غلام عباس ڪوريجوـ قمبر مهينو کن مس ٿيو هوندو جو چينو لڏي اچي منهنجي پاڙي ۾ ويٺو هو، ماڻهو صفا دلبر آهي، پاڙي جي هرهڪ ننڍي وڏي سان ٽهڪـ ٻٽاڪ اٿس، ٻارن ۾ بيهندو ته صفا ڄڻ ڪو ٻار، وڏن ۾ ويهي ته وڏو. ڳالهين ٻڌائڻ جو ڳهير آهي باقي ٻڌڻ واري شعبي ۾ نل آهي، هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندو آهي، ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي ڪيترائي راز به ٻڌائي ويندو، ڪجهه هجائتي ”ڀڳل ڀانڊارو” به سڏيندا اٿس، جيئن ته ڀڳل ڀانڊاري مان آساني سان سانڍي رکيل موڙي ڪڍي سگهجي ٿي، تيئن چيني جي دل جا راز به ٻڌي سگهجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪپڙي جي ٿانءٌ جيان ويندو کلندو ۽ جيئن ايندس ويندو چوندو. هڪ دفعي ته پنهنجي ڏاڏي کي به نه بخشيائين: ”منهنجو ڏاڏو به باگڙياڻي ڀڄائي آيو هو، مسلمان ته ڪيو هئائينس پرنڪاح جي پڪ نٿو ڏئي سگهان.“ چينو”ڇڙا ڊپارٽمينٽ“ جو ماڻهو آهي پر ڪجهه وقت اڳ ”سگهرا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ۾ ميمبر شپ لاءِ فارم جمع ڪرايو هئائين، منهنجو مطلب آ ته مڱڻي ڪئي هئائين! ها سو ڳالهه پئي هلي چيني جي لڏي اچڻ جي، چيني کي منهنجي پاڙي ۾ جيڪو گهر مليو هو سو ته پڪ سري هو پر ڪمپائونڊ وال ڪچي ۽ موئن جي دڙي جيان ڊهندڙ پئي لڳي. هن کي ڏاڍي اڻ تڻ لڳل هئي ته هو اها ڀت پڪي ڪرائي ڇڏي جيئن هو ۽ سندس باگڙياڻي ڏاڏي پنهنجي ملڪيت سميت محفوظ ٿي وڃن. سندن ملڪيت هڪ مينهن، هڪ پيتي، ٻه کٽون، ٽي دلا ۽ مٽ، بسترن ۽ ٿانون تي مشتمل آهي. پيتئ ۾ چيني جي ڏاڏي جي حياتئ ۾ گڏ ڪيل ملڪيت هئي، جيڪا هن لڏي ويل واڻين جي زمينن تي قبضا ڪري حاصل ڪئي هئي. چينو ۽ سندس ڏاڏي ان ملڪيت جا مالڪ هئا، ڇو ته چيني جا ماءُ پيءُ زلزلو اچڻ ڪري سندن پراڻي جڳهه جي ڪرڻ سبب هيٺان اچي مري ويا هئا، چينو ٻاهر ڪرڪيٽ کيڏڻ ويو هو۽ سندس ڏاڏي صحن م ويٺي کجيءَ جي پنن مان نئون تڏو تيار ڪري رهي هئي، چيني جو ڏاڏو اڳواٽ ئي قبر ۾ پيل هو. چيني ۽ سندس ڏاڏي کي مزو بلڪل نه آيو ، تنهن ڪري اتان لڏي اچي منهنجي پاڙي ۾ ويٺا هئا. چينو خوش مزاج آهي، جيسين مون پرکيو آهي ته گهري ۽ وسيع سوچ رکندڙ آهي، هڪ ڏينهن رستي ۾ مليو ان ڏينهن جوءِ جو رهزن ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو. مونکي چيو هئائين: ” ماستر! ماڻهو دٻدٻو ۽ رعب ويهارڻ لاءِ ڪيڏا به خون ڇونه ڪن پر جي رب عزت نٿورکي ته وڏن وڏن رهزنن جو اولاد به ”پنج منٽ“ پوئتي ٿي پئي ٿو پر جي رب عزت رکي ته هوءَ جهنگ ۾ مال چاريندڙ شمونءَ جي ڌيءُ به صاف اٿئي!“ هڪ ڏينهن تمام تيز بارش وٺي ۽ بارش ۾ چيني جي گهر جي موئن جي دڙي جيان جهريل ڪمپائونڊ وال هڪ هنڌان ڪري پئي، بارش وسي دنگ ڪيوته هو مون وٽ اسڪول ۾ آيو ، مان پنجين ڪلاس جي شاگردن کي سبق ٻارهون ”آفريڪا جا عجائبات“ پڙهائي رهيو هئس ۽ عجائبات مان ڦري ليڪچر دنيا جا عجوبا ۽ تنهن بعد ” چين جي عظيم ديوار“ تي اچي بيٺو هو، مون شاگردن کي ٻڌايو پئي: ”چين جي ماڻهن ٻاهرين جابرن جي حملن کان بچڻ خاطر ٺاهيل ننڍين ننڍين ديوارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي اها عظيم ديوار ٺاهي ، جيڪا چين جي ”شن“ گهراڻي جي حاڪم ”شهه هوانگ تي“ جي دور ۾ ٺهي، اها ديوار 25 فٽ اوچي آهي، جنهن ڪري چين جا ماڻهو هميشه لاءِ ٻاهرين حملن کان بچي ويا.“ چينو ڊيسڪ تي ويٺو منهنجون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو، ايتري ۾ رسيس جو گهنڊ وڳو ٻار اسڪول کان ٻاهر نڪري ويا. چينو منهنجي ڀرسان سري آيو. ”ماستر! چين جا ماڻهو صفا ٻاهرين حملن کان بچي ويا هئا؟“ ”ها چينا! هو نه فقط ٻاهرين حملن کان بچي ويا هئا پر انهن پنهنجي ثقافت به جوڙي ورتي هئي“ ”ماستر! اڄوڪي برسات ۾ منهنجي گهر جي ٻاهرين ڀت به ڪري پئي آهي.“ ”ته پوءِ ٻي ڀت ٺهرائي وٺ! “ ”ڀت نه ماستر! اگر چين جا ماڻهو ”چين جي عظيم ديوار“ ٺاهي سگهن ٿا ته هي چينو به ”چيني جي عظيم ديوار “ ٺهرائيندو.“ ٻئي ڏينهن اسڪول ايندي مون گهٽيءَ ۾ ڏٺو ته ڪجهه مزدور چيني جي گهر جي ڪمپائونڊ وال کي ڊاهي رهيا هئا ته ڪي ڀنجوءَ کي کنڊيري رهيا هئا، چري به کوٽجي چڪي، ٽرئڪٽر وارو سرون به لاهي ويو، ٽئين صبح تي ٻه رازا ۽ اٺ ڏهه مزدور ڪم ڪري رهيا هئا، ڏسندي ڏسندي سموري ڀت ڊي پي سي جي سطح تائين نڪري آئي. چيني کل ٻٽاڪ ماٺي ڪري ڇڏي هئي ، سدائين پنهنجي ڪم ۾ محو رهندو هو. چيني جي ڏاڏي به رڌ پچاءَ لاءِ هڪ ڇوڪري پاڙي مان آندي هئي. ڀت هاڻي لينٽر تائين پهتي، ڏسندي ڏسندي 25 فٽ اوچي ديوار کڄي وئي، مزدورن جو تعداد به گهٽجي ويو، ڇو ته ديوار کي استر ٿي رهيو هو، پاڙي جو چـڱو اچي لنگهيو ، ڪم جي چال ڏسي چوڻ لڳو: ”جنهن ڏينهن غريب جو ٻار ڍوءَ ڪري ماني کائيندو آهي ته زيان ضرور ڪندو آهي، چيني کي به ٻن رپين جي مغز ۾ هوا هئس ، پاڻهي سڌو ٿي ويندو.“ استر مڪمل ٿي ويو ۽ پوءِ پلستر شروع ٿيو ، ڪجهه ڏينهن ۾ چيني جي عظيم ديوار ڪُرُ کڻي بيٺي، نقاش ۽ رنگساز گهرايا ويا، ڪجهه ڏينهن ۾ انهن نقش چٽيا ۽ ماربل جيان ديوار کي چمڪائي وڌو، خطاطي سان ديوار تي چيني جي عظيم ديوار لکيو ويو، ان ڏينهن ڪم هلندي اخبار وارا آيا جن چيني جي عظيم ديوار جون تصويرون ڪڍي وڏين سرخين سان خبرون ڇپيون، ملڪ اندر ڌوم مچي وئي ، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انگريز چينو وال ڏسڻ آيو ، انگريز حيران ٿيندي چيو: ”چينو وال هڪ نئون عجوبو آهي! “ ”توهان پهرين موهن جي دڙي کي پنهنجن ڪتابن ۽ تاريخ ۾ عجوبو ڪري مڃيو، لکو۽ پڙهو ، تنهن بعد ئي چينو وال عجوبو ڳڻجو.“ ”موهن جو ڊارو وٽ سنڌي ڊاڪو آهن، جيڪي ڦر لٽ ۽ اغوا ڪري وڃن ٿا، اوهان جي حڪومت اسان کي اهڙا ڊپ ڏئي ، اتي وڃڻ ناهي ڏيندي.“ انگريز چيني کي چيو ۽ پوءِ ڊائريءَ ۾ ڪجهه لکيائين ۽ ديوار جون تصويرون ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويو. چينو پنهنجي ڪمري ۾ اداس ويٺو سوچي ٿو، سندس ڏاڏي جي جمع ڪيل ملڪيت بلڪل پوري ٿي وئي هئي، اڃا سندس خواهش آهي ته ديوار جي مٿان منارا ٺهن جيئن ديوار اڃا ڀي نکري بيهي پر گهر صفا ڀينگ هئس، اوچتو کيس مينهن کپائڻ جو خيال آيو. ”ڇا پيو سوچين چينا ميان!؟ “، چيني جي ٿيڻ واري سهري ڪمري ۾ داخل ٿيندي پڇيس. ”ڪجهه نه چاچا! “، چيني وراڻيو. ”پٽ ! مان تو وٽ آيس ته هاڻي تون شادي ڪر ۽ منهنجي ڪلهن تان بار لاهه ، ڇو ته توکي خبر آهي ته مان هن مهيني سعودي پيو وڃان ۽ شايد نه موٽان..........منهنجو خيال آهي ته تون شادي ڪري ڇڏ!“ ”پر چاچا! هن وقت مان خالي آهيان ، سڀ موڙي هن ديوار تي خرچ ڪري ڇڏي آهي“ ”مينهن ته بيٺي اٿئي نه! ڀل سادگيءَ سان شادي ڪري ڇڏ، سڀاڻي جواب ها ۾ ڏجان نه ته مان تنهنجو ڏوهي نه ٿيندس.“ چيني جو سهرو سندس ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. چينو عجيب ڪشمڪش ۾ هو ، هڪ طرف سندس مڱ هئي ۽ ٻئي طرف سندس عظيم ديوار ، پر هو فيصلي کان قاصر هو. ”خير آهي! مڙسن لاءِ زالون کوڙ................ سڀاڻي مينهن کپائي ”عظيم ديوار “ جا منارا لڳرائيندس.“ سوچيندي سوچيندي هن جي گهري اک لڳي وئي. صبح چينو ۽ سندس ڏاڏي ننڊ مان جاڳيا، چينو ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، سندس عظيم ديوار کي وڏو کاٽ لڳل هو، جتان سندس مينهن جي کُرن جا نشان ٻاهر گهٽيءَ ڏي پئي ويا.