موسيقي جي شروعات ۽ ان کي ايجاد ڪندڙ هستين جا واقعا ترجمو: ادريس نهڙيو

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذوالفقارشام طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2015۔

  1. ذوالفقارشام

    ذوالفقارشام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آئي ٽي انچارج
    ماڳ:
    بدين شهر
    [​IMG]


    سڀ کان پهرين موسيقي جي علم جي شروعات ۽ ان فن کي ايجاد ڪندڙ هستين جد واقعن جيڪي پراڻين تاريخن ۾ تحرير ڪيل آهن ان تي مختصر روشني وجهون ٿا.
    موسيقي جو علم هن ڪالم جي ٺهڻ جي شروعات ۾ ئي انساني وجود سان گ0ڏهن دنيا ۾ ظاهر ٿيو هوندو ڇو ته مثال مشهور آهي ” روئڻ ۽ ڳائڻ سڀ کي ايندو آهي“.
    جنهن ڏينهن ڪوئي وحشي انسان خوشي واري ڪيفيت ۾ ۽ خوشي واري گهڙِ ۾ ٽپيو، نچيو ڪُديو هوندو ۽ مستي ۾ گُم ٿي خوشي واري خيالن جو اظهار ڪرڻ جي غرض سان ڪجهه چپن ۾ جهونگاريو هوندو، يا ڪائي مظلوم عورت ڪنهن جابر ظالم جي ظلم جو نشانو بڻجي پنهنجي مصيبت تي يبتابيءَ سان سُڏڪي روئي ماتم ڪرڻ لڳي هوندي ان ڏينهن ئي ڄاڻو ته موسيقي جو فن ايجاد ٿيو هوندو.
    پراڻي دور جي مذهبي ڪتابن ۾ ديوتائن کي موسيقي جد علم جا ايجاد ڪندڙ ٻڌايو ويو آهي.
    هندو چون ٿا ته موسيقي مهاديو جي ايجاد آهي ۽ مختلف راڳڻيون ان جون ذالون ٻڌايون وڃن ٿيون.
    مصر وارن جو عقيدو هو ته موسيقي ۽ موسيقي جا اوزار انهن جي ديوتائن اسائرس، آئيسز ۽ هرمز ٺاهيا آهن.
    يونانين جي دعويٰ هئي ته انهن جي مقدس ديوتا زيوس جون نو نو ڌيئرون جيڪي مهيورس چورائينديون، اهي ئي موسيقي جي سڀني علمن جون ڄاڻو ۽ تخليق ڪندڙ هئيون.
    مشرق جي محققن موسيقي جي علم جي ايجاد ۽ ان جي بنيادي وجعه تي عجيب عجيب خيال بيان ڪيا آهن نه صرف ايئن پر مشاهدي جي خلاف طائر نالي موسيقار جي سر تي ان جي پڳ ٻڌي ڇڏي آهي.
    ٻين ڪيئي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته موسيقي کي سڀ کان پهرين مصر وارن ئي ترقي ڏني هُئي.
    مگر هن پڪي تحقيق جي خلاف يوناني تاريخ نويس ديوي دروس سقولوس مخالفت ڪندي چوي ٿو ته مصر ۾ موسيقي جي علم ۽ تربيت تي سخت منع هُئي.
    افلاطون ۽ هربودو رطوس جيڪي سڄي دنيا جا پهريان تاريخ دان ليکيا وڃن ٿا. ٻنهي مصر جو سفر ڪيو هو. ٻئي يقين ڏيارين ٿا ته مصر ۾ موسيقي تي بندش باوجود علم موسيقي کي هر طرح جي ترقي هُئي.
    بابل جي بادشاهن جي واقعن مان خبر پوي ٿي ته انهن جي جنگين ۾ فتح حاصل ڪندڙ فوجين جي اڳيان چنگ ۽ رباب وڄائڻ وارا هلندا هُئا.
    بابل وارن وٽ موسيقي عبادت ۾ شامل هُئي.
    بني اسرائيل وارن به موسيقي جو شوق ڪجهه گهٽ نه هو.
    توريت ۾ ارقام آهي ته حضرت دائود عليه السلام جي زماني ۾ موسيقي جي نون سازل سامانن ٺاهڻ جو حڪم ٿيو هو، حضرت دائود عليه السلام جي مزامير مشهور آهن، چنگ، رباب، تنبورو، قرنا ۽ ٻيا به موسيقي جا ساز ۽ اوزار پيدا ڪندڙ گهڻيون شيون انهيءَ ئي زماني ۾ ٺاهيون ويون.
