• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نامياري ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي ياد ۾ ڀيٽا پروگرام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

18918243574_fb9c7bda6d_o.jpg


سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار نسيم کرل کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ، 14 جولاءِ 2015 تي اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر بلوچ هال، حيدرآباد ۾ هڪ تقريب رٿي آهي، جنهن جي صدارت جناب حميد سنڌي صاحب ڪندو ۽ سنڌ جا ناميارا اديب، غلام نبي مغل، ماهتاب محبوب، شوڪت حسين شورو، عبدالقادر منگي، مدد علي سنڌي، نصير مرزا، مختيار ملڪ، ممتاز بخاري، پروفيسر ڪشمير سومرو، فيصل دارا شڪوه، حسين مسرت ۽ ابراهيم کرل، نسيم کرل جي شخصيت ۽ ڪهاڻين تي روشني وجھندا.
هن موقعي تي، افطاريءَ کان پوءِ، راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي، جنهن ۾ ناميارا فنڪار: ديبا سحر ۽ رجب فقير حصو وٺندا.
اوهان کي شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.
 
Back
Top