مذهب ۽ قوم پرستي ۾ ڪو به ٽڪرا نه آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڀائو ذيشان جو مذهب اسلام خلاف سوچ جي تدارڪ ۾
    ____________________________

    ڀائو زيشان توهان کي آزادي مذهب کان وٺڻي آ ...يعني بي راه ٿيڻو آ يا سنڌي مسلمان جن 850سال سنڌ تي حڪمراني ڪئي ۽ هن سنڌ جا وارث پٽ ٿي حڪمراني ڪندا رهيا ٿيڻو آ ...توهان کي مذهبن کا نفرت ...مذهبن ۾ ...مسلماني توهان جو رخ هوندو آهي ...مذهب توکي رهڻي ڪهڻي انسانيت جا درجا بندي سيکاري ٿو حلال حرام جائز ناجائز جي پرک ڏي ٿو ...جڏهن تهٿ آزادي توکي غير سنڌين جي تسلت کان آزادي ڪرائي ٿي جنهن ۾ تنهن جا وسيلا تنهنجي ۽ تو جهڙي سنڌي جي ملڪيت هجن ۽ سرحدن جي حفاظت ٿيل هجي ....ها هتي پاڪستان ٺهڻ کان پو مسلماني ۾ ٻين قومن جي حق تلفي ڪئي وئي آ جنهن سان سنڌ جي ماڻهن کي تڪليف پهتي آ پر ان جو اهو ڪارڻ نه آهي ته اسلام خراب آ ..پر هي ان جا پولڳ ڪوڙا مسلمان آهن ،ٺڳ آهن منافق آهن..اهو تهچئي سگهجي ٿو پر هڪ آفاقي الله جي طرفان انسانن کي صحيح واٽ ڏسيندڙ مذهب اسلام جو انڪاري ڪافر آهي ...سنڌ جنهن ۾ 80 سيڪڙو سنڌي مسلمان هجن تون انهن جي تذليل پيو ڪرين ...توکي آزادي جي هلچل ته اسلام ٻڌائي ٿو جنهن ۾ هن جي تعليمات مطابق تو ڪنهن به غاصب کان حق وٺڻ ۾ حق بجانب آهين ۽ ڪنهن به ڌاري جي طسلت کي ختم ڪرڻ لاءِ وطن جي حب ايمان جو جز چيو آهي ...مذهب ..کي آزادي جي وڪڙ ۾ نه ونگيو ...هر هڪ جي پنهنجي اهميت آهي ...مٺا وطن کي حدو ٿينديون آهن قوم ان حدن اندر رهندي آهي ...مذهب ملڪان ملڪ ڦهليل هوندا آهن ...هي ٻئي مختلف سوچون آهن جن جو پاڻ ۾ ڪو ٽڪراءُ آهي ئي نه ........اميد ته ڳاله سمجه ۾ اچي وئي هوندي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سمون

    عاشق سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    62
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آرڪيٽيڪٽ
    ماڳ:
    هاڻوڪو: رياض، سعودي عرب. اصل: ٽنڊو آدم، سنڌ
    سائين دائودپوٽا صاحب، توهان بيشڪ صحيح ٿا چئو. پر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهو الميو رهيو آهي ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ کي هميشه اسلام دشمني سمجھيو ويو آهي. سنڌين جڏهن به پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪئي، کين ڪافر ۽ غدار سڏيو ويو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ اسلام جي نالي ۾ سڀ کان وڌيڪ قرباني اسان سنڌين ئي ڏني آهي. اسان جون زمينون، وسيلا، شهر، ٻولي، سڃاڻپ،،، سڀ اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اسان کان ڦُرجي ويا، ۽ اڃا تائين ڦُرجن پيا. ان صورتحال ۾ اسان جي ڪجھ دوستن جي دل ۾ اسلام لاءِ غلط سوچ جو پيدا ٿيڻ فطري ته ٿي سگھي ٿو پر جائز ناهي.
    اسان کي گھرجي ته اسان احتياط ڪريون، ۽ هروڀرو اسلام تي ڇوه نه ڇنڊيون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 جولائي 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو