اُهي سنڌي اپليڪيشن ڊولپر جيڪي معياري اپليڪشنون ٺاهي رهيا آهن ۽ جيڪي گوگل پلي اسٽور جي ڳري فيس نه ٿا ڀري سگھن. اُهي سنڌي ڊولپر جيڪي سماجي ۽ سماج سان واسطيدار پنهنجا پروجيڪٽ ٺاهي ته رهيا آهن پر ڪنهن ڪلائوڊ جيئن آفيس 365 يا ”شيئرپوائنٽ“ جي مهانگي پيڪيجن جي ڪري انهن تي نه ٿا رکي سگھن، انهن سڀني ڊولپرن لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي مفت سرشتو ٺاهي رهي آهي ته جيئن انهن جون اپليڪشنون گوگل پلي تي اچي وڃن ۽ اهي فيس ڀرڻ کان بچي وڃن، ۽ اهي مائڪرو سافٽ جي ڪلائوڊ ”شيئرپوائنٽ“ تي پنهنجا پنهنجا پروجيڪٽ رکي سگھن. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي هڪ پبلشر وارو ڪم ڪندي ۽ گوگل ۽ مائڪرو سافٽ جي ڪلائوڊن جي فيس ڀريندي جتي سنڌي ڊولپرن جا پروجيڪٽ ۽ اپليڪشنون سندن نالن سان رکيون وينديون. هن اهم اڳڀرائيءَ جي ڪري سنڌي ڊولپرن جي اخلاقي سهائتا به ٿيندي ته جلد ئي انهن جي پروجيڪٽن ۽ ڊولپرن جي چونڊ ڪري، بهترين ڊولپرن کي انعام به ڏنا ويندا. ته جيئن انهن اڻٿڪ ۽ بي لوث سنڌي ڊولپرن جو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ترين ڪمپيوٽنگ ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ جو حوصلو به بلند رهي. رابطيءَ لاءِ سنڌي ليئگيوئيج اٿارٽي جي فيس بڪ پيج تي پيغام اماڻيندا.