منهنجو نالو نجم الدين ڪنڀر آهي . آئون هن کان پهرين به سنڌ سلامت جو ميمبر رهي چڪو آهيان. ڪجهه وقت علمي مصروفيتن سبب هن اوطاق تان غائب رهيس. غير حاضري سبب منهنجو اڪائونٽ به بند ٿي ويو. هيئر ٻيهر نئين نالي” روشني جي لاٽ“ جي صورت ۾ اوهان دوستن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيو آهيان. آئون پاڻ استاد آهيان.سنڌي ۾ اخبارن ۾ مضمون لکندو آهيان، هن وقت دعوت قرآن ۽ اتحاد امت جي موضوعن تي ڪم ڪري رهيو آهيان. اتحاد امت جي موضوع تي هڪ ڪتاب پڻ لکيو اٿم، جنهن ۾ قرآن جو آيتون ، حديثون، اصحابن، عالن، فقيهن ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي 233 شخصيات جا قول لکيا اٿم. جيڪو ڪمپوز ٿي چڪو آهي. ڪل 1600قول آهن. معلومات قرآن ٿي ڪم هلي رهيو آهي. وقت سر انهن مان ٿورو ٿورو حصو پيو ونڊبو.انشاءَالله.
سائين نجم الدين ڪنڀر صاحب اوهان کي سنڌ سلامت تي ٻيهر ڀليڪار ڪجي ٿي. اميد ته اوهان جون لکڻيون، اوهان جو مرتب ڪيل ڪم ۽ اوهان جا رايا سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء ملندا رهندا. ساٿ سدائين قائم