غزل لوڪ سارو بيوفا ناهي ادا. ها مگر تو ۾ وفا ناهي ادا. سچ پڪاري ٿو پيو ڪنهن وقت کان، پر ٻڌي ڪنهن ڀي سدا ناهي ادا. ختم ٿي مادو ويو برداشت جو، ان ڪري ڪو آشنا ناهي ادا. ٿا گهمون ڄاري سندي پوشاڪ ۾، ڪو رهيو شرم و حيا ناهي ادا. ڳوٺ پنهنجو راڄ پنهنجو پر اڃان. چين دل کي ڇو ڀلا ناهي ادا. ”شام“ ٿڪجي تون پيو آهين مگر، عشق جي ڪا انتها ناهي ادا.