ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڪردار: ”شائق“ لطيفي، ڏوٿي، مارو، خدمتگار، مُلا مکڻ، صوبيدار، جج ۽ وڪيل وغيره ( پردو پهريون) منظر: هڪ اڌڙوٽ عمر جو بزرگ ماڻهن ۾ شائق لطيفي جي نالي مشهور آهي. هنجي وضع قطع صوفين جھڙي آهي. منجھيل سنجھيل اڇي ڪاري چاپئين ڏاڙهي منهن تي لٿل آهيس. اڇو ڀورو ڪڻڪائون رنگ، ٻٽوئان وار ۽ مٿي جون گھنڊيدار وٽيل لڙهيون منهن تي لٽڪي رهيون اٿس. هر وقت ڪاري رنگ جو ڊگھو پهراڻ زيت تن رهيس ٿو. هو هر سوال جو جواب لطيف جي بيتن ۾ ڏيندو آهي. لطيف جي چاهت هئڻ ڪري ماڻهو کيس ”شائق“ لطيفي سڏيندا آهن. هو ننڍڙي پلاٽ تي ڪچي اڏيل اوتاري ۾ تڏي تي ويٺو آهي ۽ پاسي کان يڪتارو به رکيو اٿس ۽ پنهنجي منهن ڪجھه جھونگاري رهيو آهي. ”شائق“ لطيفي: ”عاشق زهر پياڪ، وهه سي وهمن گھڻو، ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ، لڳن لئون ”لطيف“ چئي، فنا ڪيا فراق، توڙي چڪنن چاڪ؛ ته به آهه نه سلين عام کي.“ ٻاهر دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو ۽ ”شائق“ لطيفي جي خدمتگار سان گڏ سندس ٻه دوست مارُو *۽ ڏوٿي اندر گھڙن ٿا. شائق لطيفي (ٻاهران ايندڙن کي ڏسندي): ”اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آيو، سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏنو موڙ، جا پر کٽيءَ کوڙ، سا پر سورن سين ٿئي!“ ڏوٿي (هٿ ٻڌندي): ”سائين! بهاريون قراريون؟ اسين ته هر وقت سائينجن کي سرها ڏسڻ لاءِ آتا آهيون.“ شائق لطيفي: ”ماڻهو گھُرن مال، آءُ سڀ ڏينهن گھُران سپرين، دنيا تهين دوست تان، فدا ڪريان في الحال، ڪيو نام نهال، مون کي محبوبن جي.“ مارو: ”شڪرالحمدلله! سائينجن جي طبيعت ڪالهه کان اڄ مڙئي سڌير ڏسجي ٿي.“ شائق لطيفي: ”ڪهڙي پُڇين ٿو ڪالهه، ڪر نڪا اڄ صباح، ونئن تنهين سين واڳيون، جيڪي پسن منجھه پساءُ، رم رباني راهه، مٿي حال هوشيار ٿي!“ خدمتگار: ”سائين! هن جمعرات تي ڀٽ شاهه هلڻ لاءِ سواريءُ جو بندوبست ڪريون يا نه؟ اڳي وانگر وري خيال ته ڪونه لاهي ڇڏيندا؟“ شائق لطيفي: ”ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کُلن در دوستن جا، ڪڏهن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين، ڪڏهن سِڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجھاندر ڳرهين، اهڙا ئي آهن، صاحب منهنجا سپرين!“ ٻاهر دورازي تي ٻيو ڀيرو ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو. مُلا مکڻ پنهنجي شاگرد سان اندر داخل ٿئي ٿو. ملا مکڻ: ”لطيفي صاحب! اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“ شائق لطيفي: ”نڪو سندو سور جو، نڪو سندو سڪ، عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي!“ مُلا مکڻ: ”توهان وعدو ڪيو هو ته آئنده ساز سرود سان وندر نه ڪندؤ؟“ شائق لطيفي: ”رڳون ٿيون رباب، وڄنم ويل سڀڪنهن، لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ريءَ جباب، سو ئي سنديم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب، سو ئي عين عذاب؛ سو ئي راحت روح جي.“ مُلا مکڻ: ”خبر نٿي پوي ته توهان هر وقت مدهوشيءَ ۾ ڇو رهو ٿا؟“ شائق لطيفي: ”ڪنڌ ڪٽارو، منهن وٽي، عادت جنين اِيءَ، تنين تڪون ڏنيون، جنبي منجھان جيءُ، سرو تن سبي؛ جن حاصل ڪيو حال کي.