السلام عليکم دوستو ! منهنجي سام سنگ (گليڪسي گرانڊ پرائم) موبائل جي ڪئميرا آن ٿيڻ ۾ هي ايرير اچي رهيو آهي. مون کي ته سمجهه ۾ نه آيو ته ان جو حل ڇا آهي. جيڪڏهن ڪنهن مهربان دوست ان ايرير جي حل بابت ڪا ڄاڻ آهي ته هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندا.
مونکي ته اسڪرين شاٽ ۾ موبائل جي بيٽري ڊائون نظر ٿِي اچي.. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گليڪسي موبائل بيٽري ڊائون هجڻ ڪري به ڪئمرا کي چالو ناهن ڪندا. ٻيو مسئلو هي ٿي سگهي ٿو ته توهان جي سيٽ ۾ وائرس اچي ويو هُجي ۽ موبائل ڪئمرا چالو نه ٿيندو هُجي.. ! ان ڪري توهان پنهنجي سيٽ کي ريسيٽ ڪريو يا سنڌسلامت جي تجربيڪار دوستن جو انتظار ڪريو.. محترم دوستو ! فاروق سومرو ، عبدالحفيظ لغاري عبدالغني لوهار ڇا توهان وٽ ان جو حل آهي ؟؟
ميموري ڪارڊ فارميٽ ڪريو. ميموري ڪارڊ مان ضروري شين جو بيڪ اپ وٺي پوءِ ئي ميموري ڪارڊ فارميٽ ڪجو اپليڪيشن مينيجر ۾ وڃي ڪري ڪيچي کي ڊليٽ ڪريو. هاڻي موبائيل کي ريسٽارٽ ڪري کولي ڪري ڪيئمرا جو مسئلو حل ٿي ويندو