    انهن شين کي حضرت سليمان عليه السلام وڏي ترقي وٺرائي، ان کانپوءِ فتنن سان ڀريل دور اهلِ يهود لاءِ وڏي قيامت کان گهٽ نه هو. ملڪي ۽ آسماني مشڪلاتن بني اسرائيل کي ڪٿي به سک جو ساهه کڻڻ ۽ سڪون سان رهڻ نه ڏنو.
    جنهن طرح انهن جون بادشاهيون ۽ وڏايون دنيا مان مٽجي ويون اهڙي طرح انهن جي موسيقي جو علم پڻ دنيا ۾ گهٽ ٿي ويو.
    جيتوڻيڪ اڄ تائين جرمني جي يهودين جو هي عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي دنيا ۾ وري اچڻ تائين مذهبي طور ڳائڻ وڄائڻ حرام آهي.
    يونان وارا دنيا جي ٻين قومن کان وڌيڪ موسيقي جا قدر دان هئا، پنهنجي دور ۾ نيرو ۽ قيصر جهڙن جابر حڪمرانن به موسيقي جي علم ۽ فن کي ڪمال درجي تائين پهچايو هو.
    رومين جي تذليل سان گڏ انهن جي موسيقي جو علم به مٽجي ويو.
    ايراني جيڪي رومين جا معاصر هُئا جڏهن انهن جو دنيا ۾ عروج ٿيو ته انهن به موسيقي جي فن کي ترقي جي بالا مقام تي پهچائي ڇڏيو.
    مگر مسلمانن جهڙي طرح انهن جي وڏي سلطنت جا پرزا اڏائي ڇڏيا ايئن ئي انهن جا سڀئي هنر ۽ فن انهن سان گڏ دفن ڪري ڇڏيا.
    اسلام جو برساتي ڪڪر جنهن به زمين مٿا پري تي وسڪار ڪئي انهي زمين کي علم ۽ هنر سان شاداب ڪري ڇڏيو. عالم، شاعر، ادبا، فلسفي جا ماهر، محدث، محققن، تاريخ نويس، تاريخ دان، مفسر مطلب ته هرفن جا اهڙا اهڙا باڪمال استاد مسلمانن ۾ پيدا ٿيا جن جي مثال دنيا جي سڀئي قومن جي عالم ۾ پيش نٿي ڪري سگهجي.
    موسيقي جي علم ۽ فن کي شاهوڪار مسلمان تخليقارن چارن چاند لڳائي ڇڏيا.
    عباسين جي دور ۾ ابراهيم موصلي اهڙا اهڙا ڪمال ڏيکاريا جنهن سان عربن جي ويجهو سڄي دنيا ۾ هن کان وڌيڪ موسيقي جو ڄاڻن وارو ٻيو ڪوبه نه هو.
    ابراهيم موصلي جي پٽ اسحاق موصلي پڻ موسيقي جي فن کي بلندين جي معراج تي پهچايو. خليفو مامون رشيد انهي جي ايتري قدر عزت ڪندو هو ۽ قدر دان هو جو هُن کي پنهنجي بادشاهي دوستن واري جاءِ ڏيندو هو ۽ درٻار ۾ کيس شاهي لباس پهري اچڻ جي خاص اجازت ڏنل هئي.
    مسلمانن جي موسيقي جي اعليٰ ڪمال جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن جو سڀ کان وڏو فلاسافر ۽ حڪيم ابو نصر فارابي جيڪو اسلامي تاريخ ۾ حڪيم، معلم ثاني جي لقب سان سڃاتو ويندو آهي ۽ وڏن وڏن حڪيمن جو اهو چوڻ هو ته دنيا ۾ ارسطو کانپوءِ هن جي جوڙ جو ڪوبه حڪيم پيدا نه ٿيو آهي. هو چوٿين صديءَهجري جي شروعات ۾ موسيقي جو سڀ کان وڏو باڪمال پروفيسر هو.
    موسيقي جو مشهور قانون يعني باجو انهي جو ايجاد ڪيل آهي. پر افسوس جي ڳالهه جو چوندا آهن ته هر ڪمال کي زوال آهي جي ئي مثال وقت بي رحم عباسي خلافت سان گڏ عربن جي موسيقي به فنا ڪري ڇڏي.