“ مارو: ”سائين! عيد جو سڀاڳو ڏينهن به ايهين گذاري ڇڏيوَ، ڪا خوشي ڪانه ڪيوَ؟“ شائق لطيفي: ”ڏکي ڏمر ناهه، بکي کل نه اُجھي، اگھاڙي وهانءُ؛ ويو ويچاريءَ وسري!“ مُلا مکڻ: ”اوهان پنهنجي طبيعت ڪنهن حڪيم کي ڇو نٿا ڏيکاريو؟“ شائق لطيفي: ”ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا، ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکويو.“ ڏوٿي: ”توهان حڪم ڪريو، ته ڪنهن سٺي حڪيم کي وٺي اچان!“ شائق لطيفي: ”اُٿياري اُٿي ويا، منجھان مون آزار، حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار، طبيبن تنوار؛ هڏ نه وڻي هاڻ مون!“ ٻاهريون دروازو ڪو ٽيون ڀيرو ٺُڪٺائي ٿو، لطيفيءَ جو خدمتگار گھٻرائيندو صوبيدار ۽ ٻن سپاهين سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. صوبيدار: ”توهان مان شائق لطيفي ڪير آهي؟“ شائق لطيفي: ”لوڪان لِڪي سڀڪو، لِڪان لِڪي ڪونه، اُٿي ويٺي اُون؛ اُن اُلٽي ڳالهه جي.“ صوبيدار: ”ته تون ئي پاڻ کي شائق لطيفي سڏائين ٿو؟“ شائق لطيفي: ”لڳيءَ جو ’لطيف‘ چئي، نڪو قال نه قيل، لکي لامون کوڙيون، نيڻين وهن نير، هينئڙا ٿي سڌير؛ ڪالهه قريبن لڏيو!“ مارو: (صوبيدار کي ڏسندي) ”توهان آيا ڪهڙي نيت سان آهيو؟ (”شائق“ لطيفي ڏانهن نهاريندي)، ”آخر هِن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ صوبيدار: ”اهو ته هن کان ئي پُڇو ته پرائي پلاٽ تي ڇو قبضو ڪري ويٺو آهي؟“ شائق لطيفي: ” عاشق شهر فقير، در در هڻن سَين، من عرف الله ڪل لسانه، اهڙائي امين، جتي پسن ڪِين، تِتِي پَسن تڪيا.“ ڏوٿي: ”پر صوبيدار صاحب! هيءُ بنان مالڪائي وارو پَٽ هو، جيئن ٻيا والاري اچي ويٺا، تيئن شائق لطيفي به هن ننڍڙي پلاٽ تي اچي اوتارو اڏي ويٺو.“ صوبيدار: ”نه نه، هي پلاٽ سيٺ رمضان کي الاٽ ٿيل آهي، جنهن مٿس زوريءَ قبضي جو فرياد داخل ڪيو آهي.“ صوبيدار شائق لطيفيءَ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي هلڻ لاءِ اوتاري کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ شائق لطيفي وڏي آواز ۾ ارداس ڪڍندي بيت چوي ٿو شائق لطيفي: ”جا ڀون پيرين مُون، سا ڀون مٿي سڄڻين، ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون، ڏينهن مڙئي ڏون؛ اُٿي لوچ ’لطيف‘ چوي.“ پردو ٻيون منظر: صوبيدار ”شائق لطيفي“ کي ٿاڻي تي وٺي اچي ٿو. ٿاڻي ديوارن تي ڪجھه چارٽ ۽ ڏوهارين جا نالا نشان لڳل آهن. ٿوري دير ۾ سيٺ رمضان به صوبيدار سامهون پيل ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو ۽ شائق لطيفي ڏانهن ڏسندي چوي ٿو. سيٺ رمضان: ” ته نيٺ تون پنهنجي ڳالهه کان نه مُڙئين؟ هيستائين پهچي وئين!“ شائق لطيفي: ”قسمت قيد قوي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾، آئي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هيءُ، پرچي ڪين پنهوار ري، جان جو ۽ جيءُ، راڄا راضي ٿيءُ؛ ته مارن ملي مارئي.“ سيٺ رمضان: ”اڃا به وقت اٿئي، جي جاءِ جو قبضو خالي ڪري ڏين ته اجائي خجالت کان بچي ويندين ۽ تو کي ڪجھه چڱو معاوضو به ڏئي ڇڏيندس.“ شائق لطيفي: ” اِي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي، اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت، پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان!“ صوبيدار: (سپاهين کي حڪم ڏيندي) ”هڻوس لاڪب ۾!“ شائق لطيفي: ” آتڻ اورانگھي ويا، اڱڻ مون افسوس، ديوانيءَ سين دوس؛ ساٿي آهي سڃ ۾!“ شائق لطيفيءَ کي سپاهي لاڪب ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا. ڪجھه وقت کان پوءِ سندس ٻه ساٿي ساڻس ملڻ لاءِ اچن ٿا، جن کي ڏسندي چوي ٿو. شائق لطيفي: ”يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني، آهي آساني؛ ڪم پئي، ٿي ڪل پوي.“ ڏوٿي: ”سائين! ڪيس کٽڻ لاءِ اسان شهر جو هڪ سٺو وڪيل ڪيو آهي. توهان جو ان باري ۾ ڪهڙو فيصلو آهي؟“ شائق لطيفي: ” جان ڪي آڳاهين، تان اتيئي اُڀي آهيان، پريت پراهين، هاڻي مران مَ جئان.“ مارو: ”سائين! چون ٿا ته ڪو شاهد هجڻ ضروري آهي. ٻيو ته پڪو دستاويز، نه ته ڪجھه ڪچي لکپڙهه ئي ثبوت لاءِ پيش ڪرڻي پوندي.“ شائق لطيفي: ”نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آئيو، مون وٽ آيو ڪونه ڪو، پائران ڀري پير، ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم اُن جون؟“ پردو ٽيون منظر: عدالت جي ڪمري ۾ ــــ جج صاحب هڪ اوچي ڪرسيءَ تي براجمان آهي. ميز تي سامهون ڊائري، ٽيبل ڪئلينڊر ۽ قلمدان وغيره رکيا اٿس. عدالت جي ڪٽهڙي ۾ شائق لطيفي بيٺو آهي. سامهون ڪرسيءَ تي سرڪاري وڪيل، مدعي ۽ جوابدار جا وڪيل ويٺا آهن. جج صاحب جي اجازت ملڻ سان سرڪاري وڪيل پنهنجي جاءِ تان اٿي ڪٽهڙي وٽ اچي بيهي ٿو ۽ جج صاحب ڏانهن منهن ڪري چوي ٿو. سرڪاري وڪيل: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي ته ڪاغذات ڪورٽ آڏو پيش ٿي چڪا آهن، جن مان ثابت آهي ته ان پلاٽ جو مالڪ سيٺ رمضان آهي. يوئر آنر! ملزم عدالت ۾ موجود آهي. کانئس پڇيو وڃي ته هُو ڇو ناجائز طور پلاٽ تي قابض آهي؟“ جج: (شائق لطيفيءَ سان مخاطب ٿيندي) ”تون ڪير آهين؟“ شائق لطيفي: ” پر وس يٿس پراڻ، پرين وس نه پانهجي، لڳو ڪيئن ’لطيف‘ چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ، پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.“ شائق لطيفي جو وڪيل: (عدالت کي مخاطب ٿيندي) ”سائين! منهنجي مؤڪل جي لطيفي ڪلام سان عشق باعث اها فطرت بڻجي وئي آهي، جو هر سوال جو مطلوب جواب بيت ۾ ٻڌائيندو آهي.“ جج: (شائق لطيفي سان) ” تنهنجي تعليم ڪيتري ورتل آهي؟“ شائق لطيفي: ” جن کي دؤر درد جو، سبق سور پڙهن، فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن، پنو سو پڙهن؛ جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.“ جج: (شائق لطيفي سان) ” تنهنجي خلاف سيٺ رمضان دعوى ڪئي آهي، پنهنجي صفائي ۾ تو کي ڇا چوڻو آهي؟“ شائق لطيفي: ” منهن ته آهيريائي اُجرو، قلب ۾ ڪارو، ٻاهران زيب زبان سين، دل ۾ هچارو، اُن پر ويچارو، ويجھو ناهه وصال سين!“ سيٺ رمضان جو وڪيل: (اعتراض اٿاريندي) ” يؤرآنر! هر سوال جو بيت ۾ جواب مبهم ٿئي ٿو؛ ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي.“ شائق لطيفي: ”هي ڪن گاڏاهان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج، تنين ساڻ سُڻيج؛ سپريان جي ڳالهڙي.“ جج: (شائق لطيفي کي) ”مُلا مکڻ ۽ ٻين شاهدن پڻ تنهنجي خلاف شاهدي ڏني آهي ته تنهنجي چال چلت نؤجوانن تي خراب اثر وڌو آهي.“ شائق لطيفي: ” آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو، هاڻي کائي سڀ ڪو، سندو ماڻهوءَ ماس، دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس، ٻيو سڀ لوڪ لباس؛ ڪو هڪدل رهندو هيڪڙو!