرڻ جا ڪارخانا هئا. وٽن ڪيترائي مزور ڪم ڪندا هئا. هو سيٺ سڏيا ويندا هئا. سُٽُ ڪَتائڻ واري مالڪ کي ”اوستو“ چوندا هئا ۽ ڪارخاني ۾ ڪپڙو اُڻڻ وارن کي ”وانڍ“ سڏيندا هئا. وڏي ڪارخانيدار کي ”سيٺ“ چوندا هئا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جو ڏاڏو ڪارخانيدار هو، تنهن ڪري ”سيٺ“ سڏيو ويندو هو.

    جنهن زماني ۾ ماڙي شهر آباد هو، انهيءَ زماني ۾ شڪارپور اڃا ڪونه ٻَڌو هو ۽ نه وري لاڙڪاڻو ئي موجود هو. هي شهر ورهاڱي کان پوءِ ترقي ڪرڻ بجاءِ پوئتي پوندو ويو. اڄ ماڙيءَ جي حالت خسته آهي جڏهن مان ماڙيءَ جو شهر ڏسڻ ۽ گهمڻ ويس ته، مون ڏٺو ته، هي شهر نه پر هڪ واهڻ جي ڏيک ڏئي رهيو هو. نه منجهس اهي محل هئا نه وري ڪي ماڙيون هيون. ها البت هر گهٽيءَ ۾ وڏا وڏا مٽيءَ جا ڍير نظر اچي رهيا هئا. شايد اهي ماڙين جي ڍيري بڻجڻ جا آثار هئا، نه اها وڻراهه هئي، جنهن جي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ساراهه ڪندو هو. هڪ ڀيرو 24 جنوري 1989ع تي ڳالهين ڳالهين ۾ ماڙيءَ جو ذڪر نڪتو ته، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ٿڌي آهه ڀريندي چيو هو: ”ماڙيءَ جي حالت ڏسي روئڻ ايندو اٿم. پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ هي ڳوٺ ڏاڍو وسندڙ هو ۽ سنڌ واهه جي ڪناري سان باغ ۽ سبزيءَ جون واڙيون هونديون هيون. هينئر واڙيون گهڻو ڪري ختم آهن، نه کوهاڏا آهن ۽ نه باغن جي اها رونق آهي، شهر مان هنرمند قومون ۽ قبيلا، جهڙوڪ: ڪوري، ڊکڻ، سونارا، ڪنڀر، حجم، موچي، لوهر لڏي ويا آهن. هندو ته ورهاڱي وقت ئي لڏي ويا، مهاجر آيا، پر پوءِ اهي به لڏي ويا. هينئر سُڃ پئي واڪا ڪري. بازار به اُجڙي وئي آهي. ڳوٺ موهن جي دڙي جي ڏيکُ پيو ڏئي.“ (1)

    ولادت
    جنهن زماني ۾ ماڙي شهر اوج تي هو، انهيءَ زماني ۾ پهرين جنوري 1930ع تي حاجي غلام حسين جي گهر ٻالڪ ڄائو. (2) ٻالڪ اڄ ننڍو سُڀاڻ وڏو، آخر خداداد صلاحيتن جو صاحب بڻيو ۽ ”ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي“ سڏجڻ لڳو، نه فقط ايترو پر هو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ صبح جي ستاري جيان چمڪڻ لڳو.

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي والد بزرگوار جو نالو غلام حسين (وفات 22 ذوالحج 1388هه مطابق 11 مارچ 1969ع) هو. پر پيار ۽ لاڏ مان کيس غلام محمد سڏيندا هئا، جڏهن حج ڪري موٽي آيو ته حاجي غلام محمد سڏجڻ ۾ آيو ۽ انهيءَ نالي سان ئي مشهور ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ 11 مارچ 1969ع مطابق 22 ذوالحج 1388هه تي وفات ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي جي علي بَحر مقام ۾ کيس ابدي جاءِ ملي.

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد پنهنجو شجرو هن طرح بيان ڪندو هو:
    ”عبدالمجيد ولد حاجي غلام حسين ولد واحد بخش ولد مَتو ولد مينهون.“ (3)
    ميمڻ ڪٽنبن ۾ دستور آهي ته، اهي پنهنجي ويجهي ننڍي شاخ جي نالي سان سڏيا ۽ سُڃاتا ويندا آهن. انهيءَ ڪري سندس خاندان جي شاخ تي ”مينهاڻي“ نالو پيو. (4)
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو خاندان ٻن ٽن صدين کان ماڙيءَ ۾ آباد هو. سندس چوڻ هو ته: ”اسان جي وڏن جو چوڻ هو ته، اسان جا وڏا ڪنهن زماني ۾ پاٽ کان هليا هئا ۽ ماڙيءَ ۾ اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ شڪارپور جو شهر اڃا ڪونه ٻَڌو ويو هو ۽ نه وري لاڙڪاڻي جو شهر موجود هو. سيوهڻ کان بکر تائين جيڪو رستو ويندو هو، اهو اسان جي ڳوٺ کان گذرندو هو.“ (5)

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پنهنجي وڏن جي انهيءَ لڏپلاڻ بابت چوندو هو ته، ”هنن اها لڏپلاڻ انهيءَ وقت ڪئي، جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ فتح ڪئي هئي ۽ سمه حڪومت ختم ٿي هئي. انهيءَ افراتفريءَ ۾ جڏهن پاٽ جا بزرگ لڏي وڃي برهانپور ويٺا، تڏهن اتي جي رهاڪن مان ميمڻ برادري به پاٽ مان لڏپلاڻ ڪئي.“ (6)

    سمن جي ڏينهن ۾ پاٽ ۾ ميمڻ تمام گهڻا رهندا هئا، جيڪي واپار ڪندا هئا. اهي اصل ۾ ”لوهاڻا“ آهن، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ”مومن“ سڏجڻ ۾ آيا، مومن لفظ پوءِ بدلجي ”ميمڻ“ ٿيو. پاٽ جي ڀرسان ”لوهم جو دڙو“ جي نالي سان قديم آثار آهن. معلوم ٿئي ٿو ته، ”لوهم جو دڙو“ اصل ۾ لوهاڻن جو شهر هو. ان جي ويرانيءَ کان پوءِ لوهاڻا لڏي اچي پاٽ ۾ ويٺا ۽ معلوم ٿئي ٿو ته، اتي ئي مسلمان ٿيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ آهي ته، ”اسان جو وڏو ڏاڏو، جيڪو پاٽ مان هليو هو، ان جو نالو مينهون هو.“ (7)

    ماڙيءَ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪٽنب هڪ ويڙهي ۾ رهندو هو، انهيءَ ويڙهي ۾ ميمڻن جون ٻيون نُکون يا شاخون به رهنديون هيون ۽ ماڙيءَ ۾ ميمڻن جا گهٽ ۾ گهٽ نَوَ (9) ويڙها آباد هئا، پر اهي سڀئي پاڻ ۾ مٽ مائٽ هئا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو چوڻ هو ته، ”منهنجا ناناڻا ٻيءَ نُک مان هئا.“ (8)

    ماڙي شهر، ڪپڙي جي صنعت جو مرڪز هو. هتي ڪيترائي ڪارخانا هئا ۽ ڪپڙي جو تمام وڏو واپاري مرڪز هو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ هو ته، ”ماڙي ۽ لکيءَ جو ڪپڙو اروڙ ۽ بکر ويندو هو. شڪارپور شهر جي وجود ۾ اچڻ ۽ سکر شهر جي وڌڻ ويجهڻ کان پوءِ، ماڙيءَ جو ڪپڙو شڪارپور ۽ سکر ويندو هو. ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ سُٽُ، رنگ وغيره به اتان آندو ويندو هو.“ (9)

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ هو ته، ”جڏهن مان سُرت سان ٿيس ته، اسان جو ڪاروبار نه رڳو هلندڙ هو، پر اهو اوج تي هو. اوطاق هوندي هئي، جتي وانڍ، آڏاڻن تي ڪم ڪندا هئا. اسان انهن جي سارسنڀال ڪندا هئاسين، انهن کي مال پهچائيندا هئاسين. مال پهچائڻ جي سلسلي ۾ اسان کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي، جهڙوڪ: سُٽُ رنڱڻ، تانيون ڪڍائڻ ۽ نڙا ڀرائڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو هو.“ (10)

    تاني تيار ڪرائڻ کي، تاني ڪڍڻ چيو ويندو آهي. تاني ۽ پيٽي لاءِ نڙا تيار ڪرايا ويندا هئا، جنهن ڪم کي ”نڙا ڀرائڻ“ چيو ويندو هو. نڙو نار ۾ پوندو هو. انهيءَ ڪري کين تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو چوڻ هو ته:

    ”انهيءَ سڄي ڪم ۾ مان پنهنجي وڏن جو هٿ ونڊائيندو هئس. ننڍي هوندي کان ئي مون ڪپڙو اُڻڻ کان سواءِ مٿيون سمورو ڪم ڪيو. اوبڻ وارين عورتن کي سُٽُ ڏئي اچڻ، اوبيل سُٽ تاني ڪڍڻ وارين عورتن کي ڏئي اچڻ، ائٽ تي نڙا ڀرڻ وارين عورتن کي خالي نڙا ۽ سُٽ ڏئي اچڻ، تاني ۽ نڙا کڻي اچڻ ۽ وانڍن کي نڙا پهچائڻ وغيره. البت مون ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم نه ڪيو.“ (11)

    تعليم

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ستن سالن جي ڄمار جو ٿيو ته، 1938ع ۾ کيس ماڙي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ ويهاريو ويو، جتي پنج درجا پڙهيائين. پنجين درجي ۾ هو ته، 1942ع ۾ وڏي ليٽ (ٻوڏ) آئي. جنهن ۾ سندن ڳوٺ، ماڙي ٻُڏي ويو، تنهن ڪري سندس والد صاحب اتان لڏي اچي شڪارپور جي نيڀن پور محلي ۾ ويٺو. شڪارپور ۾ لڏي اچي رهڻ کان پوءِ سندس والدين کيس چيو ته، ”تون واندو ويجهي ڇا ڪندين مدرسي ۾ وڃي پڙهه!“ (12)

    جتي هو رهندا هئا، اتي ويجهو ئي مولوي عبدالله جو مدرسو هو، جتي ننڍڙي عبدالمجيد کي ويهاريو ويو. پاڻ چوندا هئا ته، ”مان مولوي عبدالله جي مدرسي ۾ ٻه سال پڙهيس. ناظره قرآن شريف پورو ڪيم، ابتدائي پارسي ۽ قرائت جي فن جي سکيا ورتم. اڃا ديني تعليم جاري هئي ته 1944ع ۾ والد صاحب واپس ڳوٺ ماڙيءَ موٽي آيو، ڇاڪاڻ ته اسان جو مال ملڪيت، ٻني ٻارو سڀ ڪجهه ماڙيءَ ۾ هو.“ (13)

    1944ع ۾ ماڙيءَ ۾ موٽي اچڻ تي، عبدالمجيد کي پرائمري اسڪول ۾ ويهاريو ويو. 1945ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪري ورتائين. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ هو ته:

    ”اسان جي وڏن جي مرضي ڪانه هئي ته مان پڙهان. وڏن جو خيال هو ته، مان سَتَ درجا فائينل پڙهي اچي ڪاروبار کي لڳان، پر منهنجو وڏو چاچو حاجي رحيم بخش، جيڪو مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ پيار ڪندو هو، تنهن چيو ته، ”مان توکي انگريزي پڙهائيندس.“ هو مون کي شڪارپور وٺي آيو، اسڪولن ۾ داخلائون ٿئي ڪجهه عرصو گذري چڪو هو، تنهن ڪري داخلا نه ٿي ملي آخر عزيزن سفارش سان نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ ڏاڍي مشڪل سان پهرين درجي ۾ داخلا ملي. (14)

    هن مان معلوم ٿيندو ته، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 1945ع ۾ نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي ۾ داخلا ملي. نيو ايريا اسڪول کي هن وقت ”قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول“ چيو وڃي ٿو. هي اسڪول شڪارپور ۾ انهيءَ روڊ تي آهي، جيڪو شڪارپور کان لاڙڪاڻي اچي ٿو.

    ڊاڪٽر صاحب چوندو هو ته: ”مان نيو ايريا اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺس ته منهنجو دماغ کليو. اتي منهنجو هڪ استاد هو، ان جو نالو هو نارائڻ داس. هو ڏاڍو قابل ۽ محنتي استاد هو. اهو اصل ۾ هئو ته مئٽرڪ پاس، پر پڙهائڻ جو ڍنگ اهڙو ته سُٺو هوس جو مون کي تمام گهڻو مزو آيو ۽ مان دلچسپيءَ سان پڙهڻ لڳس.“ (15)

    ڊاڪٽر صاحب ٽئين درجي ۾ هو ته ورهاڱو ٿيو. وڏي هلچل مچي وئي. هڪ پاسي هندن جي لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي، ٻئي پاسي سندس وڏن جي پنهنجي ئي مٽن مائٽن سان اڻبڻت ٿي پئي، تنهنڪري سندس والد صاحب، حاجي غلام حسين پنهنجي مائٽن جي توصل سان لڏي اچي لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ ويٺو. لاهوري محلي ۾ ميمڻن جا گهر گهڻا هئا ۽ هتي آڏاڻا به هئا، تنهنڪري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي والد صاحب هتي لاهوري محلي ۾ به ساڳيو ڌنڌو اختيار ڪيو يعني آڏاڻو قائم ڪري ڪپڙي جو ڪاروبار شروع ڪيائين. سندس عزيز به ساڳي ڪرت ڪندا هئا. هتي به وٽس ڪيترائي ”وانڍ“ رکيل هئا. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته، ”اسان اتي به ڪارخانو کوليوسين. انهيءَ ڪارخاني ۾ وانڍن کي جيڪو ڪچو مال پهچائڻو پوندو هو، انهيءَ ۾ مون کي محنت ڪرڻي پوندي هئي، تنهنڪري اسڪول پڙهڻ کان پوءِ جڏهن موٽي گهر ايندو هئس ته اچي ڪاروبار کي لڳندو هئس، گهر ۾ پڙهڻ جو موقعو ئي نه ملندو هو.“ (16)

    1948ع ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ اچي داخلا ورتي. حاجي غلام حسين، بازار ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو ۽ رزڪي ڪپڙي جي وڪري جو ڌنڌو شروع ڪيو پر ننڍڙي عبدالمجيد جي پڙهائي متاثر ٿيندي ڏسي دڪان کڻي بند ڪيائين. عبدالمجيد، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جنهن کي هاڻي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول چئجي ٿو، پڙهڻ لڳو. هو اسڪول مان موٽي اچڻ کان پوءِ وري به پنهنجي ڪاروباري ڪم کي چُهٽي ويندو هو. هر ڪم ۾ پنهنجي والد کي هٿ ونڊائيندو هو. سندس هير اها هئي ته، جيئن ئي واندڪائي جي ڪا گهڙي ملندي هئس ته، ڪتاب ڪڍي ويهي پڙهندو هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو، 1951ع ۾ کين ڪاروبار ۾ گهاٽو پيو، جنهن ڪري سندن مزدور، جيڪي کانئن اڳواٽ پئسا وٺندا هئا، سي سندن پئسا ڦٻائي کائي کين ڇڏي هليا ويا. انهيءَ زماني ۾ حاجي غلام حسين کي ڪارخانو بند ڪرڻو پيو. انهيءَ عرصي دوران جي سندس شادي به ڪرائي وئي، تنهنڪري گهر جو وهنوار هلائڻ لاءِ پئسي ڏوڪڙ جي سخت ضرورت هئي، انهيءَ ڪري سانوڻي يا اونهاري جي وئڪيشن دوران 43 رپين جي ماهوار پگهار سان پي. ڊبليو. ڊي ۾ ٽيليفون آپريٽر جي نوڪري ڪرڻي پئي. رات جو ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ڏينهن جو وري پنهنجي والد صاحب سان هٿ ونڊائيندو هو. جڏهن وئڪيشن پوري ٿي ته وري اسڪول وڃڻ لڳو.

    انهيءَ زماني ۾ مئٽرڪ جو پهرين پلمنري امتحان ٿيندو هو، امتحاني فارم انهيءَ جو ڀريو ويندو هو، جيڪو پلمنري پاس ڪندو هو. عبدالمجيد اهو پلمنري امتحان پاس ڪري ورتو، ۽ سندس فارم يونيورسٽي ۾ ڀريو ويو. گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ کيس نوڪريءَ جي سخت ضرورت هئي، تنهن ڪري 1952ع جي شروع ۾ روينيو کاتي (ٽريزري آفيس) ۾ ڪلارڪي ورتي، اتي به کيس سخت ڪم ڪرڻو پوندو هو. ڊاڪٽر صاحب چوندو هو:

    ”آفيس ۾ ڪم ايترو هوندو هو، جو واندڪائي ئي نه ملندي هئي ته، مان ڪجهه پڙهي سگهان. اتر سنڌ جي سڀني ضلعن جو سينٽر سکر ۾ ٿيندو هو. ٻه پيپر روزانو ٿيندا هئا، ڪل ست پيپر هئا، مونکي موڪل ئي نه ٿي ملي، لاچار ايلاز منٿ ڪري چار ڏينهن موڪل ورتم، اهي چارئي ڏينهن مون خوب پڙهيو. هوند ٽريزري آفيس مان ٿڪو ٽٽو گهر موٽندو هئس ته پڙهڻ تي دل ئي نه ڪڍندي هئي. پڙهڻ ڏکيو لڳندو هو. ان هوندي به مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ پاس ٿيس.“ (17)

    انهن ئي ڏينهن ۾ سندس بدلي ميرو خان ٿي. انهيءَ عرصي دوران حڪومت کي پي. ڊبيلو. ڊي ۾ اوورسيئرن جي ضرورت پيش آئي. حڪومت هڪ سال پڙهائي، ماڻهن کي اوورسيئر ڪري پي. ڊبليو. ڊي ۾ لڳائيندا هئا. ان کي اسپيشل اوورسيئر سڏيندا هئا. ڊاڪٽر صاحب چوندو هو ته:

    ”مون به سوچيو ته ڪلارڪيءَ مان پورت نه ٿي ٿئي، انهيءَ ڪري مون ڪوشش ڪئي ۽ انهن جي امتحان ۾ ويٺس، جيڪو به اهو امتحان پاس ڪندو هو، ان کي کڻندا هئا. ٽيهه روپيه اسڪالرشپ هئي ۽ مان به چونڊجي ويس.“ (18)

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اوورسيئر جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿي ويو، تنهن ڪري کيس کنيو ويو. انهن ڏينهن ۾ سکر ۾ سول انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ نالي سکيا جو ادارو، حڪومت قائم ڪيو هو، جتي کين پڙهائڻ لاءِ رکيو ويو. انهيءَ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ مرهٽو استاد هو، جنهن جو نالو، ”ڀوپٽڪر“ هو، بمبئيءَ جو ويٺل هو، انهيءَ جي نگرانيءَ ۾ ميمڻ صاحب اڃا به وڌيڪ محنت ڪرڻ شروع ڪئي. يارنهن مهينن جي سکيا کان پوءِ امتحان پاس ڪري پي. ڊبيلو. ڊي (ايريگيشن کاتي) ۾ سيوهڻ واري علائقي تي مقررٿيو، اتفاق اهڙو ٿيو جو انهيءَ ايراضيءَ ۾ پاڻي جي هميشھ کوٽ رهندي هئي، جنهن ڪري کيس اتي به تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. انهن ڏينهن کي ساريندي چوندو هو:

    ”دادو ڪئنال جي پڇڙي واري سب ڊويزن هئي، منهنجي نگرانيءَ ۾ واهه هوندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري بند هوندا هئا ۽ پاڻيءَ جي کوٽ رهندي هئي. زمينون به مٿي هونديون هيون. منهنجي عمر انهن کي سنڀالڻ کان ننڍي هئي. ڪامورا به گهڻو ڪم وٺندا هئا. انهيءَ ڪري تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. ها البت اتي مون کي سيوهڻ جو علائقو گهمڻ جو موقعو مليو. درياءُ جا پاسا، واهه، وڪڙا ۽ منڇر ڍنڍ مون چڱيءَ طرح گهمي ڏٺا.“ (19)

    سيوهڻ کان پوءِ مختلف سب ڊويزن ۾ رهندي 1954ع ڌاري لاڙڪاڻي جي رتوديرو سب ڊويزن ۾ بدلي ٿي آيو ۽ کيس ڳڙهي ياسين ۽ رتوديرو جي دنگ واري ايراضيءَ تي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج کليو ته، بي. اي (B.A) ۾ داخلا ورتائين. پڙهائيءَ خاطر لاڙڪاڻي بدلي ڪرائي آيو. ڪاليج شام جو هو، تنهن ڪري صبح جو نوڪري جي ڊيوٽي ڏئي، شام جو ڪلاس اٽينڊ ڪندو هو. اهڙيءَ طرح 1959ع ۾ بي. اي امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم جاري رکڻ لاءِ ڪراچي هليو آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ 1961ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين.

    ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اوورسيئر واري نوڪري باوجود سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو ۽ انهيءَ نوڪريءَ تان دل کڄي ويس. انهيءَ عرصي دوران کيس شوق جاڳيو ته ڪاليج ۾ استاد ٿيان. هن سلسلي ۾ چوندو هو ته:

    ”مون کي شوق هو ۽ مون چاهيو پئي ته هيءَ ملازمت ڇڏي ڪاليج ۾ استاد ٿيان. هڪڙو دوست اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پڙهندو هو، هڪ دفعي هن مون کي ٻڌايو ته، اسان جي ڪاليج ۾ ”ليڪچرار“ جي هڪ جاءِ خالي آهي، تون چاهين ته، ليڪچراري ملي ويندءِ. بهرحال مون ڪوشش ڪئي، موڪل وٺي پگهار کان سواءِ ليڪچرار مقرر ٿيس. پوءِ مون اها نوڪري اختيار ڪئي.“ (20)

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ۾ جدوجهد ۽ تعليم پرائڻ جو مادو تمام گهڻو هو. هو ايتري ۾ بس ڪري ويهڻ وارن مان نه هو، تنهنڪري انهيءَ عرصي دوران ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين ۽ 1962ع ۾ ايل. ايل. بي (L.L.B) ڪيائين، انهيءَ سان گڏوگڏ 1963ع ۾ اسلامي ڪلچر ۾ ايم. اي ۽ 1965ع ۾ رليجن (مذاهب عالم جو تقابلي مطالعو) ۾ ايم. اي ڪيائين.

    سنڌي ادب جي اساٽ اجهامڻ جي نه ڪئي تنهن ڪري علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي نگرانيءَ هيٺ 1973ع ۾ ”بيان العارفين سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار“ عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.

    24 اپريل 1974ع تي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊي جي ميٽنگ ۾، ڊاڪٽر صاحب کي پي ايڇ. ڊي ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو. هي نتيجو 25 اپريل 1974ع جي رواني اخبار ”عبرت“ ۽ روزاني ”آفتاب“ ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي چوڻ مطابق، سڀ کان پهرين کيس شمشاد علي خواجه حيدرآباد مان تار وسيلي مبارڪ ڏني، ان کان پوءِ پروفيسر محمد احمد ڪراچي مان، شيخ عبدالرزاق ”راز“، سيد لعل شاهه، قاضي علي اڪبر درازي روهڙي، قاضي عبدالرحيم قريشي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، بلاول پرديسي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ ترتيبوار مبارڪون ڏنيون. (21)

    ملازمت ۽ مشغوليون

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي سڄي ڄمار جدوجهد ۽ جستجو ڪندي گذري. هو اڃا جوان ئي نه ٿيو هو ته، سندس والدين کي ڌنڌي ۾ گهاٽو رسيو، جنهن ڪري سيٺيون سڏجندڙ سندس والدين ٿورڙي عرصي ۾ مسڪينيءَ جي حالت کي پهتا، جنهن ڪري سترهن - ارڙهن ورهين جي ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ عبدالمجيد کي ملازمت ۾ پير پائڻو پيو. 1951ع ڌاري جڏهن اونهاري جون موڪليون ٿيون ۽ آبڪلاني جي مند آئي ته پي. ڊبيلو. ڊي ۾ 43 روپيه ماهوار پگهار سان ٽيليفون آپريٽر ٿيو. اها نوڪري نهايت محنت ۽ مشقت واري هئي. کيس سڄي رات جاڳي واهن ۽ مختلف ريگيوليٽرن جي پاڻيءَ جون ماپيون معلوم ڪري نوٽ ڪرڻيون پونديون هيون، جيڪي پوءِ ايس. ڊي. او اچي ڏسندو ۽ جاچيندو هو. ڊاڪٽر صاحب چوندو هو ته:

    ”ايس ڊي. او (S.D.O) هندو هو. نالو هئس رامچنداڻي. سڄي رات جاڳندو هو. پاڻيءَ جي ڏاڍي اڻ تڻ هوندي هئس، متان پاڻي وڌي وڃي ۽ کنڊ پوي يا ڪٿي پاڻيءَ جي کوٽ ٿي پوي. تنهن ڪري هو هر ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هر هر اچي پاڻيءَ جي ماپ پڇندو هو. انهيءَ ڪري سڄي رات جاڳڻو پوندو هو.“ (22)

    سڄي رات جو اوجاڳو ڪري، جڏهن گهر ايندو هوته، وري گهر جي ڪم ڪار کي لڳي ويندو هو. جڏهن اونهاري جون موڪلون پوريون ٿيون تڏهن به نوڪري جاري رکڻ جو فيصلو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته نوڪريءَ جي آمدني ڪري گهر جو گاڏو آسانيءَ سان هليو ٿي. اها نوڪري ڄڻ سندس ضرورت بڻجي پئي هئي، تنهن ڪري رات جو ڊيوٽي ڪري صبح جو اسڪول ويندو هو. انهيءَ زماني ۾ قانون هو ته مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويهڻ کان پهرين پلمنري امتحان پاس ڪرڻ ضروري هو. ميمڻ صاحب پلمنري امتحان به پاس ڪري ورتو ۽ سندس فارم يونيورسٽيءَ ۾ ڀريو ويو، پر گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ ڪو وسيلو ضروري هو. اهڙو وسيلو هو ته، فقط ۽ فقط نوڪري هو. تنهنڪري 1952ع ۾ روينيو کاتي (ٽريزري آفيس) ۾ ڪلارڪي ملي ويس. انهيءَ زماني ۾ ٽريزري آفيس ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت هوندي هئي ۽ ڪلارڪن جون ضلعي اندر تعلقن ۾ بدليون ٿينديون هيون، ميمڻ صاحب کي پهرين ته لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو، پر پوءِ بدلي ڪري ميرو خان تعلقي ۾ رکيو ويو.

