• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان تعليم جو وزير هوندي به هڪ ٽيچر مقرر ڪري نه ٿو سگھان: پير مظهرجي عجيب دعوى

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هڪ ڀيري پاڪستان ٽيليويزن، نيشنل جي پروگرام صورتحال ۾، ٻين دوستن سان گڏ سنڌ جو اڳوڻي صوبائي تعليم وارو وزير پير مظهر الحق ۽ مان به شريڪ ٿيا سون ـ پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ، اسان پي ٽي وي جي اڳوڻي جنرل مئنيجر اعجاز عليم عقيليءَ جي آفيس ۾ ويٺا هئا سون جت پير مظهر اسان سڀني کي بار بار ٻڌايو ته مان سنڌ جو تعليم جو وزير هوندي به هڪ ٽيچر مقررڪونه ٿو ڪري سگھان ـ اسان سڀني کي سندس اهڙي دعوى تي ڏاڍو اچرج ٿيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ پر ڪير ڪڇيو ڪونه البت سندس ڊرائيور ساڻ هو جنهن کي سڀني سان ملائيندو رهيو ـ

پير مظهر جو چوڻ هو ته اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم (بدتميز، بد اخلاق ۽ ڏاهپ کان وانجھو) جي ڏينهن ۾ اهڙيون ڀرتيون ٿيون هيون پر انهن ۾ گڙٻڙ ڪئي وئي هئي تنهن ڪري عالمي اداري پنهنجو پروگرام بند ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ اسان جي دور ۾ انهيءَ شرط تي پروگرام شروع ڪيائون ته انهيءَ ۾ ڪابه بدعنواني ڪانه ٿيندي ـ شفاف ڀرتيءَ جي سلسلي ۾، اسان پهريان آصف زرداريءَ سان ڳالهايو جن اسان کي اهڙي اجازت ڏني ۽ اهڙي ريت ٽيچرن جون جيڪي به ڀرتيون ٿين، سي شفاف آهن ۽ مان تعليم جو وزير هوندي، هڪ ٽيچر به ڀرتي ڪونه ٿو ڪرائي سگھان ـ
اسان سڀني کي وزير جي اهڙي دعوى تي اچرج ٿيو جيتوڻيڪ اهڙيون خبرون اخبارون ۾ آيون هيون ته تعليم کاتي ۾ رشوت تي ڀرتيون ٿين پيون ۽ ان ۾ پير مظهر جو هٿ آهي پر اسان وٽ ان وقت ڪوبه ثبوت ڪونه هو ـ

هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ هڪ دوست سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن سان مون اهڙو ذڪر ڪيو جنهن جو چوڻ هو ته مون پاڻ پير مظهر کي سندس پي ـ ايَ جي حوالي سان هيترا لک روپيا ڏئي، ٽيچر ڀرتي ڪرايا آهن ـ
 
Back
Top