“ جج: (شائق لطيفي سان) ” تو پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪو شاهد آندو آهي؟“ شائق لطيفي: ” نڪو ڪيچ ڀنڀور، نڪو مائٽ منڌ جو، هُور مڙوئي هن کي، هوتن ڪونهي هور، زاري ڌاران زور؛ هلي ڪو نه حبيب سين!“ جج: (شائق لطيفي سان) ” تون پلاٽ مالڪ کي خالي ڪري ڇو نه ٿو ڏين؟“ شائق لطيفي: ” چور اُڀو ائن چوءِ، ته آءُ اهوئي آهيان، جي آسي اکين هوءِ، ته لڪي کي ڪونه لهي!“ مدعي جو وڪيل: ”يؤرآنر! ملزم تمام هوڏي ۽ ارڏو آهي. عدالت جي سوالن جا جواب سڌيءَ طرح نٿو ڏئي.“ جوابدار جو وڪيل: ”سائين! مدعي جي وڪيل جي اعتراض ۾ مون کي صرف ايترو چوڻو آهي ته شعر ۾ جواب ڏيڻ عدالت جي توهين ناهي. تعزيراتِ پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي شق ناهي. ٻيو ته بيتن ۾ جواب ڏيندي انهن جو مطلب صاف صاف سمجھه ۾ اچي ٿو.“ جج: ”جوابدار جيڪڏهن پنهنجي پٺڀرائيءَ ۾ ڪو ظاهر ظهور ثبوت پيش نه ڪندو ته سزا کان بچي ڪونه سگھندي.“ شائق لطيفي: ” هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري الله، پاڻهي وجھي ڪن ۾، پاڻ اُڪاري اوڙاهه، تنهن واحد کي واهه؛ جو ستڙ سڀيئي ڪري!“ مدعي اٿي بيهي ٿو ۽ جج صاحب کان ڪجھه چوڻ جي اجازت وٺڻ کانپوءِ چوي ٿو. مدعي: ”سائين! آئون ان پلاٽ تان هٿ کڻان ٿو ۽ آئون پنهنجي مرضيءَ سان پلاٽ جوابدار جي نالي ڪرايان ٿو. هن شهر ۾ جيڪا سندس بدنامي ٿي آهي، سا سزا سندس لاءِ ڪافي آهي.“ شائق لطيفي: ”ڪُهن ۽ ڪوٺِين، اِيءَ پَرِ سندي سڄڻين، سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏِهاڻي ڏين، ويٺا وِرهه وَٽِين، آءُ واڍوڙيا وهاءِ تون.“ جج: (شائق لطيفي کي) ” تو کي ڪجھه چوڻو آهي؟“ شائق لطيفي: ”اُجھي ٻَجھي آئيا، وائي ڪن نه وات، سلي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نه بات، توڻي ڪُسن ڪات؛ ته به ساڳي سلين ڪين ڪي.“ جج: ”عدالت ملزم کي سڌيءَ طرح جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ توهينِ عدالت جو مجرم سمجھي ٿي، ان ڪري عدالت ملزم کي ست ڏينهن، پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ٿي.“ شائق لطيفي: ” جيڪي ڏنائون، سو سڀ سر ڏئي سهه جندڙا، مَ چئو ڇنائون، اِيءَ پڻ ڳنڍيون سڄڻين.“ سرڪاري وڪيل: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي التجا ڪندس ته ملزم جي حالت تي رحم ڪري. حقيقت ۾ مانُ ۽ مَرتبي جي لحاظ کان جوابدار غير معمولي انسان ڏسجي ٿو. هو شاهه لطيف ڀٽائي جو حقيقي پرستار ۽ سنڌي ادب جو عاشق ڏسجي ٿو. ان ڳالهه کي مدِنظر رکندي عدالت کي درخواست ڪجي ٿي ته ملزم جي سزا معاف ڪئي وڃي. اهو انڪري به انصاف جي مطابق ٿيندو ته مدعي پنهنجي دعوى تان هٿ کڻي چڪو آهي.“ جج: ”ڪورٽ ملزم جي حالت تي ترس کائيندي کيس سزا معاف ڪري ٿي.“ شائق لطيفي بلند آواز ۾ بيت پڙهندو ڪورٽ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. شائق لطيفي: ”ڪين منجھان جو ڪري، سو نه ساراهين سائين، وتعزُ من تشاءُ و تذل من تشاءُ، آهي سڀ اُتائين، نوازيائين، نطفو، منجھان ڪين ڪيائين، حرفت حريفن جي، پيري سڀ ڀڳائين، حاسد سڀ حزن ۾، مدعي پاڻ مٺائين، اديون ’عبداللطيف‘ چئي؛ آهه پاڻ وڻندڙ سائين.“