    موسيقي بابت ڪتاب لکندڙ لکن ٿا ته هندوستان ۾ موسيقي ٽي 3 هزار سال پهرين کان رائج آهي. هندن جي مقدس ڪتابن مان جنهن جو نالو شام ويڌ آهي، انهي جا اشلوڪ ڳائي پڙهيا ويندا هُئا.
    زماني جا انقلاب هر شِءَ ۾ جدت پيدا ڪري ڇڏي، اهڙِ ئي دستور مطابق موسيقي ۾ به انقلاب پيدا ٿيڻ لڳو، مختلف خيال رکندڙ پنڊتن انهي فن تي ڪتابون لکيون پر انهي تي به انقلاب پنهنجا هٿ دگها ڪيا.
    جيتوڻيڪ جيترا به ڪتاب علم موسيقي جي موضوع تي لکيا ويا، انهن تي هڪ ٻئي جا اختلاف رهيا آهن. ڪنهن به گرنٿ يا موسيقي جي ڪتاب ۾ موسيقيءَ جي نظام راڳن ۽ رڪبن راڳن ۽ نالن وقتن اصولن ۽ موضوعن ۾ به اتفاق نه رهيو آهي.

    هندوگرنٿ جا مصنف اڪثر انهي ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته هندستاني سنگيت ۾ عجم جي موسيقيءَ مان ڪجهه راڳ نقل طور ڪيا ويا آهن، مثال طور ”ايمڻ ڪلياڻ“ عجمي راڳ ”ايمڻ“ جو بگڙيل نالو آهي، اهڙي طرح ”نوروز ۽ نورو چڪا“ ”زنگولا“ جواب ”جنگلا“ چورائيندو آهي يا حجاز جيڪو هچ جي نالي سان مشهور آهي.
    سلطان علاو الدين خلجي جڏهن 1294ع ۾ فوجي ڪاهه ڪئي ۽ ملڪ ڪافور بعد ۾ جڏهن ڏکڻ هنڌ فتح ڪيو تڏهن اڪثر ڏکڻ مان فن جا ماهر کڻي اڇي اُتر هنڌ ۾ آباد ڪيا ويا. تخلقن واري سلطنت جي وقت ۾ حضرت امير خصرو پنهنجو پورو ڌيان هندستان جي موسيقي تي ڏيڻ فرمايو. حضرت امير خصرو انهي موسيقي جي فن ۾ اهڙي مهارت حاصل ڪئي جو وقت جي نائڪ نالي ”نآئڪ گوپال“ امير خصرو يعني فن جي وڏي تعريف ڪرڻ لڳو. انهي وقت جا سڀئي گويا انهي نائڪ جا عاجز هُئا.
    حضرت امير خصرو جا ايجاد ڪيل راڳ اڄ تائين هلندڙ آهن جنهن ۾ غارا، سرپرد، زيلف وغيره جيڪي امير خصرو جي محنتن جا نتيجا آهن. انهي کانسواءِ ترانو ۽ قول وغيره اوهان جا ئي ايجاد ڪيل آهن. 1491 ۾ راجا مان تنوراج گواليار جو گورنر هو، جيڪو وڏو موسيقيءَ جو پڻ ماهر ٿي گذريو آهي. انهي جي دربار ۾ نائيڪ بيجو مشهور ۽ بي مثال موسيقي جو ماهر هو. ذڪر ڪيل راجا جي وفات کانپوءِ نائيڪ بيجو پنهنجي سڄي عمر سلطان بهادر وائي گجرات جي درٻار ۾ گذاري. انهي زماني ۾ سلطان بهادر جي نالي هڪ نئي ٽو ڊي ايجاد ڪئي جنهن جو نالو بهادر ٽوڊي رکيو ويو، جنهن جو اڄ تائين رواج آهي.
    سلاطين شرقيه جو آخري بادشاهه سلطان حُسين شرقي پڻ علم موسيقي جو استاد ۽ خيال جو ايجاد ڪندڙ هو، خيال کي محمد شاهه بادشاهه دهلي واري جي وقت نعمت خان سدا رنگ ترقيءَ جي ڪمال بلندين تي پهچايو. ڪافي سارا راڳ انهي بادشاهه ايجاد ڪيا جنهن جو رواج يا جيڪي اڄ به ڳايا وڃن ٿا. جهڙوڪ جونپوري حُسيني ڪانهڙآ، حُسيني ٽوڊي وغيره اهڙِ طرح هر مسلمان بادشاهه جي شاهي درٻار ۾ موسيقي جي فن جي ماهرن جو قدر ۽ همٿ افزائد هر دور ۾ رهي.
    مغلن جي دور ۽ خاص ڪري اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ هر علم ۽ فن جا قابل ۽ ڪامل جمع هوندا هُئا.
    علام ابو الفضل آئين اڪبري ۾ لکي ٿو ته تان سين جهڙو گويو هن هزار سالن ۾ نه پيدا ٿيو آهي نه ٿيندو. تان سين ذات جو برهمڻ هو مگر پوءِ مسلمان ٿيو.
    اڪبر بادشاهه پاڻ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هو. ڪانهڙا تان سين جي قبضي جو راڳ هو جنهن کي سنسڪرت ۾ ڪرناٽڪي راڳ چيو ويندو آهي. هي راڳ اڪبر بادشاهه کي ايتري قدر پسند هو جو انهي جو نالو تبديل ڪري درٻاري رکيو ويو.
    تان سين جيڪي قسم ٽوڊي جا ۽ سارنگ جا ايجاد ڪيا انهن ۾ ميان جي ٽوڊي ۽ ميان جا سارنگ مشهور آهن. آئين اڪبير ۾ اڪثر گوين جي فهرست ڏنل آهي، جيڪي شاهي درٻار مان فيضياب ٿيل آهن. جهانگير، شآهجهان ۽ محمد شاهه جي بادشاهت جي وقت ۾ گهڻا موسيقي جا ڪامل ٿي گذريو آهي. انهي جي ڳائڻ جو هڪ خاص انداز هو، جنهن کي باز خاني انداز چوندا آهن. حقيقت هي آهي ته مسلمانن جي دور ۾ جنهن قدر موسيقي جن فن ترقي ڪئي آهي اهڙي ڪنهن به زماني ۾ نه ڪئي آهي. ان کان سواءِ سلاطين ۽ امراءَ ارباب صوفا ۾ پڻ موسيقي جو وڏو رواج رهيو آهي، پوءِ به اوليائن بزرگن جي عرسن ۽ مجلسن سماع محفلن وغيره ۾ هن جو وراج ٿي ويو آهي.
    جيئن ته حضرت محبوب الَهي شاهه نظآم الدين اولياءَ رح جن فرمايو آهي ته الستي آواز ڇهه راڳ ۽ ڇتيهه راڳڻين ۾ ٿيو آهي، جنهن کي مون پوري راڳ ۾ ٻڌو اڪثر اوهان کي حال انهي راڳ ڳائڻ سان ٿيندو آهي.
    هندستاني موسيقي ۾ آواز جا درجا اهڙي طرح نازڪ مقرر ڪيا ويا آهن جو انساني آواز جي ٿوري به حرڪت اهڙِ باقي نه رهي جيڪا موسيقيءَ جي قانون ۾ نه اچي سگهي.
    فنون لطيف جي ماهربن جي گڏيل راءِ اها آهي ته دنيا ۾ هندستان کان بهتر ۽ باقائدي موسيقي ڪٿي به ناهي.

    موسيقي جي معنيٰ

    موسيقي نالو ساز ۽ سرور جو آهي، جنهن کي هندي ۾ سنگيت چوندا آهن ۽ گهڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي لفظ سرياني زبان سان تعلق رکندڙ آهي. موسيقي (مو - جي معنيٰ آواز. سيقي جي معنيٰ گرهه يا ڳنڍ) جيئن ته هن علم جو دارو مدار آواز تي ئي رکيل آهي ۽ آواز مثل گرهه ڳنڍجي پابند ڪئي وڃي ٿي انهي لاءِ انهي علم کي موسيقي چيو ويندو آهي.
    هندستاني موسيقي ۾ اڄ ڪلهه ڳائڻ هنونت مت جي مطابق رواج وڌو ويو آهي، جنهن تحت هن ۾ ڇهه راڳ ڇٽيهه راڳڻيون ۽ اڻ ڳڻيا پتر ۽ بهار جا آهن.
    انهيءَسان به اڪثر ليڪن جن موسيقيءَ جي علم تي ڪتاب لکا آهن، انهن جا پاڻ ۾ اختلاف رهيا آهن. انهي ڪري گهڻن ئي نڊتن سڀني رواجي راڳن ۾ ڏهه ٺاٺ چونڊ ڪيا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته سڀئي رواجي راڳ انتهائي ٺاٺن ۾ ملندا آهن. اُهي ڏهه ٺاٺ هيٺ ڏجن ٿا. جن جا رواجي راڳ عليحده آهن.
    1. ڪلراڻ ٺاٺ
    2. ڪماچ ٺاٺ
    3. بلاول ٺاٺ
    4. پيرون ٺاٺ
    5. پيروي ٺاٺ
    6. اسلوري ٺاٺ
    7. ٽوڊي ٺاٺ
    8. پوربي ٺاٺ
    9. ماروا ٺاٺ
    10. ڪافي ٺاٺ

    باقي راڳ راڳڻين جا تفصيل ڏنا ويندا.
    هونئن ته سنڌي ۾ پڻ علم موسيقي بابت هاڻ گهڻا سارا ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن ۽ موسيقي کي باقاعده تعليم جو حصو بنائڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن پڻ انهي فن جي ڄاڻ ۽ سکيا لاءِ بندوبست ڪيا پيا وڃن.
    انهي ضرورتن کي مدنظر رکندي هي مواد موسيقي جي تاريخ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارن لاءِ محمد عبدالباقي هندستان جي شهر بنگلور جي آڙٽسٽ جي موسيقي ۽ ان جي تاريخ بابت لکيل ڪتاب ”علم موسيقي جو بيان ۽ سمجهاڻي، تان ترجمو سمجهائڻ لاءِ جنهن جو مڪمل ترجمو پڻ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سنڌي ۾ ڪتاب جي صورت ۾ جلد ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو.
    http://www.onlinesindh.com/iderss021.php
    تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو