• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهو دستور دنيا جو

اهو دستور دنيا جو ماڻهو مجبور دنيا جو

سدائين ڪو نه سک ٿيو آ اهو اڻپور دنيا جو

سهي ٿو سور صدماڪو ڏئي ٿو درد ڪو دلبر

ڪري ماڻا ڪو محبت ۾ ڏئي ٿو سور دنيا جو

ڪوئي رنجش ۾ آ راڻو ڪائي راڻي ڪري حيلا

محبت ۾ ۽ الفت ۾ اهو ئي دور دنيا جو

ڪو واعدي کي ڇڏي ٽوڙي ڪو واعدي لئ هڄي هردم

ڪنهن جي دل هنجون هاري جنهن کي ناسور دنيا جو

ڪو تڙپائي ڪري تيور ڪو تڙپي ٿو ادا هتڙي

اهائي يار دنيا ٿي ڪجي ڇا غور دنيا جو

اميدن ۾ ڪنهن کي آرا ڪري ٿو ڪوئي ڪنهن مارا

ڪنهن جي سڪ سوز ٿي وئي آ ڪوئي مغرور دنيا جو


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top