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ هو ته:

    ”آفيس ۾ ڪم ايترو هوندو هو، جو واندڪائي ئي نه ملندي هئي جو مان ڪجهه پڙهي سگهان. انهيءَ سال ئي (1952ع ۾) مئٽرڪ جو امتحان ٿيو. تڏهن اتر سنڌ جي سڀني ضلعن جو سينٽر سکر ۾ هوندو هو، ٻه پيپر روزانو ٿيندا هئا، ڪل ست پيپر هوندا هئا. مون کي موڪل ئي نه ٿي ملي، لاچار ايلاز منٿ ڪري چار ڏينهن موڪل ورتم. اهي چارئي ڏينهن مون خوب پڙهيو. هوند ٽريزري آفيس مان ٿڪو ٽٽو گهر موٽندو هئس ته پڙهڻ تي دل ئي نه ڪڍندي هئي، پڙهڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو، ان هوندي به مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ پاس ٿيس.“ (23)

    جنهن زماني ڊاڪٽر صاحب، ميرو خان ۾ ڪلارڪ هو ۽ مئٽرڪ ڪري ورتي هئائين، تن ڏينهن ۾ حڪومت کي پي. ڊبليو. ڊي ۾ اوورسيئرن جي ضرورت پئي، امتحان وٺي ماڻهن کي کنيائون ٿي، ميمڻ صاحب به امتحان ۾ وڃي ويٺو ۽ چونڊجي ويو، تنهنڪري ٽريزري جي ڪلارڪي جي نوڪري ڇڏي وڃي اورسيئر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سکر ۾ سول انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ نالي هڪ ادارو حڪومت قائم ڪيو هو، جتي کين سکيا لاءِ رکيو ويو. انهيءَ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ مرهٽو استاد هو، جنهن جو نالو ”ڀوپٽڪر“ هو. هو بمبئيءَ جو ويٺل هو، انهيءَ جي نگراني ڊاڪٽر صاحب ۾ علم پرائڻ جو چاهه وڌيو ۽ پڙهڻ ۾ محنت ڪرڻ لڳو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته، هن امتحان پاس ڪري ورتو ۽ پي. ڊبيلو. ڊي (ايريگيشن) کاتي ۾ سيوهڻ واري علائقي ۾ اوورسيئر مقرر ٿيو. اتفاق اهڙو ٿيو جو انهيءَ ايراضيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ رهندي هئي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. انهن ڏينهن کي ساريندي ڊاڪٽر صاحب چوندو هو:

    ”دادو ڪئنال جي پڇڙي واري سب ڊويزن هئي. منهنجي نگرانيءَ ۾ واهه هئا، جيڪي گهڻو ڪري بند هوندا هئا. پاڻيءَ جي کوٽ رهندي هئي، زمينون به مٿي هونديون هيون. منهنجي عمر انهن کي سنڀالڻ کان ننڍي هئي. ڪامورا به گهڻو ڪم وٺندا هئا. انهيءَ ڪري تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. ها البت اتي مون کي سيوهڻ جو علائقو گهمڻ جو موقعو مليو. درياءَ جا پاسا، واهه وڪڙا ۽ منڇر ڍنڍ، مون چڱيءَ طرح گهمي ڏٺا.“ (24)

    ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ هو ته:

    ”انهيءَ سب ڊويزن کان پوءِ مختلف ڊويزنن ۽ هنڌن تي بدلي ٿيندي رهي. 1954ع ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو سب ڊويزن ۾ بدلي ٿي “ڳڙهي ياسين ۽ رتوديرو جي دنگ واري ايراضيءَ ۾ مقرر ٿيس. انهيءَ عرصي دوران لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج کليو ته بي. اي ۾ داخلا ورتم. پڙهائيءَ خاطر لاڙڪاڻي سب ڊويزن ۾ بدلي ڪرائي آيس، ڪاليج شام جو هو تنهنڪري صبح جو نوڪري وري شام جو ڪاليج ۾ اچي ڪلاس اٽينڊ ڪندو هئس. اهڙيءَ طرح مون بي. اي ڪري ورتي.“ (25)

    توڙي جو هيءَ نوڪري سندس روزگار جو ذريعو هئي پر پوءِ کيس ڀانءِ نه ٿي آئي. ڏينهون ڏينهن

    سندس دل ۾ چاهه ۽ شوق وڌندو ٿي ويو ته، ڪاليج ۾ استاد ٿيان. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ هو ته:

    ”مون کي شوق هو ۽ مون چاهيو پئي ته هيءَ ملازمت ڇڏي ڪاليج ۾ استاد ٿيان. هڪڙو دوست هو، اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پڙهندو هو، هڪ ڏينهن هن مون کي ٻڌايو ته اسان جي ڪاليج ۾ ليڪچرار جي هڪ جاءِ خالي آهي، تون چاهين ته، ليڪچراري ملي ويندءِ، بهرحال مون ڪوشش ڪئي، موڪل وٺي پگهار کان سواءِ ليڪچرار مقرر ٿيس ۽ پوءِ مون مستقل اها نوڪري اختيار ڪئي.“ (26)

    توڙي جو کيس خبر هئي ته اسلاميه ڪاليج واري نوڪري خانگي آهي، في الحال پگهار به مقرر ناهي، تنهن هوندي به سرڪاري ۽ مستقل نوڪري ڇڏي 1961ع اسلاميه ڪاليج ۾ پهتو. سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اتي پهچڻ سان اهڙو ته مانڊاڻ منڊيائين جو اسلاميه ڪاليج علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو. نه رڳو ايترو پر اشاعتي سلسلو به جاري ڪيائين. انهيءَ عرصي دوران اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو.

    پهرين سيپٽمبر 1972ع تي پيپلز پارٽي جي حڪومت سمورا خانگي تعليمي ادارا قومي ملڪيت ۾ ورتا، جنهن ڪري اسلاميه ڪاليج سکر به سرڪاري تحويل ۾ هليو ويو. اهڙي طرح ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 1972ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو. کيس بدلي ڪري گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج خيرپور ۾ پرنسپال مقرر ڪيو ويو. ارڙهين مارچ 1974ع تائين رهيو. پوءِ شاهه لطيف گورنيمنٽ ڪاليج قمبر بدلي ٿي آيو، اتان وري گورنمينٽ ڪاليج رتوديرو بدلي ٿي آيو. جتان نائين ڊسمبر 1975ع تي بدلي ٿي قمبر آيو. جتي 25 مئي 1975ع تائين رهيو. انهيءَ عرصي دوران حج جي سعادت حاصل ڪيائون. انهيءَ کان سواءِ انهي عرصي دوران ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ ۾ سنڌي مضمون لاءِ اوڻويهين گريڊ جي جاءِ نڪتي، جنهن لاءِ اميدوار ٿي انٽرويو ڏنائون ۽ ڪامياب ٿيا. اهڙيءَ طرح اسسٽنٽ پروفيسر مان اڻويهين گريڊ ۾ پروفيسر ٿيا ۽ سکر ڊگري ڪاليج ۾ کين مقرر ڪيو ويو، جتي ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا رهيا. اهڙي طرح 1982ع جي جنوري مهيني جي چوٿين تاريخ بدلي ٿي شاهه لطيف گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ پرنسپال ٿيا، شڪارپور ۾ پرنسپال واري دور ۾ 1982ع ۾ شڪارپور ۾ جشن شڪارپور ۽ 1985ع ۾ ”شڪارپور سيمينار 85ع“ منعقد ڪرايائين. شڪارپور سيمينار لاءِ شڪارپور جي سرڪاري غير سرڪاري دوستن سان گڏجي هسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪرايائين. جنوري 1987ع جي ٻارهين تاريخ بدلي ٿي لاڙڪاڻي جي ڪامرس ڪاليج ۾ پرنسپال ٿي آيا. جتان 31 ڊسمبر 1989ع تي ملازمت مان رٽائرڊ ٿيا.

    اولاد

    اولاد، خدا جي نعمت آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي کي قدرت جتي ٻين ڪيترين ئي سعادتن ۽ نعمتن سان مالامال ڪيو، اتي کين اولاد جي نعمت سان به نوازيو آهي. سندس اولاد جو تفصيل هن طرح آهن.

    ڊاڪٽر صاحب کي ٻه نياڻيون ۽ ٽي پٽ آهن. وڏي نياڻي رضيه بيگم آهي، سندس پيدائش 14 آگسٽ 1951ع تي ٿي، ٻي نياڻي ڊاڪٽر نجمه آهي، سندس پيدائش پهرين ڊسمبر 1955ع آهي. ڊاڪٽر صاحبه ايم. بي. بي. ايس آهي ۽ هن وقت شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻي ۾ سينيئر گائناڪالاجسٽ آهي.

    ڊاڪٽر عبدالوحيد

    ڊاڪٽر عبدالوحيد جو سن پيدائش 28 آگسٽ 1960ع آهي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر آهي.

    ڊاڪٽر عبدالوحيد پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ تمام سٺو ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رهيو آهي. سندس مضمون مختلف رسالن ۽ درسي ڪتابن ۾ ڇپيل آهن ۽ نصاب طور پڙهايا وڃن ٿا. هن وقت توڙي جو اکين جو ماهر سرجن آهي ۽ مصروف زندگي گذاري ٿو، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ٺاهوڪيون لکڻيون لکي ٿو.

    محترم ڊاڪٽر عبدالوحيد، پنهنجي عظيم والد جي ياد کي زندهه رکڻ ۽ سندس رهيل ۽ ناياب ڇپيل ڪتاب ٻيهر ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ادبي خدمتن تي ميڙا ۽ مذاڪرا منعقد ڪرڻ لاءِ ”ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادبي اڪيڊمي“ نالي ادبي ادارو قائم ڪري پنج عدد ڪتاب ڇپائي چڪو آهي، جن مان هڪ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي علمي ادبي خدمتن تي مختلف ليکڪن جي لکيل مقالن جو مجموعو آهي. ان جو نالو آهي: ”سڄڻ ۽ سارون“. انهيءَ کان پوءِ رجب آزاد جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪارو چشمو“، ٽيون ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو تاريخي ڪتاب ”ميمڻ برادري – تاريخ، ثقافت ۽ معاشرت“، چوٿون ڪتاب زيب ڪنگي جي شاعريءَ جو مجموعو ”احساس جون ڪتڪتايون“ ڇپايو آهي ۽ هن وقت پنهنجي والد جو هڪ ڪتاب ”سنڌ جا شهر تاريخ جي آئيني ۾“ ڇپائي رهيو آهي.

    انجنيئر عبدالحميد ميمڻ

    انجنيئر عبدالحميد جي ولادت پهرين جنوري 1969ع تي ٿي. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان بي. اِي ۽ سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي اٿس. هن وقت سوئي سدرن ۾ انجنيئر آهي. پنهنجي والد جي لائبريري سانڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

    انجنيئر عبدالواحد

    انجنيئر عبدالواحد جي ولادت جو سن 8 آڪٽوبر 1971ع آهي. اين. اِي. ڊي يونيورسٽي مان بي. اِي (سول) ۾ ڪئي اٿس. هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو ۽ هڪ پرائيويٽ فرم ۾ انجنيئر آهي.

    حج ۽ عمرو

    حج اسلام جي بنيادي رُڪنن مان هڪ رُڪن آهي. اسلامي لحاظ کان حج هڪ اهڙي سعادت آهي، جنهن لاءِ هرهڪ مسلمان سڌائتو هوندو آهي، ۽ اهڙا ماڻهو جن کي حج جي سعادت نصيب ٿي هوندي آهي، اهو ماڻهو اسان جي معاشري ۾ سعادتمند ۽ خوش نصيب ليکيو ويندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اهڙن ڀلارن، سعادتمند انسانن مان هڪ آهي. کيس ٻه ڀيرا حج جي سعادت نصيب ٿي. انهيءَ کان سواءِ ٻه ڀيرا عمري جي سعادت به ماڻيائين.

    پهريون ڀيرو حج جي سعادت 1977ع ۾ ماڻيائين. انهيءَ زماني ۾ پاڻ گورنمينٽ ڪاليج قمبر ۾ پرنسپال هئا. پاڻ حج جو سفر بحري جهاز وسيلي ڪيو هئائون. ٻيو ڀيرو حج جي سعادت 1995ع ۾ ماڻيائون. پاڻ حج لاءِ هوائي جهاز وسيلي سکر ايئرپورٽ تان حج لاءِ روانا ٿيا هئا ۽ واپس به سکر ايئرپورٽ تي لٿا هئا.

    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻه ڀيرا عمري تي ويا. پهريون ڀيرو 1992ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1994ع ۾ عمرو ادا ڪيائون.

    وفات

    ڪي ڪي ڏينهن، ڪي ڪي گهڙيون، ڪي ڪي پل پاڻ سان اهڙيون يادون يا گهٽنائون آڻيندا آهن، جيڪي زندگيءَ جو درد، زندگيءَ جو ڪؤڙو سچ ۽ ڪن حالتن ۾ تاريخ جو حصو ٿي وينديون آهن. اهڙي هڪ ياد فيبروري 1996ع جي اٺين تاريخ، خميس جي ڏينهن ٿي گذري. ٽي وڳي هميشھ جيان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سان ملڻ ويس. ڳچ سالن کان منهنجي اها هير رهي هئي ته، سانوڻ هجي يا سيارو، اسڪول کان موڪل ملڻ کان پوءِ سڌو ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ سندس گهر ويندو هئس. هميشھ جيان اٺين فيبروري 1996ع، خميس ڏينهن ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ ويس. سندس در تي وڃي پهتس، در کڙڪايم، هميشھ جيان ڊاڪٽر صاحب جن پاڻ اوطاق جو در کوليو، ڇاڪاڻ ته، انهيءَ ٽائيم اچڻ وارن مان فقط مان ئي هوندو هئس. ملياسين ڪجهه وقت ڪچهري ڪئي سين، پوءِ ڪٻٽ کولي ڪجهه ڪتاب ڪڍيائين ۽ چوڻ لڳا، سيرت پاڪ تي ڪتاب لکجي، انهيءَ لاءِ ريفرنسز پيو ڪڍان. مان به ڪتاب ڪڍڻ ۾ ساڻن هٿ ونڊائڻ لڳس پورا ٻه ڪلاڪ ڳولي ڳولي سيرت پاڪ تي ڪتاب ڪڍندا وينداسين. انگريزي، سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ ڪتاب ڪڍندا ٽيبل تي گڏ ڪندا وياسين. توڙي جو پاڻ بيماري جهاڳي اٿيا هئا ۽ نهايت ڪمزور ٿي لڳا، پر پوءِ به همٿ ڪري ڪٻٽن مان ڪتاب ڪڍي رهيا هئا ۽ وقفي وقفي سان ويهي ٻه چار منٽ ساهي ٿي پَٽيائون ۽ وري ڪتاب ڪڍڻ جي ڪم ۾ جُنبي ٿي ويا. جڏهن ڪٻٽن جا سڀ شيلف اٿلائجي ويا ته، پاڻ ويهي رهيا ۽ چيائون: ”هي ڪتاب کڻي ٽيبل تي رکو.“

    مان سندن حڪم جي پوئواري ڪندي، صوفه تي رکيل ڪتاب کڻي ترتيب سان سڌا ڪري ڳڻيندو صوفه جي ڀر ۾ رکيل ٽيبل تي رکندو ويس. پاڻ ساهي پٽي وري اُٿيا ۽ گهر هليا ويا ۽ ٿڏي تي موٽي اچي ساڳئي صوفي تي ويٺا ۽ ڪَڍ سندن ننڍو فرزند انجنيئر عبدالحميد آيو ۽ ٽيبل تي رکيل ڪتاب گهر ڏانهن کڻڻ لڳو. اهڙيءَ طرح جڏهن مان سڀئي ڪتاب ٽيبل تي سَٿي پورا ڪيا ته، سندن آڏو ڪرسيءَ تي اچي ويٺس، ساڻن مخاطب ٿيندي چيم: ”سائين ساڍا چار سؤ ڪتاب ٿيا آهن.“ پاڻ مُرڪي ڏنائون. ”هڪ موضوع تي ساڍا چار سؤ ڪتاب هئڻ، مان سمجهان ٿو ته، ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ ناهي.“

    چوڻ لڳا: ”توهان سڀاڻي جيئن اچو ته ڪتاب لکڻ ويهنداسين.“ جيئن ته پاڻ نهايت ڪمزور هئا، تنهن ڪري لکي نه سگهندا هئا، البت چوندا ويندا هئا ۽ مان لکندو ويندو هئس، جڏهن ليک لکجي پورو ٿيندو هو ته، کين پڙهي ٻڌائيندو هئس ۽ جيڪا درستي ڪرڻي هوندي هئن، ٻيهر دهرائيندا هئا. اهڙيءَ طرح هڪ ڀيرو وري پاڻ اها تحرير پڙهندا هئا ۽ ضرورت آهر پنهنجي هٿن سان سان منجهس دُرستي ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح اٺين فيبروري خميس جي ڏينهن ڪتابن جي چونڊ ڪئي سين. پاڻ چيائون ته، ”سڀاڻي کان نئون ڪتاب، جيڪو سيرت پاڪ تي آهي، لکڻ شروع ڪنداسين.“

    مون کين چيو: ”سائين سڀاڻي جمعو آهي، ڪجهه گهر جي لهه چوهه آهي، سا پوري ڪريان، ڇو ته اسين ڇنڇر کان ڪم شروع ڪريون.“

    چيائون: ”ته پوءِ ٺيڪ آهي. تيستائين مان ڪجهه بنيادي ماخذ، جيڪي عربي ۽ فارسي ۾ آهن، تن جا نوٽس وٺندس، ٻئي ڏينهن کان ڪم شروع ڪنداسين. توهان اسڪول کان پوءِ سڌا هيڏانهن هليا اچجو.“

    پروگرام کي آخري شڪل ڏئي، ساڍي پنجين وڳي ڌاري موڪلائڻ جي ڪيم ته پاڻ اُٿيا، ڀاڪر پائي موڪلايائون. مان ڊاڪٽر صاحب جن جي هن توقع خلاف سڀاءَ تي سوچڻ لڳس. آخر اڄ توقع جي ابتڙ سائين جن ائين ڇو ڪيو. هونئن ته هميشھ ائين ٿيندو هو ته اچڻ وقت ڀاڪر پائي ملندا هئا ۽ موڪلائڻ وقت مان نوڙي موڪلائي ايندو هئس. مان ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ سڀاءَ تي سوچيندو ۽ حيرت کائيندو، لاهوري محلو لنگهي اچي پيپلز ڪالونيءَ وٽ پهتس، پر مون کي اها پرولي سمجهه ۾ نه آئي. بَس ۾ ويٺس تڏهن به منهنجي ذهن تي ڊاڪٽر صاحب جن جي انهيءَ سڀاءَ واري ڳالهه حاوي هئي. نائين تاريخ جمعي ڏينهن اسڪول ڊيوٽيءَ تان موٽي گهر آيس ۽ ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويس ته، منهنجو سؤٽ آيو ٻڌايائين ته، توهان جي استاد کي ڌڪ لڳو آهي، سو کيس لطيف ميڊيڪل سينٽر تي کڻي آيا هئا، پر هو بيهوش هو، مون کانئس پڇيو: ”ڇا جو ڌڪ!“

    وراڻيائين: ”اها ته خبر ناهي، پر چون پيا ته گهر ۾ ڌڪ لڳو اٿس.“

    مان انهيءَ گهڙيءَ گهران نڪري پيس ۽ وڃي لطيف ميڊيڪل سينٽر تي پهتس ته خبر پئي ته کيس ڪراچيءَ نِيو ويو آهي. کيس Head Injury هئي. مان اتان وري لاهوري محلي جو رُخ رکيو. سنڌي هائوس تي پهتس ته ڊاڪٽر صاحب جن جو ٻيو نمبر فرزند انجنيئر عبدالحميد مليو، ۽ ٻڌايائين ته واقعو ڪيئن پيش آيو.

    ”بابا، ماڙيءَ تي تڙڪي تي ويٺي ڪتاب پڙهيا ۽ نوٽس ورتا ته، جمعي جي نماز جو وقت ٿيو، گهران کيس سڏ ڪيائون ته، جمعي جي نماز جو وقت ٿيو آهي، سو لهي اچو.“

    اهي ئي ڪتاب، هڪ ڪڇ ۾ ۽ ٻيو هٿ ۾ هُين، ڏاڪڻ تان لهي رهيا هئا، آخري، هيٺئين ڏاڪي تي هئا ته، سندس پير ترڪي ويو، جنهن جي ڪري پاڻ سنڀالي نه سگهيا، ڪِري پيا ۽ ڪياڙي مٿئين ڏاڪي جي وٽ سان ٽڪرائجي ويئي ۽ بيهوش ٿي ويا. کين ڪراچيءَ کڻائي ويا آهن، ساڻن وڏو فرزند ڊاڪٽر عبدالوحيد ۽ نياڻي ڊاڪٽر نجمه ساڻ آهن.

    انهيءَ وقت ادي عبدالحميد جو چهرو نهايت لٿل هو ۽ مايوس نظر ٿي آيو. سندس اکين ۾ آب ۽ پيڙا ڇوليون ٿي ڏنيون. مان هن جون اهڙيون اکيون ڏسي ڪنبي ويس ۽ دل مان هڪدم صدا نڪتي ”الله سائين تون ڪريم آهين، تنهنجي محبوب سان محبوبن جهڙو پيار ڪرڻ واري پنهنجي نيڪ بخت ٻانهي کي امان ۽ پناهه ۾ رکجانءِ!“

    مون عبدالحميد کي آٿت ڏنو. هن سان سانجهي تائين ويٺو رهيس. اوندهه ڌاري واپس موٽي گهر آيس، پر اندر جي آنڌ مانڌ جهڪي ٿيڻ جي نه ڪئي.

    ٻئي ڏينهن ڏهين فيبروري تي شام جو ٽيليفون تي اطلاع ڏنو ويو ته، ”ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، گذاري ويو آهي.“

    آءٌ واءُ مينهن ڪندو لاهوري محلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن جي (سنڌي هائوس) تي پهتس. چؤطرف ماحول سوڳوار هو ڄڻ ته وقت بيهجي ويو هو، ۽ تاريخ بيوس ۽ لاچار بڻجي چڪي هئي.

    ڊاڪٽر صاحب کي لاڙڪاڻي مان کڻي ڪراچي آندو ويو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس آپريشن به ڪيو ويو، پر لکيو ڪيئن ٽري 11هين فيبروري آچر ڏينهن ڏهين وڳي ڌاري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جن جو وڏو فرزند ڊاڪٽر عبدالوحيد ميمڻ سندن وفات جو واقعو ٻڌائيندي چوي ٿو ته:

    ”سياري جا ڏينهن هئا، سج پنهنجي ڀرپور جوت سان اُڀري ۽ اُسري چڪو هو. صبح جا ڏهه ٿي رهيا هئا. مان پنهنجي ڀيڻ سان گڏ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ جي I.C.U وارڊ ٻاهران ڪاٺ واري بئنچ تي پريشان ويٺو هئس. اندر I.C.U وارڊ ۾ سنڌي زبان جو مشهور اديب، محقق ۽ دانشور پنهنجي حياتيءَ لاءِ موت سان جنگ وڙهي رهيو هو. هو ڏيڍ ڏينهن کان موت سان اکيون اکين سان ملائي وڙهي رهيو هو. ڪجهه گهڙين لاءِ ملڪ الموت پوئتي هٽي وڃي ٿو. ان اديب ۽ دانشور جون ڪجهه سيڪنڊن لاءِ اکيون کلن ٿيون، هو خوش ٿئي ٿو ته موت مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ مهلت ڏني آهي ته، مان رهيل ادبي ڪم پورو ڪري وٺان، پر سندس اها خوشي عارضي ثابت ٿئي ٿي ۽ کيس زندگي نه ٿي ملي. هو پنهنجا پساهه ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏي ٿو. ان جو اطلاع I.C.U جو انچارج ڊاڪٽر اسان کي هنن لفظن ۾ ڏئي ٿو: “He no more with us” مان بابا کي Kiss ڪري آءِ. سي. يو مان ٻاهر نڪري ٿو اچان. مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. منهنجي ڀيڻ جيڪا مون کان چار سال وڏي آهي. منهنجي روئندڙ چهري کي ڏسي سمجهي وڃي ٿي ۽ اسان ڪيترو وقت ڀاڪر پائي روئندا رهياسين. لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي جي ڪاريڊور ۾ اسان جي روئڻ تي ڪيترا ماڻهو ڪٺو ٿي وڃن ٿا. اسان دنيا ۽ جهان کان بي پرواهه پنهنجي والد جي موت تي ماتم ڪندا رهياسين. ايتري ۾ منهنجي ڀيڻ مون کان ڇڏائي بابا بابا ڪندي آءِ. سي. يو ۾ اندر هلي وڃي ٿي.“ (2)

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو جسد خاڪي لاڙڪاڻي آڻي 12هين فيبروريءَ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڄڻ سنڌ سونهاري جي زرخيز زمين تي علم جو چمڪندڙ چنڊ اجهامي ويو، ڄڻ لاڙڪاڻي جي سرسبز زمين سڃ ۽ رُڃ بڻجي ويئي. ڄڻ لاڙڪاڻو شهر ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو. ادب جا وٿاڻ سُڃ ٿي ويا، محفلون، مشاعرا، مذاڪرا بي جان ٿي ويا. سچ ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ادبي محفلن، مشاعرن، مذاڪرن، سيمينارن ۽ ادبي ڪلاسن جي جان هو. هو برقعو مٽائي ويو ڄڻ سچ ۽ سونهن ساڻ کڻي هليو ويو.

    حوالا
    (1) ڊائري، بدر ڌامراهو، 24 جنوري 1989ع، بروز اڱارو.
    (2) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”وياسي وينجهار: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي“، ماهوار السنڌ، اسلام آباد، سال مارچ 1996ع، شمارو 51، ص. 34
    (3) 1993ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي کان روبرو معلومات ورتي وئي هئي.
    (4) 1993ع ۾ روبرو جي ڳالهه ٻولهه، بدر ڌامراهه جي ذاتي ڊائريءَ تان.
    (5) ساڳيو.
    (6) ساڳيو.
    (7) 1992ع ۾ ٽيپ ٿيل هڪ انٽرويو.
    (8) ساڳيو
    (9) ساڳيو
    (10) ساڳيو
    (11) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو 1992ع ۾ رڪارڊ ڪرايل هڪ انٽرويو ۽ نقل ڪيل انٽرويو.
    (12) ساڳيو.
    (13) ساڳيو.
    (14) ساڳيو.
    (15) ساڳيو
    (16) ساڳيو
    (17) ساڳيو
    (18) ساڳيو
    (19) ساڳيو
    (20) ساڳيو
    (21) ساڳيو
    (22) ساڳيو
    (23) ساڳيو
    (24) ساڳيو
    (25) ساڳيو
    (26) ساڳيو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو